سئيڊن جي تواريخ- بادشاهن جي ڪهاڻي
سئيڊن جي اوائلي ٻن صدين ۾ بادشاهن سئيڊن کي هڪ مضبوط ملڪ ۽ قوم بنائڻ ۾ ڪافي جدوجهد ڪئي. ان وقت جي حاڪمن جي طاقت جو زور ڪڏهن گهٽ ٿي رهيو ته ڪڏهن وڌيڪ ۽ ساڻس ڪليسا گهرن جي ٻاون، پادرين جي ويڙهه هئي. ماڻهن ڪڏهن مذهبي اڳواڻن کي اهم سمجهيو ٿي ته ڪڏهن پنهنجن حاڪمن کي. حڪومت ڪرڻ واري ڪلاس کان علاوه هارين نارين جي به ڪافي هلي ٿي ۽ راڄ هلائڻ ۾ انهن جي تعاون وڏي اهميت رکي ٿي. سئيڊن جي پارليامينٽ جا چار درجا جن ۾ بادشاهي گهراڻو، مذهبي ٻاوا، شهرن جا رهاڪو ۽ هاري ناري پندرهين صديءَ کان شروع ٿيا.
پندرهين صديءَ ڌاري سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ گڏجي هڪ سياسي يونين ٺاهي هئي، جنهن جو لٺ سردار ڊئنمارڪ جو بادشاهه هو. انهن ڏينهن ۾ فن لئنڊ ۽ ناروي الڳ ملڪ نه هئا، بلڪ ناروي ڊئنمارڪ جو حصو سمجهيو ويندو هو ۽ فنلئنڊ سئيڊن جو. پر اهو ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جو Nordic Union جي شڪل ۾ ڳانڍاپو گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. گستاوو واسا ( Gustav- vasa) نالي شاهي گهراڻي جي هڪ غير مشهور نوجوان ان وقت جي ڊئنش شهنشاهه خلاف انقلاب آندو ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد ڇهين جون 1523ع تي پاڻ سئيڊن جو بادشاهه ٿي تخت تي ويٺو. اڄڪلهه اهو ڏينهن - يعني ”ڇهين جون“ سئيڊن جو قومي ڏينهن سڏجي ٿو.
گستاوو واسا ( Gustav-vasa) نه فقط ڊئنش ماڻهن تي سوڀ حاصل ڪئي پر اندروني ملڪ ۾ مذهبي اڳواڻن ۽ هارين جي گوڙ گهمسان ۽ فساد کي پڻ ٻنجو ڏنو. 1560ع ۾ مرڻ وقت گستاوو واسا سئيڊن کي هڪ قومي رياست جي حيثيت ۾ ڇڏي ويو، جنهن تي سندس وارثن جو راڄ هلندو رهيو.
1611ع ڌاري جڏهن گستاوو واسا جو پوٽو ”گستاوو - اڊولف ٻيو“ بادشاهه ٿيو ته سئيڊن سياسي ۽ معاشي طرح هڪ مضبوط ملڪ ٿي چڪو هو. هي بادشاهه پاڻ به سياست ۽ مليٽري کيڏن ۾ هوشيار هو، پر جرمني سان هلندڙ هڪ ويڙهه ۾، سن 1632ع ۾، مارجي ويو. هن بادشاهه جو ڪو به ٻار ان وقت بالغ نه هو. سندس ڌيءَ ڪرسٽينا ان وقت فقط ڇهن سالن جي هئي. ٻارهن سالن بعد جڏهن هوءَ سن 1644ع ۾ ارڙهن سالن جي ٿي ته تخت تي ويٺي ۽ ڪافي رعب تاب سان حڪومت هلايائين. سندس پروٽيسٽنٽ عيسائي مذهب سان واسطو هو، انهن ڏينهن ۾ پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ عيسائين جون پاڻ ۾ جهڙپون متل هيون. پورن ڏهن سالن بعد سن 1654ع ۾ هن تخت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ مذهب بدلائي ڪئٿولڪ ٿي وئي. ان بعد عمر جا باقي ڏينهن هن پنهنجي مرضي سان ملڪ کان ٻاهر گذاريا ۽ گهڻو وقت روم ۾ رهي.
