سئيڊن ٿر وانگر آهي
ساڳي وقت ٿرين وانگر، سُئيڊ ماڻهن پنهنجي اباڻي وطن کي به نٿي ڇڏيو. ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ ڪري هن ويهين صديءَ ۾ اليڪٽرسٽي، فون، گاڏيون، بسون ۽ هوائي جهازن جي اچ وڃ ڪري زندگي برداشت جوڳي ٿي پئي آهي نه ته گذريل زماني ۾ سئيڊن واقعي ٿر هو، جتي واريءَ بدران برف ئي برف ۽ اونهاري جي گرميءَ بدران سخت سردي ڪري جياپو ايڏو ڪو سولو نه هو. تنهن هوندي به هتي جا ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ وڃي وري موٽي آيا ٿي. ڪولمبس پنج سئو سال اڳ آمريڪا پهتو، پر هنن پٽن جا ماڻهو (وائيڪنگ) ته ان کان به گهڻو گهڻو اڳ اتراهان سامونڊي رستا وٺي آئس لئنڊ، گرين لئنڊ، ڪئناڊا کان ٿيندا آمريڪا تائين پهچي ويا، پر اتي ٽڪي نه پيا. واپار وڙو يا ڦرلٽ ڪري پنهنجي وطن موٽي آيا ٿي. ان ڪري صدين تائين سئيڊن جپان وانگر لساني طرح هڪ جهڙو ملڪ هو. ماڻهن جي نه رڳو زبان پر شڪل شبيهه، ڪلچر، مذهب توڙي رهڻي ڪهڻي ساڳي هئي. پوءِ اوڻهين صديءَ جي آخري سالن ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾، لکها سئيڊ پنهنجو ملڪ سئيڊن ڇڏي اوسي پاسي جي يورپي ملڪن ۾ _ خاص ڪري آمريڪا ڏي هليا ويا. پر ان عرصي تائين به ڪو سئيڊن ۾ لڏي نه آيو. سندس ڀر پاسي وارا يورپي توڙي آفريڪن يا ايشين پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ آسودا ۽ مطمئن هئا. پوءِ ٻي وڏي جنگ کانپوءِ ڪيترن ملڪن ۾ ايندڙ معاشي توڙي سياسي لوڏن، اتي جي باشندن کي پنهنجا اباڻا وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ڪي مالي حالتون سڌارڻ لاءِ ته ڪي ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪي عشق محبت جي چڪر ۾ ته ڪي ڏيهي حاڪمن جي ظلمن ۽ ناانصافين کان بچڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نڪري پيا. اڄ سئيڊن جي ڏهه سيڪڙو آدمشماري ڌارين ماڻهن جي آهي. ڌارين ملڪن کان آيل ڌارين ماڻهن سئيڊن جي ڪلچر توڙي تواريخ ۾ ڪافي تبديليون آنديون آهن ۽ اثر ڇڏيا آهن.
ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن ۾ گهڻا ماڻهو اتراهن ملڪن جا آهن، جن کي نارڊڪ ( Nordic) ”اترادي“ چئي سگهجي ٿو، نارڊڪ ملڪن ۾ ناروي، آئسلئنڊ ۽ فنلئنڊ اچي وڃي ٿو.
ٻي وڏي لڙائي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي ترڪ، يوناني، اطالوي ۽ يوگوسلاوين ماڻهو پورهئي مزوريءَ لاءِ هتي سئيڊن ۾ لڏي آيا. اڄڪلهه ترڪي ۽ يونان جون مالي حالتون تمام سٺيون آهن، ان ڪري اتان آيل ڪيترا ترڪ ۽ يوناني پنهنجي وطن هليا ويا آهن، پر يوگوسلاوين جون حالتون ويتر بگڙڻ ڪري اتان کان لڏپلاڻ اڃان تائين جاري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ هتي هميشه رهڻ ته پري جي ڳالهه، پر گهمڻ خاطر اچڻ لاءِ به ويزا ۽ ٻين اجازتنامن جي ضرورت آهي. اها سختي 1970ع کان وٺي شروع ٿي آهي. ان کان اڳ سئيڊن کي پورهيتن جي ضرورت هئي، پر پوءِ ڪجهه سندن وڏا ڪارخانا بند ٿي ويا، خاص ڪري سڄي دنيا ۾ جهاز رانيءَ جي مارڪيٽ ۾ جَهٻي اچڻ ڪري، سئيڊن تي به اثر پيو ۽ ”ڪوڪم“ (Kokum) جهڙا وڏا شپ يارڊ، جن کي هر وقت ڌارين ملڪن جي مزورن ۽ ٽيڪنيشين جي ضرورت پوندي هئي، هميشه لاءِ بند ٿي ويا.
Robot جي ايجاد ڪري ڪيترن ننڍن ڪارخانن جي مالڪن ماڻهن بدران روبوٽن کان ڪم وٺڻ شروع ڪري ڏنو. روبوٽ نڪي ميڊيڪل الائونس يا هاليڊي الائوس جي گهر ڪن ٿا ۽ نه وري گهر جي مسواڙ ۽ پگهار ۾ واڌارو چاهين ٿا.
ان کان علاوه عورتن جي تحريڪن، تعليم ۽ وڌندڙ آزاديءَ عورتن کي هر ڪم ۾ حصو وٺڻ جو شوق ڏياريو، نه ته هن پاسي جي ملڪن ۾ به صدين تائين عورتون اسڪرٽ مٿان بوڇڻ ٻڌي رڳو ڍڳين کي پيون چارو ڏينديون هيون ۽ کير ڏهنديون هيون. پوءِ ويهين صديءَ ۾ ماستري ۽ ڪلارڪيءَ جهڙيون نوڪريون ڪيائون ۽ هاڻ ته هتي جون عورتون ٽرڪون به هلائين ٿيون ته بسون ۽ هوائي جهاز به، ليٿ مشين تي ڪم ڪن ٿيون ته بيڪرين ۽ باهه وسائڻ جي برگيڊن ۾ به.
انهن مٿين مڙني ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو جو سئيڊن کي ڌارين ملڪن مان پورهيت گهرائڻ بدران ماڳهين گهر ۾ گهوٽالو پئجي ويو. اڄ سئيڊن ۾ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار آهن، جن کي نه نوڪري آهي ۽ نه ڌنڌو ڌاڙي. اهو به شڪر آهي جو سئيڊن جي حڪومت ڪارخانن ۽ ٽئڪسن مان ڪافي پئسو گڏ ڪري ورتو آهي، جنهن مان بي روزگار ۽ پوڙهن کي پيٽ گذر ۽ پينشن لاءِ ڪجهه ڏيندي رهي ٿي نه ته ههڙي ملڪ ۾ جتي پٽاٽو، گجر ۽ ڪڻڪ ٻاجهري به ٻاڪري جي اگهه ۾ وڪامي ٿي، اتي انسان لاءِ هڪ هڪ ڏينهن گذارڻ ڏکيو ڪم آهي.