ايران جي ساسانيءَ جون ڳالهيون
گذريل سال ۽ هن سال جا اٽڪل اٺ ڏهه ايراني شاگرد ٿيندا. سندن پنهنجي سڃاڻ آهي ۽ سڀني ۾ نمايان نظر اچن ٿا. دنيا ڇا ٿي محسوس ڪري يا ڪير ڇا چوندو، هنن کي پرواهه ئي ناهي. ٻين مسلمان ملڪن جا ڀلي گڏيل دعوتن ۾ اچن پر هي هرگز نه ايندا. ڇڙواڳ رهڻ بدران سڀ فئملين سان رهن ٿا. سندن زالن ۽ نياڻين جو مٿو هر وقت وڏي رومال سان ڍڪيل هوندو، جنهن کي هو ’روسري‘ چون ٿا. سڀني مردن کي ننڍيون ڏاڙهيون آهن، جن کي هو شيوَ ڪرڻ جي خفي کان بچڻ لاءِ ڇڙواڳ ڇڏڻ بدران باقاعدي Trim ڪندا رهن ٿا. ٻيو ڪو هجي يا نه پر ايراني ڪو نه ڪو شاگرد مسجد ۾ ضرور نظر ايندو. ڪا اجائي سجائي ڳالهه يا گفتو نه ڪڍندا. پڙهائيءَ ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ فٽ بال، ٽينس، سئمنگ، بولنگ ۽ ٻين راندين ۾ سڀ ايراني حصو وٺندا، بلڪه راندين جي ڪمپيٽي جو چيئرمين به ايراني شاگرد آهي.
”صحتمند دماغ لاءِ صحت مند جسم ضروري آهي ۽ جسم کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪسرت ۽ رانديون ضروري آهن.“ هڪ ايرانيءَ چيو.
بقول اسان جي هڪ هم وطنيءَ جي ”هو مذهبي آهن، پر اسان جي ملڪ جي ڳوٺاڻي جاهل ملي وانگر نه آهن، جيڪو رڳو ڏاڙهي وڏي رکي ٿو، پيٽ وڌائي ٿو ۽ پرائي پچار ڪري ٿو.“ مائيڪل جئڪسن پنهنجي هڪ گاني ۾ ”خميني پاڳل آهي“ جو بئنر ڏيکاري ٿو، پر اهو وقت پري ناهي جڏهن مغرب کي محسوس ٿيندو ته ايران جي هن انقلاب آڻيندڙ امام کي ائين چوڻ وارا پاڻ پاڳل آهن. اڄ جيڪي خميني جي هن قوم تان چٿرون ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪ ڏينهن نيٺ سندن اهميت ائين ئي مڃڻي پوندي، جيئن هنن هڪ ڏينهن چيني قوم جي مڃي.
جيسين ٻيا شاگرد اچن ۽ ليڪچر شروع ٿئي، مٿي ذڪر ڪيل ايراني شاگرد ساسانيءَ سان خبرچار ڪندو رهيس. هو ايران جي هڪ بندرگاهه جو ڊائريڪٽر آهي، سندس زال جولي نالي فلپينو آهي ۽ هوءَ ايران ۾ ڊينٽل سرجن جي حيثيت ۾ نوڪري لاءِ آئي هئي. هن وقت هتي سئيڊن ۾ ساساني پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئن، مريم ، فاطمه ۽ ساران سان گڏ منهنجي پاڙي ۾ رهي ٿو. ساڻس ٿيل ڪچهريءَ جون ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن:
• اسان مسلمانن کي کپي ته پهرين پنهنجو پاڻ کي درست ڪريون. اسان شراب کي ته خراب سمجهون ٿا پر خبر ناهي ڇو پرائي پچار، گلا غيبت جهڙن شين کي خراب نٿا سمجهون.
• ڪو گهر ۾ ويهي ڇا پيو ڪري ان جي کوج ڪرڻ اسان تي فرض ناهي. هو شراب ٿيو پيئي، سڄي رات ٽي وي ٿو ڏسي، نچي ٽپي ٿو ان سان اسان جو سروڪار نه هئڻ کپي. رب پاڪ هر انسان کي ڏسي ٿو ۽ اسان مسلمانن جو سنئون سڌو رب سان تعلق آهي. عيسائي، هندو يا ٻين وانگر رب پاڪ ۽ اسان جي وچ ۾ پادري، پنڊت يا ڪنهن ٻئي ٽياڪڙ جو واسطو ناهي. هر هڪ کي جزا يا سزا هن جي اعمالن مطابق ملندي.
