هتي جا ماڻهو خاموش طبع ڇو آهن
هتي جي ماڻهن جو گهٽ ڳالهائو ۽ شرميلو هجڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي ٿيوري آهي ته ان جو سبب هتي جي خراب موسم، ڊگهو ۽ اونداهو سيارو، گهٽ آدشماري ۽ ٻيلا آهن.
خراب موسم معنيٰ سخت سيءُ ۽ تکي هوا جنهن ۾ هونءَ ئي ڳالهائڻ ۾ ڪو مزو نٿو اچي ۽ صحت جي خيال کان پڻ وات بند رکجي، جيئن ٻاهر جي ٿڌي هوا جيڪا ڇهه مهينا کن ڪاٽو ڏهه ڊگرين کان به هيٺ ٿيو وڃي اها يڪدم وات ۾ وڃڻ ڪري نڙي ۽ ڦڦڙن جون بيماريون ۽ وات جي ڄاڙي نه ڦيرائي ڇڏي. اهي جيڪي اٻاسي ڏيندي وات تي هٿ ڏيڻ ضروري نه سمجهندا آهن، انهن کي به هتي اچي احساس ٿيندو آهي ته اهو عمل ڪيڏو اهم ۽ ضروري آهي.
هتي جو سيارو اسان وانگر مهيني ڏيڍ جو نٿو ٿئي، بلڪ ڇهه ست مهينا هلي ٿو ۽ اونداهو ان ڪري آهي جو راتيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ڊسمبر جي مهيني ۾ رات ويهه ڪلاڪ کن ٿيو وڃي، اڃا به مٿي اسٽاڪ هوم، جمٽ لئنڊ ۽ ڪيرونا (Kiruna) ۾ ته سياري ۾ ٻاويهه ٽيويهه ڪلاڪ اونداه ٿئي ٿي ۽ باقي جيڪو ڏينهن ٿئي ٿو اهو سج کان محروم رهي ٿو. هر وقت گهاٽن ڪڪرن ۽ سخت ڌنڌ ڪري ڏينهن جو به اوندهه رهي ٿي ۽ اوندهه ۾ گهڻو ڪير ڪيڏانهن نڪرڻ چاهيندو؟ ايتريقدر جو سياري جي هنن مهينن ۾ کيڏڻ لاءِ ٻار به گهڻو نٿا نڪرن.
نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ فيروز ميمڻ کان پڇيو هوم: ”تنهنجا ڪتاب ڪهڙن مهينن ۾ گهڻا کپن ٿا؟“
وراڻيائين: ”سياري ۾.“
”ڇو ڀلا؟“ مون سبب پڇيومانس.
”ان ڪري جو سج جهٽ لهي ٿو ۽ هر ڪو گهر ڀيڙو اچيو ٿئي ۽ رات وڏي ٿيڻ ڪري هر هڪ کي ڪتاب پڙهڻ جو وقت مليو وڃي.“
اها ته ٿي حيدرآباد، نوابشاهه واري جاگرافي حصي جي ڳالهه جتي سياري ۾ وڌ ۾ وڌ سج ٻه ڪلاڪ جهٽ لهي ٿو، ان مقابلي ۾ هتي جي يعني سئيڊن جي حالت ته تمام وڌيڪ آهي ۽ واقعي ڏسڻ وٽان آهي، سياري ۾ رستن گهٽين تي ”ڪڪڙون تو“ هوندي آهي. هر ڪو بس مان لهڻ سبب گهر ڏي ڀڄي ٿو، نتيجي ۾ هر ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ جو موقعو گهٽ ملي ٿو.
هتي جي آدمشاري به گهٽ آهي ۽ ملڪ سڄو ٻيلن سان ڀريو پيو آهي. (انگن اکرن موجب سئيڊن جي اڌ ايراضي- اٽڪل ساڍا چار لک چورس ڪلوميٽر ٻيلو آهي). صدين تائين هتي جا ماڻهو هيڏانهن ٻيلن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هنن جو شروع کان هڪ ٻئي سان وجهه ۽ واهپو گهٽ رهندو اچي، سو خاموش طبيعت ٿي پيا آهن.
هڪ همراهه واهه جي دلچسپ ڳالهه ڪئي. چيائين، “خبر اٿئي سئيڊ گهٽ ڳالهاڻو ۽ ڌارئين جي گهٽ آڌرڀاءُ ڪرڻ وارا ڇو آهن؟- ان ڪري جو هو صدين تائين پري پري ۽ اڪيلا اڪيلا ٻيلن ۾ رهيا، هنن وٽ ڪو ايندو ويندو نه هو. پنجين ڇهين مهيني ڪو ايندو هو ته اهو بادشاهه سلامت جو ايلچي ڍل يا پئسن جي اوڳڙ ڪرڻ لاءِ اچي ڪڙو هڻندو هو، جنهن لاءِ ڪنهن کي به دل ۾ سڪ يا اوسيئڙو نه هوندو هو ۽ هو خوشخبري کڻي اچڻ بدران پئسو ۽ مال کسڻ ايندو هو. نتيجي ۾ هنن لاءِ هر ڌاريو ماڻهو، چاهي پنهنجي ملڪ جو هجي يا ڌارئين جو _ اڄ به هڪ اڻ وڻندڙ شخصيت تصور ڪيو وڃي ٿو.