الطاف شيخ ڪارنر

جت برف پئي ٿي جام

الطاف شيخ جو ھي ڪتاب اتر يورپ ۽ اسڪئنڊينيوين ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ ۽ ڊنمارڪ جي سفرنامي تي مشتمل آھي. ڪتاب جي ھر ليک ۾ مشاھدا، دلچسپي، نواڻ ۽ ڄاڻ آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ يورپ جي ماڳ مڪانن، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن کي مختلف موضوعن جي شڪل ۾ چٽيو آهي، الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي مختصر جائزو وٺي يورپ گهمائي ٿو ۽ الطاف شيخ جڏهن پرڏيھ تي لکي ٿو تہ ڪيترين جاين کي پنھنجي ملڪ سان ڀٽيندو رھي ٿو. ڪتاب جو مھاڳ انور پيرزادي لکيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 63
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جت برف پئي ٿي جام

سئيڊن جو سوشل سسٽم

هڪ گهر ۾ پنج ڀائر ۽ ڀيڻون رهيون ٿي. اڄ ننڍا سڀان وڏا. سڀئي ڀائر جيتوڻيڪ هڪ غريب ماءُ پيءُ جو اولاد هئا پر محنت ڪري سڀ وڃي سٺي روزگار کي لڳا. پوءِ ڪو ڊاڪٽر ٿيو ته ڪو انجنيئر، ڪنهن ماستري کنئي ته ڪنهن واڍڪو ڌنڌو، هڪ دڪاندار به ٿيو. ڀيڻن جا مڙس به سٺي روزگار تي وڃي لڳا. بهرحال جنهن جيترو ڪمايو ٿي اهو اوترو خرچي خوش ٿيو ويٺو هو، ڪنهن کي ڪو فڪر يا اونو نه هو ۽ هنن سمجهيو ته ائين زندگي گذرندي رهندي.
پر ائين نه ٿيو. ڪجهه سالن بعد انهن ڀائرن ۾ جيڪو ڊاڪٽر هو ان کي ڪا دل جي بيماري ٿي پئي ۽ گذاري ويو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جي وڏي ڪمائي هجڻ ڪري هن جا ٻار ٻچا سڀ ۾ سکيا هئا پر هن اوچتي موت ڪري هنن تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا. باقي ڀائرن ڀينرن ٿوري گهڻي مدد ڪئي، پر هر هڪ کي پنهنجو ئي وڏو عيال هو. پنهنجن جي پورائي ڪن يا گذاري ويل ڀاءُ جي اولاد جي.
”هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو“، هنن سوچيو، ”هاڻ اسان کي اهو ڪي ڪرڻ کپي جيئن آئندي ڪنهن تي ڏکيو وقت نه اچي.“
هنن ويهي فيصلو ڪيو ته پهرين ڳالهه ته جيڪي ڪمائجي اهو کائي پورو نه ڪجي. ڪنهن جو گهٽ پگهار هجي يا وڌ هر هڪ کي پنهنجي معيار ۽ پنهنجي ڪمائي (يعني حيثيت) کان گهڻو گهٽ هلي هڪ ته ڪجهه بچائجي ۽ ٻيو ته هر ڪو پنهنجي پگهار جو هر مهيني ڏهه سيڪڙو هڪ ڪامن فنڊ ۾ جمع ڪرائي. پوءِ ڪنهن جي ڪمائي هڪ سئو ڊالر آهي ته اهو فقط ڏهه ڊالر ڏئي ۽ آهيون ته هڪ ئي ابي امان جو اولاد ڪو جيڪڏهن پنهنجي محنت يا حالتن جي سازگار هجڻ ڪري گهڻو ڪمائي رهيو آهي ته هن کي کپي ته هو غريب ماستر يا واڍي جيترو نه پر وڌيڪ ئي ڏئي _ يعني جيڪڏهن ٽي سئو ته ٽيهه ڊالر ۽ پنج سئو آهي ته پنجاهه ڊالر ڏئي (يعني اهو ئي ڏهه سيڪڙو). اهو فنڊ امر جنسي لاءِ گڏ ٿيندو رهي. اتفاق سان اسان مان ڪو گذاري وڃي ته ان جي فئملي جي مدد ڪجي ۽ ڪو پنجاهه سالن جو ٿئي ته ان کي پينشن به ڏجي. سڀني خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