ها البت ڪو شراب پي ٻاهر نڪري دنگو فساد ڪري ٿو جنهن مان سوسائٽي کي تڪليف رسي ٿي، يا ريڊيو ٽي وي وڏي آواز سان ٻُڌڻ تي پاڙي وارن کي ڊسٽرپ ڪري ٿو ته پوءِ اسان جو فرض آهي ته هن کي سمجهايون ۽ سنئين راهه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
• ڪنهن کي سنئين راهه ڏيکارڻ لاءِ اهو چوڻ ڪافي ناهي ته فلاڻي شيءِ غلط آهي ان کي ڇڏي ڏي. مثال جي ڳالهه معاشري جا ماڻهو ڪڪڙ ويڙهائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ يا جوا جهڙين ڳالهين جا عادي آهن ته انهن جي عادت فقط اهو حڪم جاري ڪرڻ سان ته اهو ڪم خراب آهي هڪدم بند ڪيو، بند ڪري نٿو سگهجي. ٽي ويءَ تان ناچ گانا ڊانسون اچن ٿيون ۽ هڪ ڏينهن حڪومت اهو چئي انهن تي بندش لڳائي ته اهي غير اسلامي شيون آهن، اهي بداخلاقي پئدا ڪن ٿيون، وغيره ته آئون نٿو سمجهان ته عوام ٻئي ڏينهن ٽي وي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي رڳو ويٺو ٻانگون ٻڌندو. هرگز نه. ائين بندش هڻڻ تي ٻئي ڏينهن هو ڪٿان روزمره جي ناچ گانن کان به خطرناڪ ۽ شهوت انگيز اگهاڙين فلمن جا ڪئسٽ وٺي اچي وڊيو ذريعي ڏسندو. ان ڪري ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن توهان ڪا شيءِ ڪنهن کا کسيو ٿا ته ان کان بهتر ان جهڙي نعم البدل ته مهيا ڪريو، ٽي ويءَ تان ناچ گانن تي بندش وجهو ٿا ته پوءِ ڪي اهڙا سائنسي پروگرام، دلچسپ ڊاڪومينٽري فلمون، دلپسند راندين جا پروگرام وغيره ضرور ڏيو، جيئن ڏسندڙ جي وندر جو سامان پئدا ٿئي. ڪنهن ٻار کان هڪ رانديڪو اهو چئي ڦريو ٿا ته ان سان کيڏڻ ڪري هٿ وڍجي پوندو ته پوءِ ڀلا کيس ان جي بدلي ڪو ٻيو رانديڪو ته ڏيو.
• ڪيترا ڳوٺن جا جاهل مولوي ملان اهو چوندا آهن ته گورن جي ملڪ ۾ نه وڃجي، يعني يورپ ۾ نه وڃجي، پر آئون چوان ٿو ته ڪنهن کان به سٺي شيءِ سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي، علم سکڻ لاءِ ته چين به وڃي سگهجي ٿو. پر ها اهو ضروري آهي ته اهي ڳالهيون جيڪي غير اخلاقي آهن انهن کان پاسو ڪجي ۽ انهن ۾ حصو نه وٺجي.
• جيستائين زمين جو حصو صاف ۽ سڪل آهي، مصلو يا چادر وڇائي ڪٿي به نماز پڙهي سگهجي ٿي. اجايا گهڻا وهم ۽ وسوسا ڪري نماز ڇڏي ڏيڻ غلط آهي. ڪيترا ماڻهو هنن ملڪن ۾ اچي پوءِ وار جي کل پيا لاهيندا آهن ته ٿي سگهي ٿو هيءَ جاءِ نماز پڙهڻ لاءِ پاڪ نه هجي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن يورپين هن هنڌ تي شراب پيتو هجي، ٿي سگهي ٿو هتان ڪو سوئر لنگهي ويو هجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻار پيشاب ڪيو هجي .... ڇا ته وسوسا آهن! اسلام ۾ ايڏي Rigidness ۽ پيچيدگي ناهي. توهان جي اکين اڳيان نماز پڙهڻ واري جاءِ ڪو خراب ڪري ويو هجي، يا ڪو توهان کي ٻڌائي ٿو ته هيءَ جاءِ ناپاڪ ٿي وئي آهي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، باقي جيستائين اها صاف سٿري ۽ سڪل نظر اچي رهي آهي تيستائين ٺيڪ آهي.
