سنگاپور ۾ ڦٽڪن جي سزا
هڪ ڏينهن مبارڪ مون کان پڇيو: ”پاڻ وارو سنگاپوري همراهه ان معاملي ۾ پنهنجو پاسو ڇو ٿو کڻي؟“
” ان ڪري جو سندس ملڪ سنگاپور ۾ به سعودي عرب وانگر ڏوهن جون سزائون سخت آهن،“ مون ٻڌايومانس، ”چرس ۽ هيروئن رکڻ جهڙن وڏن ڏوهن تي ته يڪدم ڦاسي آهي، پر معمولي گندين عادتن تي به ڳرا ڳرا ڏنڊ رکيل آهن. رستي يا ٽرين لاريءَ ۾ ٿڪ يا پنو اڇلائڻ تي به پنج سئو ڊالر ڏنڊ آهي. مٿين ماڙ تان ٻه دفعا ڪچرو اڇلڻ تي (جي هيٺين ماڙ وارو پوليس کي فون ڪري ٻڌائي يا پوليس کي پاڻهي خبر پئجي وڃي ته) ان کي پهرين دفعي ۾ ڏنڊ ۽ ٻئي دفعي فلئٽ ڇڏڻو پوي ٿو. سخت سزائن ڪري سڄي سنگاپور قوم سڌو ٿي پئي هلي نه ته سنگاپور جهڙي ننڍڙي ٻيٽ تي چيني، تامل، ملئي، يورپي وڻ وڻ جي اها ڪاٺي آهن جو وٺ ئي نه ڏين. سخت سزائن ڪري هاڻ اهڙي حالت آهي جو توهان جي ڪا شيءِ رستي تي ڪري پوي ته سڄو ڏينهن گذري وڃي ان کي چوري جي نيت سان ڪو هٿ نه لائيندو. وري موٽي اچي پاڻ کڻي سگهو ٿا يا Lost and Found ڊپارٽمينٽ مان وڃي کڻي سگهو ٿا _ جيئن سعودي عرب ۾ نماز جي وقت دڪان خالي ڇڏي هليا وڃن، مجال آهي ڪنهن کي چوريءَ جي همت ٿئي.“
سنگاپور ۾ ڪافي عرصي کان ڏوهارين کي ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا ۽ ان سزا (Caning) ڪري ڏوهن ۾ چڱي گهٽتائي آئي آهي. اها لَڪُڻ سان ڪُٽڻ جي سزا برٽش پينل ڪوڊ جو هڪ حصو آهي، جيڪا سنگاپور ۾ 120 سالن کان لاڳو آهي. پر هاڻ ويجهڙائيءَ کان ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ سورهن کان اوڻيهن سالن جي نو ڇوڪرن جي سنگاپور ۾ ڪيننگ ٿي. هنن ڀتين ۽ پَراين ڪارن تي Sprary –paint سان لکيو هو. انهن ۾ ٽي آمريڪن هئا، ٻه ملائيشا جا، هڪ بيلجم جو ۽ هڪ هانگ ڪانگ جو چيني هو. کين لڪڻ (چهي سان) ڦٽڪا هڻڻ کان علاوه، ٻه ٻه هزار سنگاپوري ڊالر ڏنڊ پڻ وڌو ويو. ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جيل جي سزا رکيل آهي.
جنهن لَڪُڻ سان سنگاپور ۾ ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا، اهو ول ٽائيپ پام جي وڻ جو چَهو هوندو آهي، جنهن کي ملئي زبان ۾ ( Rotan) ۽ انگريزيءَ ۾ Rattan سڏجي ٿو. هي اهو لڪڻ ٿئي ٿو جنهن ۾ ڇنڊڻ جو ڪپڙو (Duster) ٻڌل هوندو آهي ۽ ڪين جي اوچي فرينيچر ۾ ڪم اچي ٿو. جنهن لڪڻ سان ڏوهاريءَ کي ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا ان جي ماپ ڪورٽ طرفان مقرر ٿئي ٿي. اهو پنج فوٽ ڊگهو ۽ اڌ انچ ٿلهو ٿئي ٿو. هي لڪڻ لچڪيدار ۽ سخت ٿئي ٿو. هن لڪڻ جون ڪنڊون بانس وانگر ڦاٽي ڇيتيون ڇيتيون نٿيون ٿين. استعمال ڪرڻ کان هڪ رات اڳ اهو لَڪُڻ پاڻيءَ ۾ پسائي رکبو آهي.
جيل سان واسطو رکندڙ هڪ همراهه ٻڌايو:
”ڦٽڪا هڻڻ وارو جيل جو آفيسر هن ڪم ۾ ماهر هوندو آهي ۽ سندس اها ئي ڪوشش هوندي ته ساڳي هنڌ تي ٻيو ڦٽڪو نه لڳي، ڇو جو هر ڦٽڪو ايڏو زور سان هنيو وڃي ٿو، جو جسم جي کل اڊڙي پوي ٿي. ڦٽڪا هڻڻ کان اڳ ڏوهاريءَ جي چيلهه وٽ (جتي بڪيون Kidneys آهن) وهاڻا ٻڌا وڃن ٿا جيئن غلطيءَ ۾ ان هنڌ لڪڻ نه لڳي. مجرم جي بيهوش ٿيڻ تي ڦٽڪا بند ڪيا وڃن ٿا، جيسين ڊاڪٽر کيس هوش ۾ آڻي.“
سنگاپور جيل جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڦٽڪن جو سور لڳڻ وقت کان وڌيڪ پوءِ ٿئي ٿو. ڏوهاري نه ويهي سگهي ٿو نه سڌو سمهي سگهي ٿو، کيس هفتو کن گهٽ ۾ گهٽ اونڌو ٿي سمهڻو پوي ٿو.
جيل جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته ڦٽڪا (Caning) اهڙي سزا آهي جو هڻ کڻ وارو اثر رکي ٿي. ڪو خانداني کريل نه هجي، باقي جهڙا تهڙا ڏوهاري ائين سڌا ٿيو وڃن جو وري ان ڏوهه جو زبان تي به نالو نٿا آڻين.
سنگاپور ۾ ڦٽڪن جي سزا نه فقط ڀتين تي لکڻ تي ملي ٿي پر چوري ۽ زنا جهڙن ڏوهن تي به ملي ٿي. گهڻي ۾ گهڻا چوويهه ڦٽڪا لڳايا وڃن ٿا. اها ايڏي وڏي سزا آهي جو انسان ڪي هفتا زنده لاش ٿيو پوي.
سنگاپور جي انهن سزائن کي پڻ مغرب جي پريس ظالماڻيون سزائون سڏي ٿي، پر بقول اسان جي سنگاپوري ساٿي چيني ڪئپٽن جي، اڄ ڪلهه جي ڏوهاري ماڻهن ۽ ملڪن کي اهڙي طرح ئي صحيح ۽ صاف سٿرو رکي سگهجي ٿو.