راڻي ڪرسٽينا جي تخت ڇڏڻ بعد سندس سئوٽ ڪارل گستاو ڏهون تخت تي ويٺو. پاڻ مليٽري ڪمانڊر جي حيثيت ۾ گهڻو ملهايو. سئيڊن ۾ جيڪي اڄ اسڪاني Skane ۽ هالنڊ Halland ۽ گوٽالنڊ جا مشهور صوبا آهن، اصل ڊئنمارڪ جا هئا ۽ بوهسلن Buhslan ۽ جمت لئنڊ وارا صوبا اصل ناروي جا حصا هئا ۽ ڊئنمارڪ وارن سان جنگيون ڪري حاصل ڪيا ويا.
سئيڊن جو اسڪاني صوبو اهو ڏاکڻو حصو آهي، جنهن ۾ هي شهر مالمو (جنهن ۾ اسين رهيل آهيون) اچي وڃي ٿو. مالمو کان علاوه هن صوبي جو ٻيو مشهور شهر لنڊ ( Lund) آهي جيڪو پڻ اتي جي يونيورسٽيءَ کان مشهور آهي. يورپ جي هن وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو بنياد هن بادشاهه ”ڪارل گستاوا ڏهين“ جي پٽ ”ڪارل يارهين“ جي ڏينهن ۾ سن 1668ع ۾ پيو. ڪارل يارهون سن 1660ع ۾ پيءُ جي مرڻ بعد تخت تي ويٺو هو. سندس حڪومت عوام کي پرسڪون دور ڏنو ۽ پوءِ 1697ع ۾ ڪارل يارهين جو پٽ ڪارل ٻارهون جيڪو چارلس ٻارهون به سڏبو هو سئيڊن جي تخت تي ويٺو، جنهن کي پيءُ طرفان تمام ٺهيل ٺڪيل ۽ پرسڪون اندروني حڪومت ملي، پر سندس ڏينهن ۾ ٻاهرين ملڪن جي کٽ پٽ لڳي. نئپولين ۽ هٽلر جيڪو ڪم اڳتي جي صدين ۾ هلي ڪيو اهو هن بادشاهه ڪارل ٻارهين ڪيو. روس تي حملن دوران کيس شروعاتي سوڀ حاصل ٿي پر 1709ع ۾، پولٽاوا (Poltava) جي لڙائيءَ ۾ سندس فوج ڪُتر ٿي وئي ۽ سئيڊن جي هيڏي هاڪ ۽ شهنشاهي شان مان ۽ دٻدٻي کي هن بادشاهه کڻي پٽ تي ڦهڪو ڪرايو.
بادشاهه ڪارل يارهين ۽ ٻارهين جي ڏينهن ۾ آهستي آهستي ”طاقت جو سرچشمو“ عوام ٿيندي وئي ۽ بادشاهن جي هر ڳالهه ۾ مٿڀرائي گهٽجي وئي. ان بدران پارليامينٽ سياسي طاقت جو مرڪز ٿي پئي. سياسي پارٽين جو پڻ سلسلو شروع ٿي ويو. اهو 1718ع کان 1772ع وارو دور هو جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته يورپ جي تواريخ ۾ ان عرصي کي Age of Liberty سڏجي ٿو. هن ۾ عوام جا ماڻهو بادشاهي راڄ جي گهيري کان چڱي حد تائين آزاد ٿي، هر ڳالهه پنهنجي مرضيءَ سان سوچڻ ۽ ڪرڻ لڳا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان دور ۾ سياسي پارٽين جون لچايون لڳيون رهيون، ڪيترا واقعا رشوت خوري جا پڻ ظاهر ظهور ٿيا ۽ سياستدانن ۽ ڪامورن ناجائز فائدا ۽ ٺڳيون ڪيون پر ان هوندي به هي دور سئيڊن جي معاشي، ڪلچرل ۽ سائنسي ميدان جو سونهري دور هو. هي اهوئي پيرڊ هو جنهن ۾ هتي جي سائنسدان ”مسٽر ائنڊريس سيلس“ گرمائش جي ماپي کي هڪ سئو ڊگرين ۾ ورهايو ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ اهوسندس نالي (Celsius) سان سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح امئنول سويڊن بورگ مذهبي فلاسافر ۽ ٻيا ڪيترا هن دور جي پيدائش آهن.