• مٿي کي پوتيءَ يا رومال سان ڍڪڻ اسان جي مذهب مطابق آهي، ان ۾ اسان کي عيب ڇو محسوس ٿيڻ کپي؟ انگريز يا يورپي ماڻهن سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ گلي کي ڍڪڻ لاءِ ٽائي ايجاد ڪئي، جيڪا سرد موسم جي ڪري هو نه فقط پنهنجن ٿڌن ملڪن ۾ ٻڌي ٿو، پر آفريڪا ۽ ايشيا جي گرم ملڪن ۾ به ٻڌي ٿو. ان جي ڪاپي ڪرڻ لاءِ اسان وتون پنهنجن گرم ملڪن ۾ به ٽائيون ٻڌندا. باقي مٿي ڍڪڻ ۾ ڇو عيب هجڻ کپي؟ منهنجي فلپينو زال ته هر وقت مٿي کي روسريءِ سان ڍڪيل رکي ٿي، پر وڏي ڌيءَ جو پڻ، جيڪا هاڻ نون سالن کان وڏي آهي، هر وقت مٿو ڍڪيل نظر ايندانوَ. هنن جي ايتري عادت ٿي وئي آهي جو مٿي ڍڪڻ بنا هنن کي عجيب لڳي ٿو.
• هي يورپ جا ماڻهو اسان کي Regional Co-operation ، گڏ گذارڻ ۽ ٻڌي ڪري هلڻ جي تلقين ڪن ٿا، پر اسان کي عمل نٿا ڪرڻ ڏين. ڪيترن سالن کان اسان ايرانين ڀر وارن عرب ملڪن سان دوستي ۽ ڳانڍاپو وڌايو پئي ۽ ڪافي حد تائين اسان ۾ هڪ ٻئي لاءِ قرباني ۽ درگذر ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو، ته مغرب وارن وٺي ايراني نار ۽ عربي نار جو شوشو جاري ڪيو. هاڻ هڪ شيءِ جيڪا صدين کان ايراني نار Persain Gulf سان سڏبي اچي، ان لاءِ توهان کي ڪهڙي پريشاني ٿي آهي؟ ڪيترن ان ڏي ڌيان نه ڏنو پر تنهن هوندي به ڪيترا عرب اصل مقصد کي سمجهڻ بنا ان کي عزت جو سوال سمجهي ضد ۾ اچي ويا ته ”ها. ان کي عربي نار سڏڻ کپي.“ هاڻ ٻَڌي ۽ دوستي اتي ئي ٿي، هڪ معمولي ڳالهه تان ڄنڊا پٽ شروع ڪري ڏني اٿئون ۽ ان قسمن جي بحثن جو خاتمو ڏکيو ئي ٿيندو آهي. ويتر مغربي پريس ۽ اسان مسلمانن جا دشمن ان جهيڙي کي وڌائي مزو وٺي رهيا آهن. ايران عراق جي جنگ ۾ ايران تباهه ٿئي ياعراق، مسلمانن جا دشمن خوش ٿين ٿا. اهڙي طرح عراق ۽ ڪويت جي مار مارا ۾ کڻي ڪير به مري ته به مغرب خوش. مڙيئي ماٺ ۽ امن امان بدران ٻيگهي متي پئي هجي، جيئن هي لٺ سردار ٿي وتن فيصلا ڪندا ۽ هٿيار وڪڻندا.
• اهڙي طرح ايران جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ جيڪو ماضيءَ ۾ ڪجهه سالن لاءِ ڪنهن عرب حاڪم کي اوڌر تي يا مسواڙ تي ڏنل هو، جنهن کي وٺڻ جي جڏهن ڳالهه ٿا ڪريون ته واپس ڏيڻ وارن کان اڳ يورپي ۽ آمريڪن وچ ۾ ٽپي ڇيرو پيدا ڪن ٿا ۽ ماڳهين ڳالهه مان ڳالهوڙو بنائي، اسان کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي ڇڏين ٿا. سو هي ترقي يافته يورپي ملڪ توڙي آمريڪا امن، ٻڌي ۽ سلامتيءَ جون ڳالهيون ضرور ڪن ٿا پر هو چاهين نٿا ته ڪو اسان ٻڌي ۽ سڪون ۾ رهون.