ڪتو پالڻ ڏڍو ڏکيو ڪم آهي
وراڻيومانس: ”مذهب ۾ منع ٿيل آهي، جو اهو نجس جانور آهي - خاص ڪري سندن زبان جي گِگَ پليت سمجهي وڃي ٿي.“
”چئين سچ ٿو،“ هن وراڻيو، ”سائنس جي هيڏي ترقيءَ بعد به ڪتي کي پالڻ سولو ڪم ناهي. کيس صاف سٿرو رکڻ ۽ سندس بيمارين کان بچڻ لاءِ ان تي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. هر وقت وهنجارڻ ڌئارڻ کان علاوه مقرر وقتن تي کيس ڪيتريون ئي دوائون کارائڻيون پون ٿيون. ان بعد به ڪتي جي صاف سٿري هجڻ جي پَڪَ نٿي رهي. ڪنهن وقت به هن کي ڪا بيماري لڳي سگهي ٿي، جنهن مان سندس مالڪ ۽ ٻين کي نقصان رسي ٿو.“
ايڏن ڪشالن هوندي به هتي جا ماڻهو واقعي ڪتا پالي ڄاڻن. کين وقت تي مقرر کاڌو کارائيندا ۽ وقت تي واڪ ڪرائيندا ۽ هنگائيندا مُٽائيندا. مجال آهي جو ڪو ڪتو گهر ۾ گند ڪري ۽ مجال آهي جو ڪتي جو مالڪ ڪنهن ڏينهن هن کي، هن جي مقرر ٿيل وقت تي، گهر کان ٻاهر وٺي هلائڻ کان گسائي.
هڪ ڏينهن اسان جي سڃاڻو سئيڊ همراهه وٽ ويٺو هوس ته شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ سندس ڀاءُ هن سان ملڻ آيو. هو هفتي کن لاءِ اکين جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وارو هو.
”ڀلا منهنجي لاءِ ڪا ڪار خدمت؟“ مون واري سڃاڻو پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو.
”بس ٻئي ڪنهن ڪم جو فڪر نه اٿم،“ سندس ڀاءُ چيس، ”پنهنجو ڪتو تنهنجي حوالي ڪري ويندس. هن جي کاڌي پيتي، واڪ ۽ هنگڻ مٽڻ جا وقت ٻڌائي ويندو سانءِ _ جيڪي گهڻو تڻو تنهنجي ڪتي جي روٽين سان ملن ٿا، ان ڪري اها تڪليف توکي ڏيڻ چاهيان ٿو.“
منهنجي سڃاڻو ٻڌايو ته هو جڏهن ٻاهر ويندو آهي ته پنهنجو ڪتو وري هن جي حوالي ڪندو آهي.
سئيڊن ۾ جيتوڻيڪ سنگاپور جهڙي سخت ناهي ۽ نه ڪو اهڙو سخت قانون آهي ته جنهن جو ڪتو رستي تي گند ڇڏي ويندو ان تي هزار ڊالر ڏنڊ، پر اخلاقي طرح سئيڊ مرد توڙي عورتون پنهنجي ڪتي سان واڪ ڪرڻ مهل کيسي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهي کڻي هلن ٿا. گس پنڌ تي جي سندن ڪتو بي وقتائتو هنگي ڏئي ٿو ته کيسي مان ٿيلهي ڪڍي، هٿ تي چاڙهي، ڪتي جو لاٿل کڻن ٿا. سئيڊن جي هر رستي جي موڙ تي ڪتن جي ڪاڪوس جا الڳ ڍڪيل دٻا رکيل آهن جن ۾ اها ٿيلهي اڇلائي وڃي ٿي.
سئيڊن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون ڪتا پالين ٿيون. پوڙهيون مايون ننڍي قدبت جا ڪتا وندر ۽ پاڻ کي مشغول رکڻ خاطر ۽ ننڍي عمر جون عورتون ۽ ڇوڪريون – خاص ڪري اهي جيڪي اڪيليون رهن ٿيون _ وڏا ۽ خوفناڪ قسم جا ڪتا پالين ٿيون- شايد پنهنجي بچاءَ لاءِ. پوءِ انهن ڪتن کي پالڻ واريون پوڙهيون چاهي نوجوان ڇوڪريون، صبح جي وقت هٿن تي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون چاڙهي، ڪتن سان گڏ واڪ ڪندي نظر اينديون آهن. پنهنجي ڪتي کان ٿيل خراب رستو صاف ڪندي هي نه عيب محسوس ڪن نه شرم.
پر پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. ڪي ڪي ڪن لاٽار ڪري هليون وينديون آهن، خاص ڪري اسان جي پاڙي واري ٿلهي عورت جيڪا پنهنجن ٻن ڪتن کي راند کيڏائڻ لا ءِ بس اسٽاپ جي پويان واري پارڪ ۾ انهن کي وٺي ايندي آهي. پر مجال آهي جو صفائيءَ جو ڪم ڪري، ڀلي کڻي سندس ڪتا بس اسٽاپ وٽ گند ڪري وڃن. پر اها هتي جي اصل رهاڪو- يعني سئيڊ ناهي. هوءَ پولش (پولئنڊ جي رهاڪو) آهي، جيڪا ڏهه ٻارهن سال اڳ هتي اچي Settle ٿي هئي. تڏهن ته هتي جا اصلي ماڻهو چون ٿا ته ڌاريان آيل ماڻهو هن سهڻي ملڪ سئيڊن جا پراڻا قدر مٽائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ هو هر ڳالهه جو شوق ڪن ٿا، پر ان جي پوئواري نٿا ڪن. ملڪ جي مقرر ڪيل قاعدي قانون جي پوئواري نٿا ڪن، پنهنجي پاڙي وارن ۽ شهر وارن جو خيال نٿا ڪن.