سئيڊن بابت ڪجهه ٻيون ڳالهيون
*سئيڊن ۾ موت جي سزا 1921ع ۾ ختم ڪئي وئي. هينئر سڀ کان وڏي سزا ”عمر قيد“ آهي، جنهن جي پورائي لاءِ ڏوهاريءَ کي ٻارهن کان سورهن سالن جو يڪو عرصو قيد ۾ گذارڻو پوي ٿو.
*سئيڊن ۾ ڏوهارين کي سڌارڻ پٺيان بنيادي سوچ اها آهي ته کين نه فقط سندن ڏوهه جي سزا ڏني وڃي، پر هن کي سٺو شهري بنائي جيل کان ٻاهر ڪڍجي. منجهن نشي پتي جهڙيون خراب عادتون هجن ته انهن کان کيس نجات ڏيارجي. چوريءَ جهڙن ڏوهن پٺيان جيڪڏهن بيروزگاري سبب آهي ته کين تعليم ۽ هنر سيکاري، پورهئي ڌنڌي سان لڳائجي، جيئن هو عزت سان حق حلال جي روزي ڪمائي سگهن. جيڪڏهن ڪو ڏوهاري سزا جو مدو پورو ڪرڻ دوران جيل ۾ سٺي طرح رهي ٿو ۽ پاڻ کي بهتر ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته هن جي اڌ يا ٽيون حصو سزا معاف ڪئي وڃي ٿي- بشرطيڪ هن خون يا زنا جهڙو وڏو ڏوهه نه ڪيو هجي.
*ننڍن ڏوهن ۾ آيل مجرمن کي جيل ۾ رکڻ بدران عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اهو طريقو يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به چڱي حد تائين ڪامياب ثابت ٿيو آهي. مثال طور ننڍي عمر وارن کي سندن پهرين ڏوهه جي سزا ڏنڊ يا جيل بدران روزانو ڪجهه ڪلاڪ ڪنهن محلي جي صفائي يا ڪنهن پارڪ ۾ باغباني لاءِ چيو وڃي ٿو.
*خون جي قيدين کان علاوه ٻين کي سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ڪجهه ڏينهن وئڪيشن طور موڪل به ڏني وڃي ٿي.
*”موڪل جو عرصو پورو ٿيڻ تي ڪجهه قيدي جيل ڏي رخ نٿا ڪن،“ هڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو، ”پر وڏو تعداد موٽي اهو ثابت ڪري ٿو ته هو سٺا شهري آهن ۽ سندن سزا جو ڪجهه ٻيو عرصو گهٽايو وڃي ٿو. ڀڄڻ وارا في الحال ته ڀڄيو وڃن پر وري جهلجڻ تي هڪ طرف هو پنهنجي سالياني موڪل جي سهولت وڃائين ٿا ۽ ٻي طرف کين وڌيڪ سزا ملي ٿي.“
• ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو سيڪڙو پڙهيلن جو Scandinavian ملڪن ۾ آهي- يعني ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ۾. هتي استادن (ماسترن، ليڪچرارن، پروفيسرن) کي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن کان به وڌيڪ مانوارو سمجهيو وڃي ٿو. هتي جي ماڻهن ۾ پرائمري تعليم سئو سيڪڙو آهي ۽ ان بعد انهن مان نوي سيڪڙو سيڪنڊري تعليم وٺن ٿا.
• افسوس ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڃان تائين ٻارن کي صحيح طرح پرائمري تعليم به نٿي ملي. ڪيترن هنڌن تي سرڪار طرفان پني ۽ فائيل تي اسڪول کليا پيا آهن، پر ماستر گهر ستا پيا آهن يا ويٺا وڏيرن جي اوطاقن ۾ رمي کيڏين.
• هوڏانهن سئيڊن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ 1842ع کان پرائمري تعليم ڪمپلسري آهي، جيتوڻيڪ هتي جي اونده انڌوڪاري ۽ ٿڌ واري موسم کي ڏسجي ٿو ته هتي جي ننڍن ننڍن ٻارن سان همدردي ٿئي ٿي ته ڪيئن صبح جو سوير مينهن ۽ برف باريءَ ۾ پنڌ ۽ سائيڪلن تي ڏورانهن اسڪولن ڏي وقت تي پهچن ٿا.
• فنلنڊ ۾ ان قانون کي ٺهي هڪ سئو سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي ته جيڪو پڙهيل نه هوندو ان جي شادي نه ٿيندي ۽ ان تي سختيءَ تي عمل ٿيندو اچي.
