دنيا جي وڏي مسجد
اسان جي آلجيريا واري يار منهن کي موڙو ڏئي چيو: ”ايڏي وڏي مسجد ٺهرائڻ مان ڇا فائدو؟ موراڪو ته ڪو ايڏو امير ملڪ به نه آهي، جنهن کي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ جڳائي.“
”اتي جي بادشاهه اهو خير جو ڪم ڪيو آهي.“ سوڊان جي ”عبدالهادي تغاليءَ“ چيو.
”بلي! پاڻ ته الائي نماز به پڙهي ٿو يا نه، باقي خرچ سو پڪ عوام مان ڪڍيو هوندائين. غريبن کان زوريءَ چندا وٺي، پنهنجي مشهوري ڪرائي اٿس. خير جو ڪم تڏهن چئجي جڏهن ڪو هڙئون ڏئي.“ الجيريا جي ساڳي همراهه چيو.
”مون ٻڌو آهي ته سرڪاري آفيسر کان وٺي پٽيوالي تائين هر هڪ جو هڪ مهيني جو پگهار ان مسجد جي چندي ۾ ڪٽيو ويو آهي.“ نائيجر جي ڪئپٽن علي جمبا چيو.
”اڪوح عبدالوهاب جو منهن لٿو پيو آهي. لڳي ٿو ته ان جي غير حاظري ۾ سندس هڪ بدران ٻن مهينن جو پگهار ڪٽيو اٿن.“ سامهون موراڪو جي شاگرد اڪوح کي ڪئنٽين ۾ گهڙندو ڏسي، يمن جي مبارڪ چيو.
”پڇونس ڇا؟“ علي جمبا چيو.
”ڪو فائدو ناهي.“ مبارڪ وراڻيو، ”هو حڪومت ۽ ملڪ جي بادشاهه حسن جو وڏو چمچو آهي.“
”پر جي نه به هوندو ته به ڊپ کان ڪير ڪڇي ته ڏيکاري. موراڪو جي بادشاهه جي ايڏي انٽيليجنس آهي جو مجال آهي جو بادشاهه يا حڪومت جي خلاف ڪو ڳالهائي.“ مصر جي حنفي چيو.
”ان مصيبت ته اسان آفريڪا ۽ ايشيا جي ترقي پذير ملڪن کي تباهه ڪيو آهي. شهنشاهه حاڪم ته ڇا پر اسان جي ووٽن تي چونڊيل صدر، وزيراعظم به پنهنجي خلاف ڪا تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيترو اسان جي اسلامي ملڪن ۾ ڊڪٽيٽرشپ ۽ ڪڇڻ تي پابندي آهي، اوتري ٻي ڪٿي به ناهي.“ سعودي عرب جي ڪنهن شاگرد چيو.
”سڀ کان وڌيڪ ته توهان جي ملڪ سعودي عرب ۾ آهي،“ لبيا جي شاگرد وار ڪيو ۽ سعوديءَ جو شاگرد ڪو جواب ڏئي ان کان اڳ يمن جي مبارڪ حق جي صدا بلند ڪئي، ”ڪجهه به آهي سعودي عرب جو سسٽم وري به سٺو آهي. اتي جا حاڪم توڙي حڪومت پئسي جو صحيح طرح استعمال ڪري رهيا آهن. وطن جو غريب غربو ته سکيو ستابو ۽ پڙهيل ڳڙهيل ٿي ويو آهي، پر ڌاريون ڪمائيندڙ به خوش آهي. جيترو قاعدو قانون ۽ امن امان سعودي عرب ۾ آهي، ايترو ڪو ٻئي ڪنهن هنڌ آهي؟“
بحث هلندو رهيو ۽ هلندو رهيو. جيئن ته اڳ به ڪنهن هنڌ لکي چڪو آهيان ته جڏهن به اسين ايشيا يا آفريڪا جا باشندا _ خاص ڪري مسلمان، بحث ۾ پوندا آهيون ته آخر ۾ کير کنڊ ٿي ڪو ڪڏهن ڪڏهن اٿندا آهيون نه ته اڪثر وڙهي اٿندا آهيون ۽ اصل ڳالهه تان ٿڙي وچئين ڪنهن ٻي ڳالهه تي وڃي پهچندا آهيون. سو ان ڏينهن به موراڪو جي مسجد تان ڳالهه شروع ضرور ٿي پر پوءِ مصر، سعودي عرب، پاڪستان ۽ هندوستان تان ٿيندي اچي آمريڪا تي دنگ ڪيائين. اهو به شڪر جو هڪ ٻئي سان رسڻ بدران سڀ يڪراءِ آمريڪا کي گاريون ڏئي اٿياسين. آمريڪا به هڪ عجيب ملڪ آهي. سڀ گاريون ڏيونس ٿا ۽ سڀني کي وڻي به ٿو! ان ڏينهن هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ چوڻ بدران دل کولي سڀني آمريڪا تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ پوءِ سڀ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي اٿياسين.
