تون مسلمان ڪيئن ٿئين؟
سئيڊن جي هن شهر مالمو جي وچ ۾ ٻه ٽي ننڍڙيون مسجدون آهن، جن ۾ ان علائقي جا مسلمان وڃن ٿا، جيئن ته ’سوڊروان‘ علائقي ۾ شيعن جي مسجد آهي ته ’روزن گارڊ‘ وٽ عربن جي مسجد مشهور آهي. شهر کان ٿورو ٻاهر ميدان ۾ جيڪا مسجد آهي ان ۾ شهر جا سمورا مسلمان اچي گڏ ٿيندا آهن _ ويندي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا به. منجهس پنج ڇهه هزار ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي جاءِ آهي. عيد نماز يا جمعي نماز تي سڄي مسجد ڀريل هوندي آهي.
مالمو ۾ رهندڙ مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو ته هن ۾ اچن ٿا پر ڌارين ملڪن کان گهمڻ يا سرڪاري دوري تي ايندڙ عام مسلمان، توڙي عالم مولوي جڏهن سئيڊن جي هن شهر ۾ اچن ٿا ته نماز لاءِ هن مسجد جو ئي رخ رکن ٿا. ڪيترن عالمن، مولوين، مفتين کي هن مسجد جي انتظاميا ڪميٽي دعوت ڏئي، پڻ گهرائيندي رهي ٿي. اهڙن ڪجهه عالمن جا مذهبي ليڪچر اسان جهڙا ڪيترائي جاهل شوق سان ٻڌي دين جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. ويجهڙائي ۾ هڪ ٻه عالم ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا (USA) ۽ پاڪستان کان پڻ اچي چڪا آهن. اهڙن ڄاڻو مولوين مفتين کي ٻڌڻ لاءِ انبوه ماڻهن جا اچي گڏ ٿيندا آهن، جن ۾ مسلمانن کان علاوه غير مسلم به هوندا آهن. هڪ اهڙي غير مسلم مڪاني يورپي کان پڇيم ته هو ڪهڙي خيال کان اچي ٿو.
”سڀ ڪجهه هوندي به آئون ذهني طرح پريشان ۽ مايوسي (Depression) جو شڪار رهان ٿو. هي ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي مون کي سڪون محسوس ٿئي ٿو.“
سندس هڪ دوست ويجهڙائي ۾ مسلمان ٿي چڪو آهي، جنهن هن کي اسلام کي سمجهڻ ۽ مسلمان ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي.
هڪ ويهن سالن جو عبدالحليم نالي آفريڪن ڇوڪرو مليو، جنهن ٻڌايو ته هو ٻه سال اڳ مسلمان ٿيو.
”توهان پاڻ ڪير آهيو؟“ مون پڇيومانس.
”آئون سئيڊش آهيان.“ وراڻيائين.
”پر اصل آفريڪا جي ڪهڙي ملڪ کان آهين؟“ مون پڇيومانس.
”منهنجي ماءُ سئيڊش آهي ۽ منهنجو پيءُ آمريڪن هو، جنهن جو پيءُ يعني منهنجو ڏاڏو ڪنهن زماني ۾ گهانا کان لڏي آمريڪا وڃي Settle ٿيو هو، جتي منهنجو پيءُ ڄائو.“
”تون مسلمان ڪيئن ٿئين؟“ مون پڇيومانس.
”ٻه سال اڳ آمريڪا کان هڪ شيدي ٽوئرسٽ مسٽر آدم نالي هتي آيو هو. هن اسان نوجوانن کي اسلام تي ليڪچر ڏنا ۽ اسان جي دل تي ايڏو گهرو اثر ٿيو جو اسان مسلمان ٿياسين. هينئر به هو مون کي آمريڪا کان تقريرن ۽ نصيحتن جا ليڪچر موڪليندو رهي ٿو.“
عبدالحليم جو پيءُ گهڻو اڳ سندس ماءُ کي طلاق ڏئي واپس آمريڪا هليو ويو. ان بعد هو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو ٿي، پر هاڻ ارڙهن سالن کان وڏو ٿيڻ تي الڳ فلئٽ ۾ رهي ٿو.
سندس هڪ ڪمري جي فلئٽ ۾ چوڌاري انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، جن مان گهڻا آمريڪا ۾ ڇپيل آهن ۽ ڪجهه پاڪستان ۾، رکيل هئا. هن مون کي ڪجهه ڪتاب ۽ ڪئسٽ ٻڌڻ لاءِ ڏنا.
”مسٽر آدم ڪير هو؟“ مون عبدالحليم کان پڇيو، جنهن جون ڳالهيون ٻڌي هو مسلمان ٿيو هو.
”هو به مون وانگر نان-مسلم هو. گهڻو گهڻو اڳ آمريڪا کان هتي Scandinavian ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ آيو. ڪوپن هيگن ۾ ڪجهه مسلمانن سان دوستي ٿي ويس ۽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو هو.“