عرب، شيدي ۽ اسان
مثال طور آفريڪا جا شاگرد ’اتر آفريڪا‘ ۽ ’ڏکڻ آفريڪا‘ جي حساب سان ٽولا ٺاهي وهندا آهن. هنن جو کاڌو پيتو، رهڻي ڪهڻي، رسم رواج ۽ طبيعت ۽ مزاج ۾ چڱي حد تائين هڪجهڙائي ملندي. جيئن کڻي چئجي ته سنڌ جي مختلف ضلعن جا ماڻهو اسلام آباد ڪنهن ڪورس لاءِ وڃن ته اتي ٿي سگهي ٿو ته اتر وارن کي پنهنجو ٽولو ٺاهي رهڻ ۾ مزو اچي ۽ لاڙ يا وچولي وارن کان الڳ ٽولي ۾. سو ان حساب سان اسان وٽ ڪينيا، نائيجيريا، نائيجر، گهانا، موراڪو، موريطانيا، لبيا، مصر جا گڏ ويٺا هوندا آهن ۽ اهو سڄو اتر آفريڪا جو ٽولو سڏجي ٿو. ڪڏهن وري اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ٽولو ٿيڻ بدران آفريڪا کنڊ جو اوڀر ۽ اولهه وارو ڪنارو ٿي ويندو آهي. جيئن دادو ۽ لاڙڪاڻي جا هونءَ ڀلي اتر جا سڏائين پر ڪيترن مسئلن ۾-بيروزگاري، سياستدانن جي بي توجهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي حساب سان دادو، ٺٽو، ٿرپارڪر جا ماڻهو پاڻ کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو سمجهن، تيئن ڪڏهن ڪڏهن ميس ۾ ڏسبو ته آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارا سوڊان، صوماليا، ڪينيا، موزميق، تنزانيا، ويندي يوگنڊا ۽ مالاوي ملڪن جا همراهه هڪ ٿي ويهي پنهنجا ڏک سور سليندا آهن. اهڙي طرح آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا الڳ. ڪڏهن وري جاگرافيائي ورهاست بدران زبان موجب ٽولا ٿي ويندا آهن. نائيجر، آئوري ڪوسٽ، سينيگال، ٽيونيشيا، موريطانيا جا هڪ ٿي فرينچ زبان ۾ بحث ويٺا ڪندا آهن ۽ پنهنجي فرينچ حاڪمن ۽ فرانس کي گاريون ڏيندا آهن.
”چڱو جو پاڪستان هندوستان تي انگريزن جي حڪومت رهي،“ هڪ ڏينهن نائيجر جي علي جمبا مون کي چيو هو، ” انگريز وري به فرينچن کان بهتر آهن. مڪاني ماڻهن جو ڪجهه ته خيال ڪيائون ٿي، فرينچن ته جتي به راڄ ڪيو، اتي اهڙي ڀينگ ڪئي جو آزاديءَ بعد به اسين اڃان پاڻ کي لولا لنگڙا سمجهون ٿا. اسان ڀانيون ته پاڪستان مان ڊئريڪٽ چانور گهرايون پر اڄ به اسان جو سسٽم اهڙو ته بيڪار آهي جو ائين ڪري نٿا سگهون. اسان کي پئرس جي ايجنسي معرفت ئي گهرائڻا پون ٿا، نتيجي ۾ اسان کي هر شيءِ مهانگي پوي ٿي.“ وغيره.
ڪڏهن وري آفريڪا جي ملڪن جا هي شاگرد (عورتون ۽ مرد) ڪنهن يورپي زبان، فرنيچ، اسپيني، اطالوي، بدران مذهب جي حساب سان گڏ ٿي وهندا آهن. جيئن نائيجريا، سوڊان، موريطانيا، ڪينيا جا مسلمان، پر پوءِ ان ۾ مصرين کي شامل نه ڪندا آهن، جو اهي ملڪ ان وقت پاڻ کي شيدي (آفريڪي ڪارا) پهرين ۽ مسلمان پوءِ سمجهن. ۽ مصر کڻي اڌ آفريڪا ۾ ۽ اڌ وچ اوڀر ۾ اچي ٿو پر جيئن ته مصري پاڻ کي عرب وڌيڪ سمجهن ٿا. ان ڪري آفريڪا جا مسلمان مصري توڙي آلجيريا، ٽيونيشيا، لبيا وارن کي ڌاريون ڪري سمجهن. پر پوءِ ڪو ڪامن مذهبي مسئلو ٿئي ٿو ته سڀ گڏجيو وڃن. جيئن هڪ دفعي انگريزي پڙهائڻ واري هڪ آمريڪن ماسترياڻيءَ خبر ناهي ڪٿان آندل Notes پڙهڻ لاءِ ڏنا. انهن ۾ هڪ هنڌ اهو لکيل هو ته مافيا مسلمانن شروع ڪئي. پوءِ ته اهڙو هنگامو مچي ويو جو بس. ڪارا اڇا، آفريڪا ۽ ايشيا جا سڀ مسلمان گڏ ٿي وياسين. ريڪٽر (وائيس چانسلر) غلطي محسوس ڪري يڪدم کڻي معافي ورتي.
