حڪومت اٽڪل بازي سمجهي وئي آهي
هڪ پاڪستانيءَ کان پڇيم ته سئيڊن ۾ ايترا پاڪستاني نظر نٿا اچن جيترا ٻين ملڪن ۾ آهن. وراڻيائين: ”سئيڊن پاڪستانين کي سياسي پناهه نٿو ڏئي. شروع ۾ جيڪا هڪ اڌ کيپ احمدين جي آئي هئي انهن کي رهڻ ڏنائين پر پوءِ هتي جي ڪورٽ انهن جي هتي رهڻ جي سببن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ايندڙن کي موٽائي ڇڏيو.“
تنهن هوندي به سئيڊن ۾ هزار ڏيڍ کن پاڪستاني رهن ٿا، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ اُهي آهن جيڪي شروع جي ڏينهن ۾ اوسي پاسي وارن ملڪن کان لڪي لڪي هتي پهتا ۽ هتي جي عورتن سان شاديون ڪري هتي جي شهريت (رهائش ۽ پاسپورٽ) حاصل ڪيائون. پوءِ ڪن پنهنجين زالن کي طلاقون ڏنيون، ڪن جون سئيڊ زالون کانئن بيزار ٿي کين ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ پاڪستان مان پرڻجي آيا. ڪن هڪ کي ڇڏي ٻيءَ سان نڪاح ڪيو ۽ ڪي انهن پهرين سان ئي نڀاهه ڪندا اچن. ڪجهه پاڪستاني تعليم ۽ واپار لاءِ آيا ۽ هتي ئي رهندا اچن. ڪجهه سندن مائٽن ڪري آيا جيڪي گهڻو اڳ کان هتي ئي رهندا اچن، جڏهن اڃان سئيڊن ۾ اهي اميگريشن جا قاعدا قانون اڃان نه ٺهيا هئا.
سو گذريل ويهن سالن ۾ سياسي پناهه هيٺ پاڪستاني نه آيا آهن _ سواءِ ڪجهه احمدين جي. باقي ڪيترائي ڪرد، ايراني، عراقي، سوڊاني، سومالي، لاطيني، ڏکڻ آمريڪي، امام خيميني، صدام ۽ ناريگا جهڙن جي حقيقي يا خيالي ظلمن کان ڀڄي هتي اچي نڪتا آهن.
هڪ کان پڇيم ته هتي سئيڊن ۾ موراڪو، الجيريا ۽ ٽيونيشيا جهڙن ملڪن جا ڪيئن رهيا پيا آهن؟ منهنجو مطلب هو ته اهي ملڪ ته امير ملڪ آهن.
وراڻيائين: ”اهي پاڻ کي عراقي سڏرائي صدام جي ظلمن جون دانهون ڪري هتي رهيا پيا آهن. عربي ڳالهائڻ ڪري عرب ملڪ جي ماڻهن کي اهو فائدو آهي جو جنهن عرب ملڪ جو وڻين ان جو سڏرائين. هو ڀلي کڻي اهڙي ملڪ جا هجن جتي سياسي ظلم نه هجي، پر هتي پهچي پاسپورٽ ڦاڙي چئي سگهن ٿا ته اسان لبنان جا آهيون. وري صدام جي ظلمن وارن ڏينهن ۾ عرب ملڪ کان ايندڙن پاڻ کي عراقي ۽ ڪرد سڏرايو ٿي، جيتوڻيڪ هاڻ هتي جي حڪومت اها اٽڪل بازي به سمجهي وئي آهي ۽ ان تي به سختي ڪرڻ لڳي آهي.“
ايترن ملڪن، مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن اچڻ ڪري انهن جو اثر هتي جي مقامي ماڻهن تي ٿورو يا گهڻو ضرور ٿيو آهي، پوءِ تڪڙو کڻي نه ته هوريان هوريان ان اثر پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون آهن.