ٿنڀي کان بچائي
جيئن ئي اهو ڪالم انگريزي اخبار ۾ ڇپيو ته ٻيا سڀ چپ هئا، ائنا روزا وڙهڻ لاءِ ڀڄندي آئي. اسپيني لهجي واري انگريزيءَ ۾ چيائين:
Mr. Altaf! Why you haven’t mentioned South America?
(مسٽر الطاف! تو پنهنجي مضمون ۾ ڏکڻ آمريڪا جو ذڪر ڇو نه ڪيو آهي؟)
”ٺهيو هن دفعي ڀُل ٿي وئي، ٻئي دفعي ضرورت نه هوندي، ته به تنهن جي ملڪ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين ملڪن جو نالو ضرور وجهندس.“ مون ٿڌو ڪيومانس.
”ٿئنڪ يو ويري مچ.“ هن وراڻيو.
”مهرباني“، ”معاف ڪجو“، ”مبارڪ هجانو“ جهڙن لفظن جي ادائگي ۾ هوءِ ضرورت کان وڌيڪ سخي آهي.
بهرحال ان کانپوءِ هڪ دفعو ٻيو به مونسان محترما ائنا روزا جي جهڙپ ٿي.
اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي تقريبا سڀني ملڪن کان گريجوئيشن لاءِ اچن ٿا، ويندي جاپان، جرمني، انگلينڊ، فرانس جهڙن ترقي يافته ملڪن جا. آمريڪا کان ڪو نه پئي آيو. اسان جي اچڻ کان سال پوءِ آمريڪا کان پڻ هڪ خاتون جيڪا جهاز جي ڪئپٽن آهي هتي آئي. سالياني ڊنر تي استقباليه خطبي پڙهڻ لاءِ مون کي چيو ويو. هونءَ ته تقرير کان ونءُ ويندو آهيان پر هتي جتي اڌ کان وڌيڪ جي انگريزي صفا- ٻاراڻي ليول جي آهي اتي اسان انڌن ۾ ڪاڻا راجا ٿياسين.
تقرير ۾ مون چيو ته خوشيءَ جي ڳالهه آھي جو هاڻ آمريڪا وارن به هن يونيورسٽي جي اهميت قبول ڪئي آهي ۽ پهريون دفعو اتي جو نمائندو آيو آهي. وغيره وغيره ۽ ٻيون ڳالهيون چئي تاڙين جي ڦهڪي ۾ تقرير ختم ڪيم. ڪيترن ته ان وقت ڀاڪر پائي تقرير جي ادائگي ۽ مواد جي تعريف ڪئي. ڪيترن هاسٽل ۾ پهچي. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي اسان جو پاڪستاني ڪئپٽن سليم مليو ۽ ٻڌائين ته رات ڪولمبيا جي ڇتري ائنا روزا توکي ڳولي رهي هئي.
”آئون ڪمري ۾ ئي ته هيس.“ مون ٻڌايومانس.
”هائو، پر پوءِ چاٻي واري ٽنگ مان تنهنجي ڪمري جون بتيون بند ڏسي سمجهي وئي ته ننڊ ۾ آهين ۽ هاڻ اجها ته ملڻ آئي.“
”ڇو خير ۾؟“ مون پڇيومانس.
ايتري ۾ پاڪستان جو اسان جو ٽيون ساٿي ڪئپٽن عاشق خان به اچي ويو. هن سليم واري ڳالهه ٻڌي ان جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته هوءَ سخت ڪاوڙيل هئي.
”ان نڀاڳيءَ کي به هر وقت ڪاوڙ نڪ تي آهي هاڻ وري ڪهڙي ڳالھه ٿي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
ٿوري دير بعد مينهن واءُ ڪندي اچي پاڻ به نازل ٿي ۽ ڪٿان پئي آئي ڪٿان پئي وئي. اسان ٽنهي پاڪستانين کي پهرين ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه آئي، پر پوءِ جڏهن هَهو مَهو ٽريو ۽ غيبات غائب ٿي وئي، پوءِ اسان کي سمجهه ۾ آيو ته هن کي ان تان چڙ وئي آهي ته مون تقرير ۾ ڇو چيو ته ”آمريڪا کان پهرين ماڻهو آيو آهي.“
(بلڪه اهو به تفصيل سان هڪ اسپيني همراهه سمجهايو ته هن ڏکڻ يا وچ آمريڪا جي رهاڪن کي ان تان چڙ ٿي وڃي، جڏهن اسين فقط USA کي آمريڪا ٿا سڏيون.)
در اصل ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۾ اتر آمريڪا وارو کنڊ، وچ آمريڪا واري پٽي ۽ ڏکڻ آمريڪا وارو کنڊ اچي وڃي ٿو. ڪئناڊا کان وٺي برازيل ۽ چليءَ تائين جيڪي ملڪ آهن، انهن جا رهاڪو آمريڪن ٿيا. پر اسان خاص ڪري پاڪستانين ۽ ٻين ايشين لاءِ آمريڪا معنيٰ U.S.A (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) ۽ يو ايس اي معنيٰ آمريڪا. سو ان ڳالهه تان برازيل، بولِويا، چلي، وينزوئلا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جي ٻين ملڪن جي باشندن کي چڙ لڳي ٿي. ٻين کي لڳي يا نه، پر ڪولمبيا جي رهاڪو، اسان جي جهڳڙالو پاڙيسرڻ مائي ائنا روزا کي ضرور چڙ لڳي ٿي _ جنهن جي هابي ئي آهي کوٽي کوٽي جهيڙو ڪرڻ.
ڪئپٽن عاشق چيو ائنا روزا به عجيب شيءِ آهي! سال جا ٻارنهن ئي مهينا جهيڙن ۾ گذاري ٿي. مڙس جي لاءِ به عذاب هوندي.
اهو ٻڌي ڪئپٽن سليم پهرين کِليو، پوءِ هڪ لطيفو ٻڌايو.
” هڪ همراهه پنهنجي زال مان سخت بيزار هو، مرڻ تي هي ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻ منجهانئس جان آزاد ٿي. غسل ۽ ڪفن بعد ڪلها ڏيئي کيس دفن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته جنازي واري کٽ وڃي هڪ بجليءَ جي ٿڀني سان لڳي ۽ هيءَ مئل مائي ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي. سڀني چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. مري ويل زال جو جيئرو ٿيڻ تي يارن دوستن مبارڪون ڏنس پر هي دل جو سور دل ۾ پي اچي گهران نڪتو.
”۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد سندس زال کي جڏهن وري موت آيو ۽ سندس جنازو کڄي پئي هليو ته قبر تائين ڪلمو يا دررد پڙهڻ بدران هي هر هڪ کي پارت ڪندو هليو ’ڀائي ذرا کنڀي سي بچا ڪي، ڀائي ذرا کنڀي سي بچا ڪي.‘ سو هيءِ ائنا روزا به انهن مان آهي، جنهن کي دفن مهل ٿنڀي کان بچائي قبرستان کڻي هلڻو پوندو.“