هن دور جي آخر ۾ سياستدانن جي پاڻ ۾ اهڙي اچي لڳي جو ويا هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪندا. ان وقت جو نوجوان بادشاهه گستائو ٽئين حالتن مان فائدو وٺي 1772ع ۾ انقلاب آندو ۽ عوامي حڪومت جو راڄ ختم ٿي ويو.
ويهن سالن بعد 1792ع ۾ هن بادشاهه کي اوپيرا هائوس (ناچ گهر) ۾ ڪنهن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جنهن بابت پوءِ معلوم ٿيو ته اهو ڪم محلاتي سازشن مطابق سندس ئي خاندان جي ماڻهن ڪيو. هي بادشاهه گستائو ٽيون کڻي سٺو سياستدان نه هو پر مغل شهنشاهن وانگر عمارتن ۽ آرٽ جو سرپرست هو. سئيڊش اڪيڊمي ۽ ٻيا ڪيترائي آرٽ جا ادارا ۽ ڪلچرل اسڪول هن ٺهرايا.
پيءُ جي مرڻ بعد سندس پٽ گستائو چوٿون تخت تي ويٺو پر هي گستائو ٽئين وانگر آرٽ جو شوقين نه هو. گهرو توڙي ٻاهرين پاليسيءَ ۾ سخت مزاج ثابت ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ نيپولين واررين جنگين ۾ خواهه مخواهه سئيڊن به ڦاسي ويو ۽ انگلينڊ جو پاسو ورتائين. هڪ دفعو وري روس پنهنجا چنبا ڏيکاري سئيڊن کي ڊيڄارڻ لڳو.
ارڙهن سئو اٺ ۽ نو جي وچ واري هلندڙ لڙائيءَ ۾ سئيڊن کان سڄو فنلئنڊ وارو صوبو هارائجي ويو ۽ ان تي روس قبضو ڪري ورتو. گستائو چوٿين جي غلط سلط پاليسين ڪري، جنهن تنهن جي دل ۾ بي چيني پئدا ٿي پئي ۽ ملڪ جي ملٽريءَ انقلاب آڻي کيس ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان بعد هن بادشاهه جي چاچي ڊيوڪارل کي نالي ماتر بادشاهت لاءِ چونڊيو ويو. لکت ۾ نئون آئين ٺاهيو ويو، جنهن ۾ پارليامينٽ ۽ بادشاهه جي هلنديءَ ۾ برابري رکي وئي.
1814ع ۾ سئيڊن وڙهڻ کان پاسو ڪرڻ جو هڪ عهدنامو ڪيو، جنهن کي 1814ع جي Treaty of Kiel سڏجي ٿو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن سئيڊن پنهنجن توڙي پراون لڙائين جهڳڙن کان پاسو ڪندو اچي ۽ عوام سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.
اڳتي هلي فنلئنڊ روس کان جان ڇڏائي ۽ اڄ اهو به هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ هوڏانهن جيڪو ناروي ڊئنمارڪ جو حصو هو، اهو ڊئنمارڪ جي بادشاهه سئيڊن کان سندن صوبو پوميرانيا وٺي ان جي بدلي ۾ کيس ناروي ڏنو. پر ناروي وارن نڪي ڊئنمارڪ وارن سان رهڻ چاهيو ٿي نڪي سئيڊن وارن سان. ٿوري گهڻي ڏي وٺ ۽ گار گهمسان بعد اهو به آزاد ٿي ويو ۽ جهازي ڪارخانن ۽ زمينن مان نڪرندڙ تيل ڪري هاڻ اهو به سکيو ستابو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ پوڙهن نارويجن کي سئيڊ ۽ سئيڊ همراهن کي نارويجن ڪڏهن ڪڏهن نٿا وڻن، پر نوجوانن جو هڪ ٻئي سان چڱو ميل ميلاپ ۽ پنهنجائي آهي. هو پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا نه ته سوٽاڻي سئوٽ ته ضرور چئي سگهجن ٿا.
