اسان جي ماڻهن جون ٺڳيون
هڪ پاڪستاني جيڪو سئيڊن ۾ چرس جي سمگلنگ ۾ پڪڙجي پيو هو ۽ جيل ڪاٽڻ بعد کيس پاڪستان موڪلي رهيا هئا پر پوءِ رحم کائي هتي جي حڪومت کيس هتي رهڻ ڏنو. هن کي اٺ سال ٿي ويا آهن پر نوڪري ۽ پورهئي کان آڱوٺو. زور رڳو ٺڳيون ڪرڻ تي هوندو اٿس. اسان جهڙن نون آيلن کي به ڏٽا ڏيئي ڦرڻ ۽ دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻاهرين تي لئه رکڻ لاءِ پاڻ کي وڏو ماڻهو ظاهر ڪندو ۽ چوندو منهنجا فلاڻي فلاڻي ملڪ ۾ واپار هلي رهيا آهن، صبح جو ڏهين بجي اٿان ٿو ته به مهيني ۾ لک رپيا ڪمايان ٿو.
هڪ ڏينهن هتي رهندڙ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل پاڪستانيءَ کان ان بابت پڇيم ته هن کلي وراڻيو:
”ها. بلڪل ايترو ملندو هوندس. هر مهيني پنهنجي ۽ زال جو سرڪار کان بيروزگايءَ جو ڀتو وٺي ٿو. چار ٻار اٿس هر هڪ جا چار هزار رپيا کن انهن جا ملنس ٿا، مٿان وري سرڪاري طرح لکايو اٿس ته زال کي طلاق ڏني اٿم، سو زال کي طلاق جا الڳ پئسا وٺرائي ڏئي ۽ طلاق جي صورت ۾ ٻيو جيڪو گهر مليو اٿس اهو لڪ چوريءَ مسواڙ تي ڏئي ان مان ڪمائي رهيو آهي. سو ظاهر آهي، مهيني ۾ لک ٿي ويندو هوندس، پر اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان ايشين - خاص ڪري پاڪستانين کي سئيڊن جي ماڻهن ۾ بدنام ڪن ٿيون.“
اهو ئي حال عربن جو آهي. سئيڊن ڊئنمارڪ ۽ ناروي اهي ملڪ آهن جتي ڪو پکي يا جانور کي به ايذاءُ نٿو پهچائي، پر اسان پاسي جي ماڻهن جي گهڻائي هتي ڏوهن کي جنم ڏنو آهي. روزانو ڪٿي ڪو ڏنڊا کڻي ٻئي جا مٿا ڦاڙي ٿو، ڪٿي پستول بندوقون کڻي ٿو. نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻ ڌارين ملڪن جو ماڻهو هتي گهمڻ لاءِ اچي ٿو ته به هتي جي ماڻهن کي نٿو وڻي. هميشه لاءِ رهڻ ته ناممڪن ڳالهه ٿي پئي آهي.
جيڪي هتي رهيل آهن اهي ڪجهه هوش ڪري سٺا ٿي هلن اهو هرگز ناهي. هرڪو ٻئي جو غلط ڪم ڏسي ان تي عمل ڪري ٿو. هڪ ائين ڪوڙي طلاق ڏئي سرڪار مان پئسا ڪڍيا ته ٻيو به ائين ڪري ٿو، جيتوڻيڪ هن شهر مالمو جي مسجد جي مولوين مفتين اها فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي ته ان قسم جي ”طلاق“ طلاق ٿي وئي، پر اسان جا ڀائر چند ڏوڪڙ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ هر قسم جا غلط ڪم ڪندي عيب نٿا محسوس ڪن. ڪيترن کي نوڪري يا ڌنڌي ڌاڙيءَ مان ڪمائي هوندي ته به هر مهيني سرڪار کان بيروزگاريءَ جو ڀتو ڦٻائيندو رهندا. ٽئڪس ڏيڻ ته ٿي پري جي ڳالهه. مزي جي ڳالهه اها ته ان قسم جي ڪميني حرڪت ڪرڻ بعد دل ۾ افسوس ڪرڻ بدران خوش ٿيندا آهن ۽ چوندا: ”چڱو ٿا ڪريون، ڪافرن مان پئسو ڪڍيو ويٺا آهيون.“
سمجهه ۾ نٿو اچي اسان ڪهڙا مسلمان آهيون! عراق، لبنان، ايران يا شام ۾ ظلم ٿئي ٿو ته اتي جي ماڻهن کي اسان جا مسلمان ۽ امير ملڪ (سعودي عرب، ڪويت، گلف جهڙا) به نٿا رهائين. هي ڌاريان ملڪ اسان کي رهڻ ڏين ٿا، زندگي جون ضرورتون گهر ويٺي پوريون ڪري ڏين ٿا، ان هوندي به کين ئي کاٽ هڻون ٿا ۽ چئون ٿا ته چڱو ٿا ڪريون!