اهڙي معاملي ۾ اسلام خطري ۾ سڀ کان اڳ پاڪستانين کي نظر ايندو آهي. پر هتي اچي ڏٺو اٿم ته بنگالي اسان کان به ٻه رتيون وڌيڪ جو شيلا ۽ ڦڙٻاٽي آهن. هڪ ڏينهن ريڊيو تي خبر آئي ته ياسر عرفات جنهن جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو، اهو گم ٿي ويو آهي. پوءِ شام ڌاري خبر پئجي وئي ته جهاز ۾ ڪا خرابي هئي يا ڪنهن سبب ڪري پائليٽ ٻئي ملڪ ۾ جهاز Crash-land ڪرايو. ياسر عرفات کي به ڪي هڪ ٻه رهنڊون آيون پر خير ٿي ويو، پر جيسين جهاز ۽ ياسر عرفات جي خير خبر اچي تيسين پاڪستانين ۽ بنگالين جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هر هڪ آمريڪا تي ڏوهه پئي ڏنو ته پڪ اهي ڪم آمريڪن جا آهن. ڏهين بجي ڌاري رسيس ۾ جيئن ئي ليڪچر هال کان ٻاهر نڪتس ته بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب ورائي ويو چي: ”هم ڪو ڪوڇ ڪورنا چاهئي.“ (اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي).
”ڇا ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيومانس.
”هي جيڪو هڪ ٻه پنهنجو آمريڪن ليڪچرار آهي ان کان بدلو وٺڻ کپي.“ هن راز واري نموني سان چيو.
”هوش ڪر. پهرين ڳالهه توکي پڪ آهي ته ياسر عرفات مارجي ويو آهي؟ ٻي ڳالهه ته جي مارجي ويو آهي _ جهاز Crash ٿي ويو آهي ته به ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته آمريڪن ماريو آهي؟“
”بلڪل آمريڪن ماريو آهي، اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هن وراڻيو. ايتري ۾ ٻيا بنگالي ۽ اسان جو هڪ پاڪستاني به پهچي ويو.
”اسلامي دنيا سان هي وڏو ظلم ٿي ويو آهي. ياسر عرفات کي آمريڪا شروع کان ئي نٿي سٺو، هاڻ نيٺ ماريائونس.“ هنن سڀني هڪ آواز ۾ چيو.
”پر ڪي ته اهو چون ٿا ته ياسر عرفات آمريڪا جو چمچو آهي. اسرائيل کان عرب ڌرتي واپس وٺڻ ۾ هو رنڊڪ آهي.“ مون چيو مان.
”ٿي سگهي ٿو پر هي سنئون سڌو آمريڪا ماريو آهي. ٻيو نه ته اسان کي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ کپي ۽ عام هڙتال جو اعلان ڪرڻ کپي.“ بنگلاديش جي همراهه چيو.
”پوءِ خبر پوي ته ياسر عرفات کي آمريڪن ته ڇا ڪنهن به نه ماريو آهي ته سوچيو ته ڇا خواري ٿيندي. سڀ ڪو چوندو ته هي پاڪستاني ۽ بنگالي ته ڪي چريا آهن.“ مون چيو مان.
”پر اسان مسلمان آهيون اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هڪ ٻئي بنگالي چيف انجنيئر مظهر چيو.
”يار مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي انٽرنيشنل ماحول ۾ رهي اسان ڪيتري حد تائين غير ڊپلوميٽڪ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ڇا اسلام ائين ٿو چوي. ٻي ڳالهه ته جن جو ياسر عرفات چاچو مامو آهي، اهي ته سڀ چپ ويٺا آهن. تقريبن سڀني عرب ملڪن جا شاگرد هتي موجود آهن، سعودي عرب، يمن، جبوتي کان وٺي مصر، موراڪو، لبيا تائين، انهن مان ته هڪ به اهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري. ڪو سگريٽ ويٺو ساڙي، ڪو ڪافي پيو پئي ته ڪو ٽيليفون تي ڏند ڪڍيو ويٺو آهي. ان کانسواءِ ملائيشيا، انڊونيشيا جي مسلمانن کان وٺي نائيجر، نائيجيريا تائين جا موجود آهن، پر سڀني اها خبر ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي آهي. اسان هڪدم غلط سلط فيصلي تي پهچي ڄٽڪو ايڪشن کڻڻ چاهيون ٿا. نتيجو اهو ئي نڪرندو ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن جا غير مسلمان باشندا ته ٺهيو پر پنهنجا ئي مسلمان ملڪن جا دوست به پاڻ کي دهشگرد ۽ Terrorist سڏيندا ۽ سڀ پاڻ کان خوف کائيندا.“
بهرحال شام تائين خير ٿي ويو نه ته آئندي هن قسم جي يونيورسٽين ۾ مسلمانن _ خاص ڪري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن جي داخلا تي خوامخواهه سختي ٿي وڃي ها. سو ان ڏينهن اهو محسوس ڪيم ته بنگالي ته ڪي اسان کان به وڌيڪ اڌ مغزي آهن.