ڪينيا جي اَوِيناش
اويناش ڀر واري شهر لنڊ (Lund) جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي سال لئبررين هئي، پر هاڻ مالمو شهر جي هڪ فارماسوٽيڪل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي.
” منهنجي پڦيءَ جي شادي ممباسا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي هندو واپاري سان ٿي هئي جيڪي اسان جي گهر ڀرسان رهندا هئا.“ اويناش ٻڌايو، ”جيسين ڪينيا ۾ هيس آئون سنڌي چڱي طرح سمجهندي هيس ۽ ڪجهه ڪجهه ڳالهائيندي پڻ هيس، پر هاڻ فقط ٻه چار جملا ياد آهن: ’ڇا آهي؟ نه کپي، ڇا ٿو ڪرين‘- وغيره.“
سردارجي جو سئيڊش دوست يا ڄاڻ سڃاڻو مسٽر اسٽيگ برگسٽرانڊ ۽ سندس زال بڪتي سٺ ستر سالن جي پيٽي ۾ ٿيندا. خوش نصيب آهن جو سندن ساٿ اڃان سلامت آهي. عمرون ته هتي جي ماڻهن جون سئو کان به مٿي چڙهيو وڃن، سو قدرت ته کين هن ڌرتيءَ تي رهڻ جي کلي آزادي ڏني آهي، باقي زال مڙس پاڻ ۾ گڏ گڏ نٿا رهن. هتي شاديءَ کان ٻه چار سال اڳ ڇوڪرا ڇوڪريون پارڪن ۽ رستن تي به چهٽيا پيا هلندا، پر پوءِ شاديءَ بعد يڪدم جهيڙو جهٽو ۽ عليحدگي ٿيندي ۽ هر ڪو آپي آپي نظر ايندو. جهٽ پٽ روسامن ۽ طلاقن ڪري هتي ٻار Single Parent (يعني هن جو فقط ماءُ يا پيءُ ) هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي ۽ هتي نه زال کي مڙس لاءِ، نه ماءُ پيءُ کي اولاد لاءِ گهڻو خيال آهي.
اهڙي صورت ۾ هن پوڙهي سئيڊش جوڙي جو هن عمر تائين نه فقط ساٿ نڀائڻ پر پنهنجي اولاد جي پڻ سار سنڀال لهڻ ۽ اڪير رکڻ هتي جي حساب سان تعريف جوڳي ڳالهه آهي. پاڻ رکي رکي پنهنجن پٽن ڌيئن جي ڳالهه ڪئي ٿي، جن مان وڏو ميڪائيل هتي جي مشهور اخبار Sydsvenka ۾ اخباري رپورٽر آهي. هنن پنهنجي ڏهٽن کي اڃان به وڌيڪ چاهيو ٿي جن لاءِ بڪتيءَ چيو ته:
Grand Children are like dessert پٽن ڌيئن جا ٻار اهڙا سٺا لڳن ٿا جيئن کاڌي ۾ مٺو.“
ستنام ٻڌايو ته هو اٺن سالن کان هتي سئيڊن ۾ رهيل آهي، ”مون عرب ملڪن ۾ به ٻه چار سال ڪم ڪيو پر عربن وٽ نوڪري پورهيو يا واپار ڪرڻ کان ائين ئي ڀلي آهي. هنن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي پر انسانيت جو خيال نه اٿن. ان ڪري نه ته ڪو آئون سِکُ آهيان يعني غيرمسلم پر عربن جو اسان سڀني پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش، سري لنڪا، افغانستان جي رهاڪن سان اهو سلوڪ آهي. جيتوڻيڪ پاڙي جي ملڪن جو هنن کي وڌيڪ خيال ٿيڻ کپي. ڪو وقت هو جو هو به غريب هئا، دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي جيڪا قدرت کين تيل جي روپ ۾، بنا محنت جي مهيا ڪري ڏني آهي. اهوئي تيل هزار ڏيڍ ميل هيڏانهن هوڏانهن هجڻ سان اسان جي ملڪن جي ملڪيت ٿي سگهيو ٿي، ان تي ايڏو پڏائڻ نه کپي. پر يارو هڪ ڳالهه مون ڏٺي ته ملڪيت سو اٿن، پر صحيح سمجهه نه اٿن ته ان مان مزو ڪيئن وٺجي. کين صحيح طرح Enjoy ڪرڻ نٿو اچي. ان خيال کان هي گورا تيز دماغ آهن.“
ايشيائي ملڪن جا سياسي ساڙ، پوليس جا ظلم، ناانصافيون، رشوت خوري ۽ بدامنيون پسي جڏهن ڪو هن پاسي جي ملڪن ۾ پهچي ٿو ته هي ملڪ ڌاريان هوندي به کيس پرسڪون لڳن ٿا. سڄو ڏينهن ڍور وانگر پورهيو ڪرڻ جي باوجود انسان هتي ذهني طرح تازو توانو ۽ خوش محسوس ڪري ٿو.
”آئون چوان ٿو ته هتي جا ماڻهو ڪي امير نه آهن“، ستنام چيو، ”اسانجي ملڪن جي ڪنهن فقط هڪ شهر جي ماڻهن جو گهر ۾ رکيل سون گڏ ڪري سڄي سئيڊن جي ماڻهن جو سون ڀيٽجي ته هنن وٽ ايترو نه ٿيندو جيترو اسان وٽ آهي، پر ڇاهي جو هنن وٽ زندگي آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. سو هتي جا ماڻهو امير ڪو نه آهن، پر ڇا آهي جو هنن وٽ سسٽم آهي،
هڪ قاعدو قانون آهي، جيڪو غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي. اسان جي فئملي امرتسر جي وڏن زميندارن مان هڪ آهي. اتي جي مون واري بنگلي اڳيان هتي جو ٻن ڪمرن وارو فلئٽ ڪجهه به نه آهي. اتي نوڪر چاڪر، هاري ناري اٿم، پر ته به اتي دل نٿي لڳي جو ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي، ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي. اجايو سجايو ڪوڙن ڪيسن ۾ پوليس جهلي وڃي ته ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو نٿو ٿئي. هتي اهي ڳالهيون ناهن، توهان حق تي آهيو ته دنيا ڀلي اٿلي پوي توهان جو ڪو حق ماري نه سگهندو. آفيس ۾ پهچي آفيسر کي منٿون يا رشوتون آڇڻ بدران فون تي پنهنجي تڪليف بيان ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو ۽ اها ڳالهه هنن گورن ۾ آهي پر اسان وٽ نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته India or Pakistan is not Poor But the System is poor.