دنيا جي بادشاهن جا حال
سئيڊن ۾ بادشاهه ته ضرور آهي پر بادشاهي نه اٿس، هو هڪ عوام جو ئي ماڻهو لڳي ٿو ۽ عام ماڻهن وانگر دڪانن تي خريداري ڪندي يا ٻارن سان پارڪن ۾ پڪنڪ ملهائيندي نظر اچي ٿو ۽ اهو ئي حال سندس راڻي صاحبه جو آهي. اها ڳالهه اسان جهڙن ماڻهن لاءِ پهرين عجب جهڙي ضرور لڳي هئي، پر هاڻ محسوس ٿئي ٿو ته هڪ خيال کان هو چڱو ٿا ڪن ۽ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺن ٿا. اڄ جي بادشاهن جو نه اهو شان ۽ دٻدٻو رهيو آهي جيڪو سندن ڏاڏن پڙڏاڏن جو هو ۽ نه وري اڄ جي رعيت اها رهي آهي، جيڪا جهوني جڳ ۾ هئي. هن ماڊرن دور ۾ راجائن، نوابن، بادشاهن، شهنشاهن جا اهي نخرا کڻڻ وارا ماڻهو ئي نه رهيا آهن. اڄ جو انسان هڪ طرف تعليم يافته ٿي پيو آهي ته ٻئي طرف هن کي ڄمڻ کان مرڻ تائين، اٽي لٽي ۽ اجهي حاصل ڪرڻ جا ايڏا ته بيشمار مسئلا ٿي پيا آهن، جو هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنهنجو پاڻ پالي يا بادشاهن جا ڀڀ ڀري. اهي بادشاهه ڪيترن ملڪن ۾ ته فقط نالي جا تاج ڌڻي وڃي رهيا آهن ۽ اهي خود به سمجهن ٿا ته اڄ نه ته سڀان کين ڪو ٻيو ڌڪو ڏئي تخت تان تختي تي يا نک کٽولي تي آڻي، تنهن کان چُپڙي ڪري عزت جو وقت گذارجي.
ان خيال کان ڏٺو وڃي ته هتي (سئيڊن) جو بادشاهه ڪارگستاف عقلمند آهي. هو نه پاڻ وڏ ماڻهپي، عياشي ۽ ظلم ڪري ٿو ۽ نه رعيت کان پنهنجي شان ۾ زوريءَ قصيدا پڙهائڻ ۽ جشن ملهائڻ جهڙا ڪم وٺي ٿو.
هونءِ ننڍي هوندي ٻڌبو هو ته دنيا ۾ فقط پنج بادشاهه وڃي بچندا _ چار تاش جي پتي جا (لال پان، ڦول، چونڪڙي ۽ ڪاري جو بادشاهه) ۽ پنجون انگلنڊ جو. پر اڄڪلهه انگلنڊ جي تخت ۽ ان جي مالڪڻ راڻي صاحبه ( ۽ سندس خاندان) جنهن نموني سان سندس ملڪ جي اخبارن، ريڊيو، ٽي ويءَ لوئڻ شروع ڪيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهو وقت ڏور ناهي جڏهن پنج نه پر فقط تاش جا چار بادشاهه هن دنيا ۾ وڃي رهندا.
ملائيشيا جي سلطانن لاءِ ماڻهو پنهنجي نجي محفلن ۾ به ڪا گهٽ وڌ ڳالهه نه ڪندا هئا، خاص ڪري ملئي مسلمان ته کين ابو امان، پير مرشد ڪري مڃيندا هئا ۽ عزت احترام ڏيندا هئا. پر هاڻ انهن سلطانن جي اوڻاين ۽ گهٽتاين لاءِ نه فقط زبان سان پر رسالن اخبارن ۾ ماڻهو دانهون ڪن ٿا ته هو عوام جو پئسو عياشين ۾ لٽي رهيا آهن، ماڻهن سان ظلم ۽ مار موچڙو ڪري رهيا آهن، ان ڪري کين قانون کان اتم سمجهڻ بدران کين سندن ڏوهن جون هڪ عام شهريءَ وانگر سزائون ڏنيون وڃن.
انگلنڊ جي راڻي جنهن جي تخت لاءِ فقط اڌ صدي اڳ تائين چيو ويندو هو ته ان تان ڪڏهن به سج نٿو لهي ۽ جيڪو تخت ”هند برما جي شهنشاهن جي شهنشاهه“ جو تخت سڏيو ويندو هو، جنهن جو حرف ستن سمنڊن تي هلندو هو، اڄ ان تخت ۽ تخت جي مالڪياڻي راڻي ايلزبيٿ پٺيان سندس ئي انگريز اچي پيا آهن ته سندس شاهي خاندان عيش ڪندو وتي ۽ عوام اَن ڪڻي لاءِ وتي جهد پٽيندي. ٻيو نه ته هوءَ پنهنجي ملڪيت تي ساليانو ٽئڪس ته ادا ڪري، جيڪو ٽئڪس ملڪ جي اسپتالن، روڊ رستن يا تعليم ۾ استعمال ڪري غريب مريضن ۽ شاگردن جو ڀلو ڪري سگهجي. سندس خاندان: سندس ڀيڻ، ڌيئن، پٽن، نهن، ناٺين، بابت سچا ڪوڙا اخبار ۾ نه فقط اسڪئنڊل اچن ٿا پر ان سان گڏ قابل اعتراض فوٽو پڻ ڇپيا وڃن ٿا ۽ انهن ڇڙواڳين جي ثبوت جا ڪئسٽ ٽيپ پڻ وڪامن ٿا.
انگلنڊ کان ٽي هزار ميل کن پري رهندي غلام ذهنيت وارا اسين پاڪستاني هندوستاني _ ڌاريان، اڄ به انگلنڊ جي تخت جو نالو احترام سان پيا کڻون جو ڪنهن زماني ۾ اسان تي هنن راڄ ڪيو هو. اڄ به اسان جي ملڪ جو پوڙهيون انگلنڊ جي راڻي صاحبا جي پيءُ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي ڇاپ وارا چانديءَ جا رپيا ڳنڍ ۾ ٻڌي سوناري کان مٽائڻ مهل عزت سان ٺوڙهي بادشاهه ۽ راڻي وڪٽوريا جو نالو وٺن ٿيون پر سندن انگريز کين هڪ حاڪم بدران اهڙو ماڻهو/ شهري سمجهن ٿا جيڪو اجايو عياشيون ڪري، جيڪو ٽئڪس کائي وڃي! ان کي توهان اڄ جي دور جو ذهين انقلاب يا سجاڳي چئو يا وقت جي ضرورت ۽ مجبوري .