جلدي ۾ ان وقت موراڪو جي همراهن کان سندن ان مسجد بابت پڇي نه سگهيس، پر پوءِ پهرين واندڪائيءَ ۾ موراڪو جي اڪوح ۽ مونسان گڏ رهندڙ ٻئي همراهه امين کان ان مسجد جو احوال معلوم ڪيم. هي ٻئي همراهه موراڪو جي بندرگاهن جا وڏا آفيسر آهن ۽ هيءَ مسجد به ڪسب لنڪا جي بندرگاهه ۾ سمنڊ جي ڪناري تي اڌ پاڻيءَ ۾ ۽ اڌ خشڪيءَ تي ائين ٺاهي وئي آهي، جو نمازين کي ائين لڳي ٿو ڄڻ مسجد جهاز وانگر تري رهي آهي. هن مسجد بابت ڪجهه اهم ڳالهيون هن ريت آهن:
مڪي ۽ مديني بعد هيءَ مسجد دنيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي پر سندس منارو سڀ کان وڏو ست سئو فٽ آهي جتان سائي رنگ جا Laser Rays (روشن ڪرڻا) ويهن ميلن تائين مڪي جي رخ ڏي وڃن ٿا، (پئرس جو ايفل ٽاور هزار فٽ کن آهي).
هن مسجد جي هال ۾ پنجويهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ هال کان ٻاهر پنجهتر هزار کن. لنڊن جي سينٽ پال ڪلسيا گهر ۾ فقط ٻه هزار ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
مسجد جي مکيه هال جي ٻارهن هزار چورس وال ڇت، بٽڻ دٻائڻ سان پنجن منٽن ۾ وچ تان رڙهيو پاسن تي وڃيو بيهي.
هن مسجد تي پنج سئو ملين ڊالر خرچ آيو (يعني پنڌرهن ارب رپيا). منجهس ٽي لک ٽَنَ ڪنڪريٽ ۽ چاليهه هزار ٽَنَ لوهه (Steel) استعمال ٿيو آهي. پنجٽيهه هزار رازن واڍن، انجنيئرن، اليڪٽريشن ۽ مزدورن هن مسجد ٺاهڻ ۾ حصو ورتو. ماڻهن ۽ ڪلاڪن جو حساب لڳايو وڃي ته پنجاهه ملين man-hours ٿيا ۽ سڄي مسجد ڇهن سالن ۾ ٺهي راس ٿي آهي.
مسجد جو نقشو ٺاهيندڙ فرانس جو آرڪيٽيڪٽ انجنيئر مائيڪل پنسو آهي. مسجد ۾ پنجاهه بلين جا ڇَٽَ (شانڊليئر) لڳل آهن ۽ هر هڪ وزن ۾ هڪ ٽن (يعني اٺاويهه کن مڻ) ٿيندو.