پوءِ جڏهن ڪو پنجاهه تي پهتو ته هن چيو، ”بابا آئون گهر ۾ ويهي گڏ ڪيل فنڊ مان پينشن نه وٺندس. منهنجي هڏن ۾ سگهه آهي، ڇڏيو ته ڪمائيندو رهان، پوءِ جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويندس ته پوءِ کڻي فنڊ مان پئسو وٺندس! اهڙي طرح جنهن جنهن جي اها حالت آئي ٿي ته هن چيو ٿي:
”منهنجا ٻار وڏا ٿي ويا آهن، اهي به ڪمائين پيا ۽ مون کي هو جڏهن منهنجي ضرورت موجب ڏين پيا ته فئمليءَ جي گڏ ڪيل هن فنڊ مان اجايو ڇو وٺان.“
ائين فنڊ ويو ٿي وڌندو، ان سان گڏ هنن کي پٽ، پوٽا، ڏهٽا، ڏهٽيون ٿيون. انهن مان به جيڪو روزگار کي لڳو ٿي ان ڏهه سيڪڙو فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڏنو ٿي. انهي دوران ننڍن وڏن گڏجي سالياني گڏجاڻين ۾ ڪجهه ٻيا به فيصلا ڪيا، جيئن ته ڪمائيءَ جي ڏهه سيڪڙو بدران ويهه پنجويهه سيڪڙو فنڊ ۾ وڌو وڃي ۽ ان مان گهر ٺهرايا وڃن، پوءِ خاندان جي جنهن ٻار جي شادي ٿئي ان کي اهو مسواڙ تي ڏنو وڃي ۽ ان جي ٻارن جو تعداد وڌڻ تي اها مسواڙ گهٽائبي وڃجي، جيئن هو ڪمايل پئسو ٻارن تي لڳائي انهن کي صحتمند بنائي ۽ کين چڱي طرح پڙهائي ۽ هنر ڌنڌو سيکاري.
سڀني ان تي عمل ڪيو ۽ هن خاندان جا ماڻهو ٻين کان وڌيڪ خوش ۽ تسلي بخش زندگي گذارڻ لڳا. ها مردن سان گڏ سندن عورتون به نوڪريون ۽ پورهيا ڌنڌا ڪرڻ لڳيون. پوءِ ڪا نرس ٿي ته ڪا ماسترياڻي ٿي. ڪنهن ڪپڙي جو دڪان هلايو ٿي ته ڪنهن سيڌي جو. هر هڪ سان اهوئي اصول لاڳو هو ته ڪمائيءَ جو مقرر سيڪڙو خانداني فند ۾ ڏيڻو آهي، جيڪو هر هڪ ايمانداريءَ سان ڏيندو رهيو ۽ فنڊ وڌنڌو رهيو. ڪجهه سالن گذرڻ بعد هنن ڪجهه ٻيا فيصلا ڪيا ته عورتن جي يا ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ هر هڪ ماءُ کي ان فنڊ مان وڏي رقم ڏني وڃي جيئن هر هڪ ماءُ صحتمند ٻار ڄڻي ۽ سٺي کان سٺي اسڪول ۾ هن کي داخل ڪري ۽ جنهن به مرد يا عورت کي ڪا نوڪري يا ڌنڌو نه ملي سگهي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڊالر مهيني ۾ ڏجن جنهن مان نه فقط هو جاءِ جي مسواڙ، بجليءَ جو بل، مهيني جو سيڌو ۽ ڪپڙو لٽو ڪري سگهي پر چار پئسا چانهه پاڻيءَ لاءِ به بچائي سگهي. ٻارن جي توڙي ماءُ جي اگهائي سگهائي لاءِ پئسا پڻ ان فنڊ مان ڏنا ويا ٿي ته هر هڪ ٻار جي پڙهائيءَ لاءِ پڻ، سو بي روزگاريءَ جي حالت ۾ به هرڪو خوش هو. پر اها ٻي ڳالهه هئي ته بيروزگار رهڻ تي هر هڪ پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿي ۽ ڪا سٺي نوڪري يا هنر نه اچڻ جي صورت ۾ مزور ٿي پورهيو ڪرڻ ۾ به هنن وڌيڪ خوشي محسوس ڪئي ٿي. هر هڪ چاهيو ٿي ته ان فنڊ ۾ اسان پئسا وجهون، وٺون نه. بلڪل لاچاري ٿي پوي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي.
