عربن جي ڪا خبر نٿي پوي
مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن يا مئريٽائيم سيفٽي ائڊيمنسٽريشن (M.S.A) جيڪو کاتو دنيا ۾ عام طرح ”ائڊمنسٽريشن“ جي نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو، مختلف ملڪن ۾ مختلت وزارتن ۾ اچي ٿو، جيئن پاڪستان ۾ اهو کاتو مرڪنٽائيل مئرين ڊپارٽمينٽ جي نالي سان وزارت مواصلات Communication Ministry of ۾ اچي ٿو ۽ ان سان گڏ جهاز راني، جهاز سازي ۽ ان بابت تعليمي درسگاهه- جيئن مئرين اڪيڊمي وغيره سڀ ان وزارت ۾ اچن ٿا، پر ڪن ملڪن ۾ جهاز راني، وزارت دفاع ۾ اچي ٿي ته جهاز سازي منسٽري آف انڊسٽريز ۾ ۽ مئريٽائيم تعليمي ادارا منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ ۽ مڇين ڦاسائڻ جون ننڍيون ٻيڙيون ۽ مڇين جو ڪم منسٽري آف فشنگ ۾ ورهايل آهي. ڪن ملڪن ۾ جهڙوڪ پاناما ۾، اتي جي جهاز راني ۽ شهري ٽرانسپورٽ سسٽم منسٽري آف جسٽس ۾ اچي ٿو. آفريڪا جي ملڪ نميبيا ۾ به ائين آهي.
جيئن سوِڪس يا پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن کي ڪجهه اهم ملڪن جو آئين ۽ حڪومتي نظام پڙهڻو پوي ٿو، تيئن اسان لاءِ پڻ هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي ۽ جرمني، فرانس، ناروي ۽ پاناما کان ان فيلڊ جا واسطيدار ۽ قابل ڄاڻو پڙهائڻ آيا آهن ۽ اڄ آخري ڏينهن آهي.
ناروي جي پروفيسر اوز چيو ته دنيا جي نظر ۾ وائيڪنگ ڦورو ۽ قزاق هئا يا هيرو پر ان حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته هو دنيا جا بهترين جهازي هئا. هو سڀ کان پهرين دنيا جي ڏوراهين ڪنڊن تائين پهچي ويا هئا. سندن ٻيڙا آئيس لئنڊ ۽ ڪئناڊا واري روٽ کان آمريڪا آيا ويا پئي.
ڪولمبس آمريڪا پهتو ان کان به پنج سئو سال اڳ، ناروي جو مشهور جهازي ’ليف ارڪسن‘ جو آمريڪا ڳولڻ جو لکت ۾ ثبوت آهي ۽ ان جا ڪيترائي اهڃاڻ عام آهن. هنن سامونڊي ملاحن دنيا کي جهازراني ۽ جهازسازيءَ جا ڪافي علم ڏنا. ناروي کي هڪ پاسي تمام وڏو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ ٻئي پاسي سئيڊن ملڪ آهي.
پروفيسر اوز جيڪو ناروي جي وزارت خارجه جو ڊائريڪٽر جنرل آهي، نقشي تي ناروي جي جاگرافيائي پوزيشن سمجهائيندي چيو، ”اسان جو هڪ پاڙيسري سمنڊ آهي جنهن سان اسان جا هميشه کان سٺا تعلقات رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي سئيڊن آهي جنهن سان پڻ، پر فقط ڪڏهن ڪڏهن سٺا تعلقات رهيا آهن.“
ان گڏيل ليڪچر ۾ سئيڊن جي پروفيسر پرارڪسن چيو:
”جهاز رانيءَ ۾ سئيڊن جا پاڙيسري ملڪ، ناروي، جرمني، ڊئنمارڪ تمام گهڻو اڳتي آهن. ماضيءَ ۾ انهن ملڪن جا جهاز ۽ جهازي خبر ناهي ڪٿان ڪٿان وڃي نڪرندا هئا، پر سئيڊن جي رهاڪن کي سامونڊي زندگيءَ سان ايڏو چاهه نه هو. ان معاملي ۾، هن صديءَ جا ڪجهه ڏهاڪا سئيڊن چڱو پاڻ موکيو آهي، ويندي ” ڪو ڪم“ Kokum جهڙا شپ يارڊ دنيا ۾ مشهور ٿيا، پر ستر جي آخري ۽ اسيءَ جي شروع وارن سالن ۾، جهازي دنيا ۾ ايڏي ته ماٺ ۽ واپار جي اڻاٺ رهي جو وڏيون وڏيون ڪمپنيون ترپٽ ٿي ويون. شپ يارڊ ۽ جهازي ڪارخانا بند ڪيا ويا ته وري کلي نه سگهيا آهن. هاڻ تازو ڪنهن اخبار ۾ پڙهيم ته ڪجهه واپاري جهاز وٺي رهيا آهن ۽ سئيڊن ۾ رجسٽر ڪندا.“
