ڪولمبيا جي ائنا روزا
ڪولمبيا جي هيءَ ائناروزا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ٻيا جهازي نمائندا، هن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ اسان کان ٽي چار مهينا اڳ اچي هتي رهيا. اهي مهينا هي انگريزي سکندا رهيا. سڄي سئيڊن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کڻي سئيڊش زبان آهي، پر يونائيٽيڊ نئشن جي هن يونيورسٽي ۾ پڙهائيءَ جي زبان انگريزي آهي. ائناروزا جنهن سبجيڪٽ Ports & Shipping Administration ۾ گرئجيوئيشن ڪري رهي آهي، اهو منهنجي سجبيڪٽ کان مختلف آهي، پر جيئن ته هاسٽل ۾ هوءَ اسان واري ئي فلور (ٽين ماڙ) تي رهي ٿي (سندس ڪمرو منهنجي ڪمري کان ٻه ڇڏي ٽيو آهي) ان ڪري شروع کان ايندي ويندي هن سان عليڪ سليڪ هلندي اچي. هونءَ به سڀني جي اهائي راءِ آهي ته ڏکڻ آمريڪا جي سڀني خاتون شاگردياڻين ۾ هيءَ سٺي طبيعت جي آهي. سٺي طبيعت جي ان ڪري جو هوءَ سڀني سان کلي کيڪاري ٿي ۽ حال احوال پڇي ٿي. ٻئي جي پريشاني پنهنجي سمجهي ان سان همدري ڪري ٿي. ٻي جي خوشيءَ ۾ خوش ٿي ٽهڪڙا ڏئي ٿي.
انڊيا جو وجئي هانڊا جنهن جي ائنا روزا سان هر وقت کِٽ پٽ رهندي آهي، چوندو آهي:
”ڇوري وڏي تيز ترار آهي، هيءَ مائي ائنا روزا! توهان هن کي سمجهو نٿا. آئون هن جو ڪورس ميٽ آهيان، پهرين نمبر جي مطلبياڻي آهي.“
”پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ته سڀ ڪنگال آهيون وڌ ۾ وڌ رڌپچاءَ لاءِ کڻي اسان کان ٻه بصر پٽاٽا اڌارا وٺندي ٻيو ڇا؟“ اسان جي ملڪ جي مئرين انجنيئر راحت عزيز وارڻيس.
”نه بابا. اها ڳالهه ناهي.“ انڊيا جي پورٽ آفيسر وِجي چيو، ”هن جي انگريزي سٺي ناهي، ان ڪري اسان سان ڳالهائي پنهنجي انگريزي ٿي سڌاري.“
ڀر ۾ بيٺل گهانا جي شاگرد ڪئپٽن پيٽر چيو: ”سائوٿ آمريڪا ۾ عور ت جو قدر ٻُهاري جيترو به نه آهي. سو هن کي سندس کنڊ (ڏکڻ آمريڪا) جا همراهه ته پڇن به ڪونه ٿا. ان ڪري هيءَ پاڻ ۾ زوريءَ پئي پوي.“
”ڪئپٽن پيٽر! تون English speaking ملڪ گهانا جو آهين، تڏهن توسان به سڄو ڏينهن ڪاريڊار ۾ بيٺي راز نياز جون ڳالهيون ڪري نه ته جهڙو تون هن جو پاڙيسري ۽ ڪورس ميٽ آهين تهڙو علي جمبا ۽ البرٽو آهي. علي جمبا نائيجر جو آهي، جتي فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي. البرٽو موزمبيق جي مرچنٽ نيويءَ جو آفيسر آهي جتي پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي. هوءِ سمجهي ٿي ته علي جمبا سان ڳالهائڻ مان انگريزي سڌرندي ڪا نه ويتر خراب ٿيندي جو علي جمبا جهڙي ڪاهل ماڻهوءِ کي اٺ مهينا گذرڻ بعد به خبر نٿي پوي ته مرد لاءِ He استعمال ڪجي يا She.“ وِجي پيٽر کي سمجهايو. بلڪ وِجي جي ته دلي خواهش هئي ته ائنا روزا سان رٺو رهجي ته سٺو آهي.
”هتي هاسٽل ۾ هوءَ توهان سان ڪڏهن ڪڏهن سٺو هلي ٿي نه ته يونيورسٽي ۾ ڏسوس ته ڇتڙي آهي.“ وِجي سمجهايو.
بهرحال ائنا روزا ڏند ڪڍي ايندي ويندي کيڪار کڙي ضرور ڪري ٿي پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن جهڙو ويڙهاڪ به سڄي يونيورسٽي ۾ نه هوندو. ماڻهن سان کوٽي کوٽي جهيڙا ڪرڻ ۾ مشهور آهي ۽ سندس جهيڙو قسطن ۾ اٺ اٺ پهر پيو هلندو آهي. جهيڙي ۾ ناغو (هي لفظ شايد اڙدوءَ جو آهي ۽ هفتي جا ٻه ڏينهن گوشت بند نه ٿئي ها ته اسان اهو لفظ سکي نه سگهون ها ۽ ان جي جاءِ تي انٽرويل يا ساهي لکون ها) سو ائناروزا جهيڙي ۾ ناغو فقط تڏهن ڪندي آهي جڏهن سندس مڙس سال ۾ ٽي مهينا موڪل ڪري هن وٽ اچي رهندو آهي. اهي ٽئي مهينا در بند ڪري پنهنجي مڙس سان اسپيني زبان ۾ وڙهندي آهي ۽ اسان سندس کيڪار کڙي، مٺن ٻولن يا جهڳڙالو جملن کان سڪندا آهيون. جيئن ئي سندس مڙس ڪولمبيا روانو ٿيندو آهي ته سال جا باقي نو مهينا سندس نشانو اسين هوندا آهيون.
