سئيڊن ۾ هڪ سِک سان ملاقات
گذريل ست اٺ سال ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش دوران ڪيترن ئي سکن سان ملاقات ٿي. هو ڏک ۽ غم ۾ به بردبار ۽ کلمک نظر اچن ٿا ۽ اڪثر دل جا صاف ۽ مددگار ثابت ٿيا آهن. کين ڪو اجايو سجايو تنگ نه ڪري ته هو دوستن جا دوست ثابت ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو چيني، ملئي مسلمان، عيسائي، تامل، سنڌي، سڀئي سکن سان سٺو هلن ٿا. ضرور سندن وفاداري ۽ سچائي ڪري سنگاپور توڙي ملائيشيا جي حڪومت کين پوليس، انصاف ۽ فوج جهڙن کاتن ۾ به رکيو آهي.
بهرحال سئيڊن ۾ اڄ ڪافي عرصي بعد هڪ سِکُ نظر آيو. پٽڪي ۽ ڏاڙهيءَ ڪري هو سڀني ۾ نمايان هو. بس اچڻ ۾ اڃان ڪجهه گهڙيون هيون، اهي استعمال ڪرڻ لاءِ هن نئين همراهه سان ڳالهائڻ ضروري سمجهيم. اڳتي وڌي کيس هيلو ڪري اڙدوءَ ۾ خير خبر پڇيمانس. پاڻ سئيڊش ٻوليءَ ۾ ورندي ڏنائين پر مونکي خالي محسوس ڪري پنجابيءَ ۾ پڇيائين:
”سئيڊش اچي ٿي؟“
”بلڪل نه برابر.“ وراڻيومانس.
”ڀلا پنجابي؟“ هن پڇيو.
”سمجهي وڃان ٿو پر ڳالهائي نٿو سگهان. اڙدو اچي ٿي.“
” اهو به ٺيڪ آهي، آئون اڙدو سمجهان ٿو پر ڳالهائي نٿو سگهان. هونءَ انگريزي ڪا گهڻي نٿي اچيم. هتي اٺن نون سالن کان رڳو سئيڊش ڳالهائي رهيو آهيان. ان کان اڳ دبئي ۾ هوس جتي پنجابي ئي هلندي هئي.“
”ها توهان جي مئريٽائيم يونيورسٽي جا ماڻهو اڪثر ملندا آهن. گذريل سال هڪ انڊين مليو هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ هن يونيورسٽي جو شاگرد هو ۽ هاڻ ليڪچرر آهي. ڪجهه پاڪستاني به ملندا آهن پر اهي يونيورسٽي ۾ نه آهن، هو ڪجهه سال اڳ پاڪستان کان ڀڄي آيا هئا ۽ هتي اچي سياسي پناهه ورتائون، اهي احمدي فرقي سان تعلق رکن ٿا.“
بس اچڻ تي ان ۾ پٺيان اچي ويٺاسين، جيئن جيسين آئون يونيورسٽي اچڻ تي لهان يا هو مون کان اڳ ڪنهن اسٽاپ تي لهي، پنهنجي روايتي ڏاڍيان ڳالهائڻ واري لهجي ۾ ڳالهائيندا رهون ۽ ٻيا ڊسٽرب نه ٿين. ”سردارجي“ واقعي هن پَٽَ تي نئون لڳي رهيو هو، جو ان وقت صبح جو اسڪول ويندڙ ڇوڪريون ڇوڪرا، توڙي گاڏن ۾ ننڍا ٻار، جن کي مائرون نوڪريءَ تي وڃڻ کان اڳ بيبي- سٽنگ لاءِ ڊاگي (ڏينهن جي اسڪول) ۾ ڇڏينديون آهن، مُڙي مڙي سردارجي کي غور سان ڏسي رهيا هئا.
سنتام سنگهه جيڪو سندس نالو آهي، تنهن ٻڌايو ته هو پهرين مالمو شهر کان ڪجهه پري ڳوٺ ۾ رهندو هو، پر هاڻ گذريل سال کان هتي اسان جي علائقي ”هولما“ ۾ رهي ٿو.
”پر هاڻ ايندڙ مهيني آئون هتان ”هولما“ مان پڻ شفٽ ٿي رهيو آهيان. هتي جو ماحول ٺيڪ نه رهيو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن ۾ عراق، صوماليا ۽ يوگوسلاويا کان ايترا ته پناهگير هتي اچي گڏ ٿيا آهن، جو هتي جا سئيڊش باشندا اسان سڀني کي رفيوجي سمجهن ٿا.“ ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”آهيون ته اسين به رفيوجي پر اسان سينئر ٿياسين ۽ جن حالتن ۾ اسين آياسين اهي ٻيون هيون. اسان جڏهن آياسين ته هنن کي اسان جي ضرورت هئي ۽ اسان گهرايا ويا هئاسين.
