هيڏانهن ڇا ڏسڻ لاءِ اچن ٿا
”الطاف! هنن جا ملڪ ڏس، (يعني يورپ جا)، هڪ ٻئي جي ڪيڏي مدد ڪن ٿا. چي: هنن ملڪن جو ۽ اسان جي پيءُ جي پيءُ جو پيءُ، پاڻ ۾ ڀائر هئا. وري پاڻ وٽ ڏس ... اسان وٽ سڳا ڀائر به وڙهندا وتن! هنن (مغرب جي ماڻهن) کي اسان شرابي يا بي غيرت چئون ٿا، پر ڪو به گورو شراب پي وچ رستي تي دنگو فساد نه پيو ڪري، ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ کي لنگهندو ڏسي ڪو به سيٽي يا رمارڪ ڪو نه ٿو ڏئي. هتي جي ماڻهن جي دلين ۾ همدردي آهي. انسان ته ڇا پر جانور ۽ پکي پکڻ جي ڏک درد ۾ به سندن اندر اڊڙي ٿو. اسان جي بلڊنگ جي ڏاڪڻ هيٺان ڪو زخميل ڪبوتر اچي ڦاٿو. هيٺين فلئٽ واري مائيءَ يڪدم فائر بريگيڊ وارن کي فون ڪيو ۽ ائمبولنس گاڏي توتارا وڄائيندي پهچي وئي. هن ڪبوتر کي اسپتال پهچايو ويو ۽ ٻه ڏينهن دوا درمل ڪري پوءِ پوڙهي کي فون ڪيائون ته جنهن ڪبوتر لاءِ تو فون ڪيو هو سو هاڻي چاق ٿي ويو ۽ اسان کيس اڏاري رهيا آهيون.
”اهو به ڪجهه ناهي. هڪ ٻيو مثال ٻڌائين؟ هنن جا ڪيترا پکي: ڪونجون، آڙيون، بدڪون وغيره، جيئن ئي هتي سخت سيءُ شروع ٿئي ٿو ته سئيڊن کان گهٽ سرد ملڪ: اسپين پورچوگال ڏي رخ رکن ٿا، جيئن سائيبيريا روس جا ڪيترائي پکي راجستان، سنڌ، پنجاب ڏي اچن ٿا. سو سخت سياري جي اچڻ کان اڳ هتي جا سڀ پکي هتان ڀڄيو وڃن، پر ٻه ٽي سال اڳ هڪڙو پکي ڦٽيل هجڻ ڪري، اڏامي نه سگهيو. هنن جي جانورن جي اسپتال کي جڏهن فون ڪيو ويو ته هنن نه فقط ان جو علاج ڪري ان کي صحيح ڪيو پر اسپين ڏي ويندڙ هوائي جهاز ۾ ان پکيءَ کي چاڙهي اوڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جيئن پنهنجا پرڙا هڻڻ بدران هوائي جهاز رستي جهٽ پٽ پهچي وڃي. هنن گورن جي انهن ڳالهين ڪري هتي هر پارڪ سهڻن پکين سان ڀريو پيو آهي. ماڻهن جي اچ وڃ تي به هو نٿا اڏامن. اسان جي ملڪ ۾ اسان جا ماڻهو بندوقون کڻيو بيٺا هوندا آهن ته هي Migratory پکي اتر کان اچن ته ٺا ٺا ڪري ڏيون ۽ هنن غريب پکين جو آنا ڏيڻ ۽ آرو ڪرڻ بدران هميشه ديگڙي ۾ انت ٿيندو آهي.“
مالمو شهر جي هن سِکَ ستنام وٽ ان رات ٽي چار ڪلاڪ وهڻ ٿيو هو. غريب ماني سو سٺي نه کارائي، جو ظاهر آهي جهڙي پچائڻ آيس اهائي پچائي سگهيو. ان نرم پيڻ جهڙي ڀَتَ، ڪچي مانيءَ، پٽاٽن ۾ چِلهيل واڱڻن ۽ ڦنگي ٻوڙ کان سندس سوادي ڳالهين ڪري اهڙو ته مزو اچي رهيو هو جو اٿڻ تي دل نٿي چاهيو. هو لڳاتار جيڪي ڳالهيون ڪندو رهيو انهن مان فقط اهي ٻه چار ڳالهيون ياد رهي سگهيون جي لکيون اٿم ۽ ها اٿڻ مهل اسان جي ماڻهن جي اجاين خرچن جي ڳالهه ڪندي چيائين: ”سئيڊن هيڏو سکيو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو پر سيءَ ۽ برف باريءَ ڪري کين کاڌي پيتي جي شين جي ڪيڏي تڪليف رهي ٿي. اڄ ڪلهه اٽي جو اگهه فقط ٻه چار رپيا گهٽجي ٽيهين رپئي سير ٿيو آهي ته ماڻهو خوش پيا ٿين. اسان وٽ الله جي فضل سان هر ميوو، ڀاڄي ۽ اَنُ ٿئي ٿو، پر هڪ ته قدر نه اٿئون ۽ ٻيو اڻپوري ورهاست آهي. ڪن وٽ صفا ناهي ڪن وٽ ضايع زيان پيو ٿئي. هنن جا گورا هفتو پراڻي ڪچي ڊبل روٽيءَ جا ڪنا به کائي ويندا. اسان وٽ نوابپائي اها ته منجهند جا گيهه ۾ پڪل اڦراٽا رات جو پاروٿا سمجهيا وڃن ٿا. اڙي بيوقوفو هي بسڪٽ جو مهينو مهينو پراڻا کائون ٿا، اهي به ته ساڳي ڪڻڪ ۽ گيهه جا ٺهيل آهن جنهن مان توهان ماني ٺاهيو ٿا، پر ٿيو هروڀرو جو ضايع زيان ڪرڻ. اسان جي ملڪ جي شادين مرادين ۾ جنهن بي ترتيبي ۽ هٻڇ سان ماڻهو کاڌي تي ڪرن ٿا، جنهن ۾ کائڻ گهٽ ۽ ضايع زيان جهجهو ٿئي ٿو، ان کي ڏسي هتي جا ماڻهو ڏندين آڱريون ڏين ٿا ۽ اسان جي ملڪن لاءِ اهو ئي چون ٿا ته اسان جا ملڪ ته ڪنهن به ڪنڊ پاسي کان غريب نٿا چئي سگهجن. يا وري اسان جا نواب، رشوت خور ڪامورا، چور سمگلر ۽ وڏا ماڻهو وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ لاءِ هتي جي مهانگن ملڪن ۾ اچي خرچ پکو ڪن ٿا. ان تي پڻ هتي جي ماڻهن کي تعجب لڳي ٿو ته پنهنجا ملڪ ڇڏي، هيڏانهن يورپ ڏي گهمڻ بهاني لکين رپيا اچيو وڃائين- ڇا لاءِ؟ سمجهه ۾ نٿو ته هيڏانهن ڇا ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ چند ڏينهن ۾ پئسي جي ڀينگ ڪريو وڃن. ان کان اهو پئسو پنهنجي ملڪ جي غريبن کي ڇو نٿا ڏين -؟“