رات ڏينهن جو فرق
منصف وري چڙ جو اظهار ڪندي مون ڏي فقط اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ مونکي چئي رهيو هجي: ”عجيب بيوقوف انسان آهين! ڪهڙا ڇسا سوال پيو ڪرين؟“
پر آئون به ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لا ءِ ڪجهه سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ کوٽ کوٽ ڪندو رهيس ۽ ٻئي دفعي پڇڻ تي نيٺ وات کوليائين:
”يار پنهنجا ملڪ به ڪي ملڪ آهن، جن جا حولا ڏنا وڃن؟ ٽيونيشيا اڄ ڏينهن تائين ڪو فائر ايڪسٽينگشر ئي نه ٺاهي سگهيو آهي، ايجاد ته ٿي پري جي ڳالهه. ان جو ڇا مثال ڏجي؟ اها ئي ته اسان جي ترقي پذير ملڪن جي بڇڙائي آهي ته هڙ ۾ لڀي هرير به ڪانه، وتن وڏيون ڳالهيون ۽ کوکلا شان قائم ڪندا. پوءِ دنيا اسان تي کلي ٿي.“
دل ۾ چيم: بس هاڻ ان عنوان کي به ڇڏيان، نه ته هن جون ست سريون ٻڌڻيون پونديون.
”منصف! تو ڪمپيوٽر ڇو ورتو، يونيورسٽي ۾ جام رکيا آهن، گهر ويجهو اٿئي، يونيورسٽي اچي استعمال ڪرين ها.“ مون چيومانس.
”مون هي ڪمپيوٽر ان لاءِ ورتو جو منهنجا لکڻ پڙهڻ جا وقت ابتا آهن. ڏينهن جو مونکان STUDY نٿي ٿئي. آئون عشا نماز پڙهي سوير ئي سمهي رهان ٿو، ان بعد آڌي رات جو اٿي پڙهندو آهيان.“
”تهجد نماز لاءِ اٿندا هوندائو؟“ مون پڇيومانس.
”هائو. الطاف! الله جي فضل سان جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي اڄ ڏينهن تائين ڪا نماز نه وڃائي آهي. هر نماز وقت تي پڙهان ٿو. پڙهائي ۽ نوڪريءَ دوران لنڊن، پئرس- خبر ناهي، ڪهڙين ڪهڙين ولايتن ۾ رهيس، پر نماز نه ڇڏيم.“
مون سندس اها ڳالهه ڪريڊٽ جي خاني ۾ پنهنجي دماغ ۾ نوٽ ڪئي. هن شخص جو رب سان ايڏو لڳاءُ آهي، جو دنيا جي هن کي پرواهه ناهي. ڪيترا ماڻهو واندا هوندي، گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽ ويجهو مسجد هوندي، کين نماز جو وقت نٿو ملي. پر منصف چاهي ٿڌ هجي يا پارو پيو وسي، ڪيترو به اهم ڪلاس، ميٽنگ يا دعوت هجي مالمو شهر جي واحد مسجد ۾ سڀ کان اڳ جمعي نماز لاءِ پهچڻ لاءِ مشهور آهي.
منصف پئسي وارو عرب ۽ ٺاهوڪو جوان آهي، وڏو آفيسر ۽ وڏي خاندان مان آهي. هتي اهڙ ي ملڪ ۾ آهي، جتي ٿڌ ۽ برف باري کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن نماز جا اهڙا ڏکيا وقت ٿيو وڃن جو هو نماز نه پڙهڻ جا ڪيترائي بهانا ڪري سگهي ٿو، پر هرگز نه. نماز جا هتي ڏکيا وقت ان ڪري آهن جو سال جا ڪجهه مهينا رات ننڍي ڏينهن ايڏو ته وڏو ٿيو وڃي جو سج رات جو يارهين ڌاري لهي ٿو ۽ وري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ٻي اڍائي بجي ڌاري صبح ٿيو وڃي. ننڊ پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو سج هوندي شام جو نائين ڏهين بجي ڌاري سمهي رهندا آهن ۽ صبح جو ڇهين بجي ڌاري اٿن، پر نماز جا وقت ته گهڙيال جي ڪانٽن تي نه پر سج جي چرپر تي ٻڌل آهن. ان حساب سان سانجهي (مغرب) جي نماز يارهين بجي (11PM) ڌاري ٿئي ۽ سمهڻي نماز اڌ ڪلاڪ بعد ٿئي ۽ فجر ٻي بجي ڌاري (2 AM) تي ٿئي. معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ فجر نماز لاءِ هن کي پڪي ننڊ مان اٿڻو پوندو آهي، جيڪا بذات خود تهجد نماز وانگر لڳي ٿي. ان چڪر ۾ ڪيترن جي ننڊ پوري نه ٿيندي آهي، پر ٽيونيشيا جي هن منصف جهڙا ڪيترا نيڪ ماڻهو ڏينهن رات جي ننڍ وڏائيءَ جو بهانو بنائي نماز يا روزي کان نٿا گسائين. سج گهڻو وقت ظاهر ٿيڻ ۽ ڏينهن وڏو ٿيڻ ڪري روزا به وڏا ٿيو وڃن. ايتريقدر جو سانجهي، سمهڻي، تراويح ۽ فجر نمازون ۽ افطار سحري سڀ ڪجهه ان مختصر وقت ۾ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو چڱو ڏکيو ڪم آهي.
ڏينهن رات جي ان ننڍ وڏائيءَ بابت هتي هڪ سئيڊش همراهه لطيف ٻڌايو ته پاڪستان گهمڻ وقت ڪنهن هن کان پڇيو ته اهڙي حالت ۾ جڏهن سج جند نٿو ڇڏي يا سياري ۾ ٻاويهه ڪلاڪ اوندهه لڳي پئي آهي ته پوءِ خبر ڪيئن پوي ته هينئر رات آهي سمهڻ کپي ۽ هينئر ڏينهن آهي اٿڻ کپي.
هن وراڻيس: تمام سولو ڪم آهي. دريءَ مان ٻاهر جڏهن ڏسو ته گهٽيءَ جا دڪان اڃان بند آهن، معنيٰ اڃا رات آهي. کليل ڏسو ته معنيٰ ڏينهن ٿي ويو آهي.