”هتي جي وڏي شپ يارڊ ’ڪو ڪم‘ ۽ ’وولوو‘ - Volvo موٽر ڪمپني ۽ ’صاب‘ Saab ڪمپني (جيڪا موٽر لاريون ۽ جهاز ٺاهي ٿي) ان کي مزدورن ورڪرن جي ضرورت هئي. کين ويلڊر کتا ٿي، مشين آپريٽر کتا ٿي، ڊرائيور ۽ ڪٽر کتا ٿي. آئون ڪرين آپريٽر ٿي آيو هوس.
”هي Scandinavian ملڪ سوشل سيڪيورٽي کان مشهور آهن، پر مون کانئن ڪڏهن به خيرات جي گهر نه ڪئي آهي. وچ ۾ دنيا جي جهازراني ٿڌائيءَ ۾ اچي وئي، تيل مهانگو ٿي ويو، ڍوئڻ لاءِ سامان نه ملي، جهازن جي چرپر گهٽجي وئي، ڪئين جهازن جا مالڪ کٽجي ۽ ڪمپنيون بند ٿي ويون. تيار ٿيل جهاز ئي نه هلن ته ٻيا وڌيڪ ڇا ٺهندا؟ جهاز ٺاهڻ جو هتي جو هيڏو وڏو شپ يارڊ ”ڪوڪم“ بند ٿي ويو. اسان کي نوڪرين کان جواب ڏيئي ڇڏيائون. هتي اهو آهي ته ڪنهن جي نوڪري هلي وڃي يا ڪو بيروزگار ٿي وڃي ته سوشل سيڪيورٽي وارا هن کي ايترو خاصو ڏين ٿا جو هن جو پيٽ گذر ٿئي ۽ سٺو وقت گذري. ٻين لفظن ۾ حڪومت صحيح معنيٰ ۾ اٽي، لٽي ۽ اَجهي جو بار کڻي ٿي. آئون روزانو صبح جو اٿي اخبارون ورهائيندو هوس ۽ بار ڍوئڻ جهڙا هلڪا ڦلڪا پورهيا ڪري مهيني ۾ ٻه هزار کن ڪرونا ڪمائي وٺندو هوس، جنهن مان يارهن سئو جاءِ جي مسواڙ ڏيندو هوس، باقي ڇڪي تاڻي کاڌي پيتي ۽ لٽي تي خرچ ڪندو هوس. دوست يار چوڻ لڳا اسين سڀ سرڪار (سوشل سيڪيورٽي) کان بيروزگاري جا پئسا پيا وٺون تون به هلي انهن کان وٺ ۽ عيش ڪر. مون چيومان: ستنام سنگهه جا هڏ گڏ سلامت آهن. هٿ ڪپجي وڃن پوءِ آئون کانئن خيرات گهرندس. منهنجا پير ڪپجي وڃن پوءِ هلي پنندس. هن صورت ۾ آئون ڪنهن کان ڪجهه هرگز نه گهرندس.“
”سردارجي! ٻين سِکن وانگر تنهنجون ڳالهيون به دلچسپ آهن، خبر اٿئي سنگاپور، ملائيشيا توڙي جپان ۽ هانگ ڪانگ ۾ منهنجي ڪيترن ئي سکن سان کيڪار کڙي هوندي هئي.“ مون چيومانس.
”سڄڻ هي ذات پات، دين ڌرم، ديس بديس سڀ پنهنجي جاءِ تي آهن. انسان دراصل عزت جو بکيو آهي. آئون پڙهيل ڳڙهيل نه آهيان، پر دنيا ڀٽڪڻ بعد مون اهو ڏٺو آهي ته ڪا به هڪ قوم، ملڪ يا ذات ٻئي کان اوچي يا نيچي ناهي. هر هنڌ توهان کي سٺا ماڻهو ملندا ته خراب به ملندا. هڪ ئي ماءُ جا پٽ به سئو سيڪڙو هڪجهڙا نٿا ٿيو سگهن. سو انسان انسان تي مدار آهي، پازيٽو سوچ وارو انسان چاهي هندو هجي مسلمان، سک هجي عيسائي، ڪارو هجي يا اڇو، امير هجي يا غريب سٺو رهي ٿو. نگيٽو (اونڌي) سوچ وارو نقصان ڪار. ڪيترا مذهبي ماڻهو اونڌي سوچ هجڻ ڪري، عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ مٿي جو سور ۽ ڏڦير ثابت ٿين ٿا.