سئيڊن کي ٻڪري ڪهڻ کپي
سئيڊن جي هاڻ اها بهترين ايڪانامي نه رهي آهي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙهه ضرور اچن ٿا. اڄڪلهه ويندي سندن سڪي جي قيمت ڪري رهي آهي. گذريل سال هنن ڏينهن ۾ هڪ آمريڪي ڊالر ساڍا پنج ڪرونا برابر هو. اڄ ساڍا ست ڪرونا ڏيڻ تي هڪ آمريڪي ڊالر ملي ٿو، جيتوڻيڪ گذريل سال ڪراچي کان ايندي وقت پنجويهن رپين ۾ هڪ ڊالر مليو ٿي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ پنج رپيا واڌ آئي آهي، سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سئيڊن وڌيڪ سکيو ستابو ٿيڻ بدران پٺتي وڃي رهيو آهي ۽ سندس مالي حالتن ۾ واقعي گهوٽالو اچي ويو آهي. بقول اسان سان گڏ پڙهندڙ ملائيشيا کان آيل چيني شاگرد (ڪئپٽن لِي) جي: ”سئيڊن وارن کي ٻڪري ڪهڻ کپي.“
پڇيومانس ته: ”ڇا مطلب؟“ (پاڻ فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ اسين پنهنجا ڏک درد هڪ ٻئي سان سلي رهيا هئاسين ته هن ملڪ ۾ اچي ڦاٿا آهيون، جتي پڙهائيءَ لاءِ پئسو گهٽ پيو ملي ۽ مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو دال روٽيءَ تي به گذر نٿو ٿئي. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب کان آيل به هتي جي مهانگائيءَ جون دانهون پيا ڪن) ڪئپٽن ليءَ چيو ته وائيس چانسلر ٻڌايو پئي ته سندس يونيورسٽي توڙي ملڪ مالي مشڪلاتن ۾ آهي. سو الطاف ! هاڻ ته کين ٻڪري ڪهڻ ئي ڪهڻ کپي“.
ڪئپٽن لي کان جڏهن ان جو مطلب پڇيم ته ٻڌائڻ بدران چوڻ لڳو: ”مون کي ڪهڙي خبر، تون مسلمان آهين توکي خبر هوندي. ملائيشيا ۾ جڏهن به ڪنهن مسلمان ملئي تي ڪا اگهائي يا پئسي ڏوڪڙ جي تنگي يا ڪا مصيبت ايندي هئي ته هو ٻڪري ڪهندو هو.“
اهو چوڻ تي سندس ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ ٻئي ڏينهن عرب شاگردن کي ڪئپٽن لي جي اها ڳالهه ٻڌايم ته سئيڊن وارن کي صدقو ڪڍڻ کپي.