مئسيڊونيا تي حق يونان جو آهي
ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ مارشل ٽيٽو يوگوسلاويا جي هن ڏاکڻي صوبي جو نالو جڏهن مئسيڊونيا مقرر ڪيو، يونانين کي ان وقت به اها ڳالهه نه وڻي هئي، پر مارشل ٽيٽو پٺيان طاقتور روس هو، جنهن جي ڀوءَ کان يونان ماٺ رهيو. کين اها خبر هئي ته اڳتي هلي اهو صوبو نقشي تي ملڪ جي نالي سان اڀرندو.
هاڻي کين اهو به خوف آهي ته اڳتي هلي سندن اتراهون صوبو مئسيڊونيا به بغاوت ڪري يونان کان ڌار نه ٿي وڃي. هنن نئين ملڪ سان گڏجي وڏو مئسيڊونيا ٺاهي عظيم برطانيا Great Britain وانگر ”عظيم مئسيڊونيا“ سڏجي ۽ اهي شڪ پڪ به اختيار ڪري سگهن ٿا جو يوگوسلاويا جو هي آزاد ٿيل ملڪ مئسيڊونيا پنهنجي قومي نشاني اهو ئي سورهن ڪنڊن وارو تارو رکيو آهي.
هونءَ ته يوناني صوبي مئسيڊونيا کي يوگوسلاوين صوبو مئسيڊونيا ڀڙڪائي ۽ ڇيرو وجهي نٿو سگهي جو هر صورت ۾ يونان نئين ٺهيل ملڪ مئسيڊونيا کان وڏو ۽ طاقتور آهي، پر ساڳي وقت اهو به خوف آهي ته بلغاريا ۽ ترڪي ان معاملي ۾ يونان جو ڪم ڊاهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
روس جي ٽٽڻ بعد يونان جو مخالف ترڪي طاقتور ٿيندو وڃي، جو آذربائيجان، ترڪستان، آرمينيا، جارجيا، جهڙيون رياستون هر ڳالهه ۾ ترڪيءَ سان شامل ٿينديون وڃن. سندن زبان، مذهب، ڪلچر ساڳيو آهي، ڏسندي ئي ڏسندي ٻيو ڪو ملڪ وڌي ويجهي يا نه پر لڳي ٿو ته ترڪي ڄاڻ ته عظيم ترڪي ٿيو. هونءَ به يونان جا هي ڪيترا اتراهان علائقا ترڪيءَ جي هٿ ۾ هئا جڏهن ترڪي بلي بلي هئي. يونان ترڪيءَ کان پنهنجا اهي علائقا 1913ع ۾ وڏن مرحلن بعد کٽيا ۽ حاصل ڪيا.
في الحال ته ٻئي ڌريون نالي تي ضد لڳايو ويٺيون آهن. اسڪوپي کان هن نئين ملڪ جي حڪومت يونان کي اهو ضرور مشورو ڏنو ته ”ڀلا ملڪ جو ٺلهو مئسيڊونيا نالو رکڻ بدران اسان ”سلاوي مئسيڊونيا“ يا ”اتر مئسيڊونيا“ رکون _ پر يونان جو اهو ئي ضد آهي ته ان ۾ ”مئسيڊونيا“ جو لفظ ته هرگز استعمال نه ڪريو.“