آئون کائنس پاسو ڪندو آهيان پر ماڻهو جڏهن ساڳي گهٽيءَ ۾ رهي، ساڳي ميس ۾ ماني کائي، ساڳي بس ۾ سفر ڪري ته پوءِ ٻن ٿانون وانگر ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ٽڪر ٿي سگهي ٿو بلڪ ٿيو وڃي.
هتان نڪرندڙ انگريزي رسالو Look Out ۾ آئون اڪثر ڪالم ۽ مضمون لکندو رهان ٿو. هڪ مضون هن يونيورسٽي تي لکيو هوم ته هيءَ يونيورسٽي نه پر هڪ Mini- world آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا بيحد دلچسپ ماڻهو رهن ٿا. پوءِ ان ۾ جتي ڪجهه ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيم، اتي ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جي به پنجن ڇهن ملڪن (وينزوئلا، چلي، اڪيڊار، ڪاسٽاريڪا، گئاٽمالا) جي عورتن مردن جي ڳالهه ڪيم. اسان جي هن پاڙيسري ائنا روزا جو به ذڪر خير آندم، ڪجهه پاڙيسري هجڻ جو حق ادا ڪرڻ جي خيال کان ڪجهه کيس خوش ڪرڻ لاءِ. ڏنگي ماڻهوءَ کان هرڪو ڊڄي ٿو.
مضمون ڇپجڻ بعد آئون پنهنجي پَر ۾ خوش هوس ته جيئن ئي ائنا روزا پڙهندي تيئن چئن چڱن جي وچ ۾ بيهي، ٿورا مڃيندي ۽ تعريفن جا هار پوئيندي. تعريف ڪنهن کي نٿي وڻي سا به هڪ ڏورانهين ڏيهه جي حسين عورت جي! ٽئي يا چوٿين ڏينهن ميس مان نڪري رهيو هوس ته ترڪيءَ جي جهازن جو چيف انجنيئر حسن بقال گڏيو.
”توکي ائناروزا ڳولي رهي هئي.“ هن ٻڌايو.
”ضرور ڳولي رهي هوندي.“ ٽانءَ مان وراڻيومانس.
”تنهنجو آرٽيڪل پڙهيو اٿس.“ حسن بقال چيو.
”پنهنجو نالو پڙهي خوش ٿي هوندي، ٺَري پئي هوندي.“ مون اعتماد سان چيو.
”ٺري ته نه پر اندر به سڙي ويو اٿس. سخت بگڙي ويٺي اٿئي.“ حسن بقال چتاءُ ڏئي هليو ويو. مون کي سندس ڳالهه تي يقين نه آيو ۽ ان کي چرچو سمجهي هليو ويس. پر پوءِ شام جو جڏهن ڪمري مان نڪتس ته ائناروزا سندس ڪمري وٽ ملي وئي. صبح جنهن ”رعد رڙڪن، گوڙ گڙڪن“ جي اڳڪٿي ترڪيءَ جي ڪلاس ميٽ حسن بقال ڪئي هئي، اُهي هاڻ وڏ ڦڙي جي صورت ۾ ڪڙڪا ڪري وسڻ لڳا.
”مسٽر الطاف! هيءَ آهي تنهن جي شرافت؟“ ائنا روزا ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه ڏک مان چيو.
”ڇو خير ته آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”آئون تنهنجي پاڙي ۾ رهي پئي آهيان، اڃان توکي خبر ناهي ته آئون ڪهڙي ملڪ جي آهيان؟“ هن پڇيو.
”ڇوڀلا-؟“
”هي ڏس،“ هن پنهنجي ڪمري جي در تي لڳل سندس ملڪ جي جهنڊي واري اسٽيڪر ڏي اشارو ڪندي چيو، ”آئون ڪولمبيا جي آهيان، ڪولمبيا جي.“
”ته ائنا، مون ڇا لکيو آهي؟“ مون کي ياد نه پئي آيو.
”تو پورٽوريڪو جي ائنا روزا لکي آهي.“ هن ٻڌايو ۽ هاڻ مون کي به محسوس ٿيو ته واقعي اها غلطي ٿي وئي. هونءَ به اهي اسان جا شروع جا ڏينهن هئا. يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ ٻه سئو کان مٿي شاگردن جا نالا ۽ انهن جا ملڪ ياد رکڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. دل ئي دل ۾ چيم ته اچي اچي غلطي به هن جنڙيءَ جي ملڪ سان ٿي. هاڻ کيس ڪنهن نموني سان ٿڌو ڪريان، سو جلدي ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيومانس، ”ائنا معاف ڪجانءِ هڪ ٻن ٻين نالن سان به ائين ٿي ويو آهي.“
”اهو ته ضرور ٿيو وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي پورٽوريڪو ملڪ سان وابسته ته نه ڪرين ها. ان کان ته ڪا ڪچي گار ڏين ها ته اها به بهتر هئي.“
۽ پوءِ ان ڏينهن مون کي خبر پئي ته ڏکڻ آمريڪا جي ڏهاڪو کن ملڪ جي جيتوڻيڪ ايڪانامي ختم ٿي پئي آهي، سڃ پئي واڪا ڪري، پر ان هوندي به انهن ۾ ڪن جو درجو باگڙي ڀيلن جهڙو سمجهيو وڃي ٿو، ته ڪن جو سيدن پيرن جهڙو.“