جهاز تي جهنڊو مالڪ جي ملڪ جو نه پر ان ملڪ جو ڦڙڪندو آهي جنهن ۾ هو رجسٽر ڪيو وڃي ٿو. ناروي جي پروفيسر اوز چرچو ڪندي چيو:
”توهان سئيڊن جا امير ماڻهو اها تڪليف ڇو ٿا ڪريو، ان ڪم لاءِ اسان ناروي وارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهو ٿا.“
”نه اسان کي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو وڻي ٿو.“ پروفيسر پرارڪسن چيو. فرانس جي پروفيسر باڪسيل سندس ملڪ جي جهازي دنيا بابت ٻڌائيندي چيو: ”فرانس کي شروع شروع ۾ سامونڊي دنيا ڏي ايڏو لاڙو نه هو، پر پوءِ ناروي کان ايندڙ وائيڪنگ اسان جا اهڙا تڙ تپايا، جو پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻڻو پيوسين، سو هڪ خيال کان اسان سندن ٿورائتا آهيون.“
ائڊمنسٽريشن کاتي بابت ٻڌائيندي چيائين:”فرانس جو اهو کاتو عجيب مونجهه وارو آهي. ڏهه سال نوڪري ڪرڻ بعد به ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اهو ڪهڙي وزارت ۾ ۽ ڪهڙي آفيس هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، ڇو جو هن کاتي جي ڪا سيڪشن ڪنهن وزارت ۾ آهي ته ڪا ڪنهن ۾ ۽ ٻين ملڪن وانگر هن کاتي تي ملڪي نظام جو به اثر رهي ٿو، جيڪو هر ملڪ جو پنهنجو آهي.“
۽ پوءِ ماحول کي خوشگوار بنائڻ لاءِ پروجيڪٽر تي پنهنجي آئيڊيا مطابق هٿ جي ٺهيل ٽرانسپئرنسي رکي هن ڪجهه ملڪن جو نظام ڏيکاريو جيڪو گرافڪ انداز ۾ هو ته جيئن آمريڪا جو عوام پنهنجو صدر چونڊي ٿو، جيڪو عوام جي خدمت لاءِ عوام سان ئي لاڳاپيل آهي، روسي پنهنجا ليڊر اهي چونڊين ٿا جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اهم ماڻهو آهن ۽ اهي ئي موج مزا ڪن ٿا، چيني ڪروڙها آدم شماري مان نمائندا چونڊين ۽ پوءِ اهي نمائندا پنهنجن مان ٻيا نمائندا چونڊين ٿا ۽ آخر ۾ هڪ ليڊر سڄي قوم کي منهن ڏئي ٿو. وئٽيڪن جو ليڊر پوپ عوام يا ڪنهن ٻئي جو جوابده ٿيڻ بدران پاڻ کي آسماني طاقت جي ماتحت سمجهي ٿو، لئٽن آمريڪا جي ليڊريءَ جي ڪا خبر نٿي پوي، ڪو مٿي چڙهي ٿو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهو مارجيو وڃي ۽ ٻيو نمبر سندس جاءِ والاري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن قوم جو ليڊر ان ڊپ کان پنهنجي ٻئي نمبر کي ماريو ڇڏي ته متان هو نه کيس ماري سندس جاءِ والاري. Women Lib ائسوسيئيشن ۾ هيٺين جاين (نوڪرين) تي سڀ مرد آهن، جن مٿان عورتون ڪم ڪن ٿيون، اٽليءَ ۾ ڌار ڌار ٽولا پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجو راڄ هلائين ٿا جن جو هڪ مافيا جو سردار آهي، يونان ۾ هڪ فوجي مٿان ٻيو، ٻئي مٿان ٽيو ۽ ٽئي مٿان چوٿون پنجون آهي، عربن جي ڪا خبر نٿي پوي ته ڪنهن جي مرڻ يا لهڻ کانپوءِ ڪنهن جو وارو ايندو؟ اهو ماڻهو عوام مان هوندو يا مئل حاڪم جو پٽ، ڀاءُ، ڀائٽيو يا سئوٽ ماسات هوندو.