جهڙو سئيڊن آيو تهڙو نه آيو
”مون چيو پنهنجو مسلمان ڀاءُ آهي، ڀلي سندس ڪم ٿئي.“ ان ايرانيءَ ٻڌايو. ”۽ پوءِ مهيني ٻن بعد مون ته وڃي نئون ورتو پر هو جيڪڏهن وڪڻڻ چاهي ته ان کان وٺجانءِ.“
آئون ٻه ڏينهن منصف جو پڇائيندو رهيس ته ٽيونيشيا جو ڪهڙو همراهه آهي. خبر پيئي ته هو نه هاسٽل ۾ رهي ٿو ۽ نه وري هولما ۾، جتي اسين ڌارين ملڪن جا گڏ رهون ٿا. هو الڳ ٿلڳ هتي جي مڪاني ماڻهن جي پاڙي ۾ هڪ ڪمري جو فلئٽ وٺي رهي ٿو.
جيئن ئي هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ نظر آيو ته مون ساڻس ڪمپيوٽر جي ڳالهه ڪئي.
”ها. مون فقط ٿيسز لکڻ لاءِ ورتو هو ۽ ٻه مهينا ڪي مس استعمال ڪيو اٿم.“ هن ٻڌايو.
”گهڻي وڪڻندين؟“ مون پڇيومانس.
”ٻن هزار ۾ ئي.“
”يار ڪجهه ته گهٽ ڪر.“ مون چيومانس.
”بس ايتري ۾ ڪنهن ورتو ته ٺيڪ آهي جو اهو تمام سٺي حال ۾ آهي ۽ گهٽ استعمال ٿيو آهي.“
”چڱو ڀلا ڏيکار ته سهي.“ مون چيو مانس.
”هنيئر نه، پرينءَ ٻن هفتن جي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمني وڃي رهيو آهيان اتان اچان ته پوءِ ڏسجانءِ.“
جرمنيءَ جي ٽرپ بعد ٽيو ڏينهن منصف کي جيئن ئي يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺم ته ڪمپيوٽر جي ڳالهه ڪئيمانس.
”ڀلا ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ هن فيلسوفن وارو سوال ڪيو.
”اها ڳالهه به صحيح آهي، ان جا مون کي Particulars ٻڌائي ڇڏ يا ان جو ڪتاب ڏيکارجانءِ.“ مون چيومانس.
”چڱو ڀلا جي واندو هجين ته هنيئر هليو هل، پر گهڻو وقت نه ترسي سگهندس جو مون کي ٻئي هنڌ وڃڻو آهي.“
”چڱو ائين به صحيح. مون کي رڳو ان جا انگ اکر نوٽ ڪرڻا آهن ته ڪهڙي ملڪ جو ۽ ڪهڙي ميڪ جي آهي.“ مون چيومانس.
اسان پنهنجا ٿيلها بئگون- جن ۾ ڪتاب ڪاڳر هئا، کنيا ۽ يونيورسٽي ڇڏي بس اسٽاپ ڏي رونا ٿياسين. رستي تي اسان جي ملڪ جو، منهنجو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن سليم قاسم مليو، تنهن کي به ساڻ کنيوسين. بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ ٻه چار رستا ٽپڻا پون ٿا، جن مڙني تي ڳاڙهيون بتيون هيون پر هي ٽيونيشيا جو همراهه انهن جي پرواهه نه ڪندي رستا ٽپندو ويو ۽ اسان به ان پويان. هڪ هنڌ چيومانس:
”لڳي ٿو سئيڊن جي ٽرئفڪ پوليس تنهنجي دوست آهي.“ منهنجي ٽوڪ سمجهي ويو، پر جواب ۾ رڳو کلندو ۽ وڌيڪ رستا ٽپندو ويو ۽ اچي بس اسٽاپ تي پهتاسين. بس اچڻ ۾ اڃان اٺ ڏهه منٽ هئا. هڪ ٻئي جو رڳو منهن ڏسڻ ۽ ماٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽي وي لائسنس جو پڇيومانس ته آيا سئيڊن ۾ اسان ڌارين کي T.V رکڻ جي لائسنس في پيارڻي پوندي يا نه.
”اهي سڀ اجايا کشٽ آهن.“ هن بيزاريءَ مان وراڻيو.
”پر پوءِ چون ٿا ته چڪاس تي ڏهه هزار ڪرونا ڏنڊ وجهن ٿا. ان کان ته بهتر آهي ته لائسنس في شرافت سان ڏجي.“ مون صلاح ورتيمانس.
”آئون ته ڏيان ئي ڪونه.“ منصف وراڻيو.
”پوءِ جي ڪو چيڪ ڪري ته -؟“ مون پڇيومانس.
”مون ٽي ويءَ کي گوڏ ۾ ٻڌي اسٽور روم ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي.“
”تنهنجي معنيٰ تون ڏسين ڪو نه ڇا-؟“
”نه. چيم ته اهي ٽي ويون يا ريڊيا باجا سڀ کشٽ آهن ۽ نارمل زندگيءَ کي ڊسٽرب ڪن ٿا. مون کي قرآن، تفسير ۽ اسلامي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي. ٽي، وي انهن جي پڙهائيءَ ۾ رخنو وجهي ٿي. انڪري مون T.V ڏسڻ ڇڏي ڏني آهي.“
سندس اهي ڳالهيون ٻڌي جائزو لڳايم ته همراهه بيحد مذهبي قسم جو آهي. ان کان علاوه پنهنجي خيالن ۽ اصولن جو آهي. گهڻن ماڻهن کي نه پاڻ وڻي ٿو ۽ نه گهڻا ماڻهو کيس پسند آهن. ان ڪري گهڻو ڪري ٻين کان الڳ ٿلڳ رهي ٿو. پڇيومانس ته فئمليءَ سان رهين ٿو يا اڪيلو.
”اڪيلو.“
”پوءِ هاسٽل ۾ ئي رهيو پيو هجين ها.“ چيومانس.
”ها. پر هاسٽل ۾ رهڻ ائين آهي جيئن جهاز تي رهڻ ۽ هولما جتي پنهنجا عرب، ايراني، ملئي ۽ بنگلاديشي ڪلاس ميٽ رهن ٿا، اتي رهڻ معنيٰ ڄڻ ماڻهو ايشيا ۾ ئي رهيو پيو آهي. پوءِ ماڻهو جهڙو سئيڊن آيو تهڙو نه آيو. ان ڪري آئون پهرين مهيني ۾ ئي هاسٽل ڇڏي، هڪ ڪمري جي فلئيٽ ۾ سوڊوران علائقي ۾ اچي رهيو آهيان، جتي هتي جا مڪاني سئيڊش ماڻهو گهڻا رهن ٿا.“