1865ع ۾ سئيڊن ۾ هڪ ٻي سياسي تبديلي پڻ آئي هئي. چئن درن واري پارليامينٽ (جنهن ۾ شاهي خاندان جا ماڻهو، مذهبي رهنما، شهري ۽ هاري ناري شامل هئا) کي رد ڪري ٻن چئمبرن واري پارليامينٽ ٺاهي وئي جيڪا هڪ صديءَ کان به مٿي قائم رهي.
28 فيبروري 1986ع تي هتي جي وزيراعظم اولوف پامي کي اسٽاڪ هوم جي ڀريل گهٽيءَ ۾ ماريو ويو. سڄو سئيڊن ان حادثي تي وائڙو ٿي ويو، نه ته سڄي صدي هي ملڪ ماٺ ۽ سڪون ۾ رهيو، جتي ڪُتي ٻلي کي مارڻ تي به ماڻهن کي صدمو ٿي رسيو. بهرحال سياسي نظام قائم رهيو ۽ ملڪ ۾ ڪو به وڳوڙ يا گوڙ گهمسان نه ٿيو. ماڻهن سمجهيو ته ٻين ملڪن وانگر هاڻ شايد سئيڊن ۾ تشدد جي سياست شروع ٿي وڃي، پر ائين نه ٿيو. ملڪ ۾ ٿوري گهڻي چوري چڪاري ۽ کاٽ لڳڻ جي باقي امن امان هلندو اچي.
اڄ سئيڊن ۾ شهنشاهي راڄ آهي، پر بادشاهه جي هٿن مان آهستي آهستي ٿي سڀ طاقت هلي وئي آهي. 1974ع Constitution مطابق King is Head of State and has only ceremonial functions. يعني هو فقط نالي ۾ ئي ملڪ جو وڏو آهي، ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي _ سواءِ دعوتون کائڻ جي. 1970ع ۾ ٻن چئمبرن واري Bicameral پارليامينٽ بدران Unicameral پارليامينٽ بنايو ويو، جنهن لاءِ عوام طرفان ساڍا ٽي سئو کن ميمبر چونڊيا وڃن ٿا. اليڪشن هر ٽين سيپٽمبر تي ٿئي.
1920ع کان وٺي ملڪ ۾ پنج سياسي پارٽيون هلنديون اچن، جيڪي هن ريت آهن: ماڊريٽ (هنن جو پهرين ”ڪنزروئٽو“ نالو هو)، لبرل، سينٽر (جيڪي پهرين ”اگرارين“ سڏرائيندا هئا)، سوشل ڊيموڪرئٽ ۽ پنجين پارٽي ڪميونسٽن جي آهي. 1988ع ۾ گرين نالي هڪ ٻي سياسي پارٽيءَ جو واڌارو ٿيو آهي.
سالن کان سئيڊن ۾ سياسي سانت ۽ Stablilty رهي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ڳڻايا وڃن ٿا. سڀ کان بنيادي سبب اهو آهي جو هن ملڪ کي ڪي وڏي پئماني جا سماجي، مذهبي، صوبائي ۽ لساني مسئلا نه آهن. ان کان علاوه معاشي طرح سکيو ستابو ملڪ آهي. هر هڪ جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو حڪومت ذمو کڻيو ويٺي آهي ۽ جنهن جو نظام دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ نموني جو آهي جيڪو هر ملڪ جي حڪومت جو خواب آهي. ٽين اهم ڳالهه اها آهي ته 1814ع کان وٺي هي ملڪ پنهنجن توڙي پراون جهيڙن جهٽن کان پاسو ڪندو اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه آدمشماري تمام گهٽ اٿن، جنهن کي ٿورو به وڌڻ نٿا ڏين.