• سئيڊن نوبل پرائيز ڏيڻ کان به مشهور آهي. هر سال ڏهين ڊسمبر تي هتي جو بادشاهه، ادب، امن ۽ سائنس جا نوبل پرائيز ورهائيندو آهي، اهو فنڪشن اسٽاڪ هوم جي Concert- Hall ۾ ٿيندو اچي ۽ اٽڪل ٻن ڪروڙ ڊالرن جا انعام ورهايا وڃن ٿا. اهو انعام دنيا جو وڏي ۾ وڏو انعام سمجهيو وڃي ٿو.
• پاڪستان مان به ڊاڪٽر عبدالسلام کي سائنس جو انعام ملي چڪو آهي. ايشيا جو پهرين ماڻهو رابندر ناٿ ٿئگور هو، جنهن کي بنگالي ادب ۾ سندس ڪتاب گيتا انجليءَ تي مليو.
• سورهين صديءَ جي آخري سالن ۾ سئيڊن جي هڪ رهاڪو الفرڊ نوبل نالي پنهنجي ۽ ٻين جي ايجادن مان چڱو ناڻو ڪمايو، جيڪو مرڻ وقت بئنڪن ۽ ڪارخانن ۾ لڳائي اها وصيت ڪيائين ته سندس ملڪيت مان ملندڙ فائدي جو ڪجهه حصو هر سال هنن انعامن لاءِ خرچ ڪيو وڃي، (نوبل پاڻ ڊائنامائيٽ ايجاد ڪيو. ان کان علاوه دونهون نه ڪڍڻ وارو نائٽرو گليسرين پائوڊر پڻ ٺاهيو.
• سئيڊن جا رهاڪو ڪرسچن آهن، هنن تمام دير سان مذهب اختيار ڪيو. سئيڊش انسٽيٽيوٽ طرفان ڇپايل ڪتاب (On Sweden) مطابق سئيڊن ۾ پهريان ”عيسائي- تبليغي“ نائين ۽ ڏهين صديءَ جي وچ ۾ آيا ۽ ان وقت هنن ملڪن جا مشهور ڦورو Vikings جرمني، فرانس ۽ انگلنڊ جي ڪليسا گهرن کي ساڙي رهيا هئا.
• سئيڊن جي ماڻهن کي مذهبي (عيسائي) ٿيڻ ۾ صديون لڳي ويون. 1164ع ڌاري رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو چرچ اپاسلا شهر ۾ ٺهيو، ان بعد پروٽيسٽنٽ عيسائي پنهنجي پرچار ڪرڻ لڳا ۽ سورهين صديءَ ڌاري عوام ۾ سئيڊن جو بادشاهه گستاوو واسا پروٽيسٽنٽ عيسائي ٿيو ۽ ان بعد رومن ڪئٿولڪ وارن جا ڪليسا گهر بند ڪيا ويا، جيڪي ويهن صديءَ ۾ وري کوليا ويا ۽ 1951ع ۾ هتي جي شهرين کي مذهب جي مڪمل آزادي ڏني وئي. هاڻ ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻهو هتي رهن ٿا.
• سئيڊن ۾ اڌ لک کن مسلمان، سورهن هزار يهودي، ٻه هزار ٻڌ ۽ ٻه هزار کن هندو رهن ٿا. انهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڌارين ملڪن کان هتي اچي رهيا، خاص ڪري ٻي وڏي جنگ کانپوءِ. ڪجهه هتي جا ماڻهو مسلمان، هندو، يهودي ۽ ٻوڌي پڻ ٿيا آهن.
• سئيڊن جي ٻين مشهور شين ۾ وول وو Volvo ڪمپني آهي، جنهن جون ڪارون، ٽرڪون ۽ بسون دنيا ۾ مهانگيون ۽ مضبوط سمجهيون وڃن ٿيون. ساب ۽ اسڪانيا Saab-Scania ڪمپنيون پڻ سئيڊن جون آهن جيڪي ڪارن ۽ ٽرڪن کان علاوه هوائي جهاز به ٺاهين ٿيون.
S.K.F ڪمپنيءَ جي بال بيئرنگ جو نالو پڻ هر ڪنهن ٻڌو هوندو، اها پڻ هتي جي ڪمپني آهي ۽ سندس سئيڊش نالو: Svenska Kullager Fariken آهي.