اهڙي طرح سالن پٺيان سال گذرڻ تي هي خاندان ويو وڌندو ۽ سکيو ستابو ٿيندو ۽ سندن وچ جو فنڊ ويو وڌنڌو. پوٽن ڏهٽن جا به پٽ پوٽا ٿيندا ويا ۽ هي خاندان ايڏو وڌي ويو جو سڄو ڳوٺ ٿي ويو. هن خاندان جي ڪنهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ ڌارين مان شادي ڪئي ٿي ته ان کي به هنن پنهنجو سمجهيو ٿي ۽ کيس اهائي سهوليت مهيا ڪئي ٿي، جيڪا پنهنجي کي. شادي بعد جي طلاق ٿي ٿي ته به هن کي پنهنجو سمجهي، بيروزگاري جي حالت ۾ فنڊ مان ڏنو ٿي ۽ ان جيڪڏهن ٻي شادي ڪري هڪ ٻي ڌارئين ماڻهوءَ کي آندو ٿي ته ان کي به پنهنجو سمجهيو ٿي. ان سان گڏ هنن ٻيا به ڪم ڪيا، شاديءَ تي جوڙي کي نئون گهر گهٽ مسواڙ تي ته ڏنائون ٿي پر طلاق ٿيڻ تي هنن کان اهو واپس وٺڻ بدران هرهڪ کي ڌار گهر ڏنائون ٿي جيئن هنن کي طلاق جو صدمو ۽ مالي مونجهاري جي پريشاني نه رهي.
وچ ۾ هڪ اهڙو دور اچي ويو جو ٻارن جو ڄم گهٽجي ويو. گهڻن ٻارن ڄڻڻ بدران هر هڪ هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار ڄڻڻ لڳو هو. خاندان جي وڏڙن نوجوانن کي چيو: ”بابا ڀلي گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو، پئسو ڏوڪڙ، جايون جڳهيون کوڙ آهن،“ ۽ پوءِ فيصلو ڪيائون ته جيئن ئي ماءُ پيٽ سان ٿيندي ته هن کي ان وقت کان هر مهيني ٻار جا پنجاهه کن ڊالر خرچي ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ ڏبا جيسين ٻار ارڙهن سالن جو ٿئي. ان کان علاوه ويهه کن ڊالر ماءُ کي خرچي ڏبي، ۽ جاءِ جي مسواڙ گهٽائڻ جو اڳهين فيصلو ڪري چڪا هئا ته هڪ ٻار ڄمڻ تي اڌ مسواڙ معاف، ٻن تي ٽي حصا معاف ۽ جي ٽيو ٻار ٿو ٿئي ته سڄي معاف.
مٿين ڪهاڻيءَ کي اڃا به وڌائي سگهجي ٿي پر اها ايستيائين ڪافي آهي. اها هڪ سچي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو جو سئيڊن جي اهائي ڪهاڻي آهي. سئيڊن جا ماڻهو محنتي پورهيت ۽ هوشيار آهن. هو پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ايمانداريءَ سان سرڪار کي ٽئڪس ۾ ڏين ٿا. ڪو بنا اولاد مري ٿو ته پنهنجي ملڪيت به سرڪار کي ڏيو وڃن ڇو جو هنن کي خبر آهي ته هنن جي سرڪار هنن جي ٽئڪس مان هنن لاءِ سٺا رستا، سٺيون بسون، سٺيون اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرائي ٿي. اگهائي سگهائي توڙي اسڪول جو بار سرڪار پنهنجي مٿي تي کڻي ٿي.