مهاڳ: خيالن جون جهوپڙيون
شاعر شهمير سومري جي شاعريءَ جو منظر نامو به هوبهو ائين ئي آهي. هن جا لفظ خيالن جون جهوپڙيون ٺاهي پاڻ ئي انهن جا ڏيئا بڻجي پون ٿا. جنهن جي سوجهري ۾ پڙهندڙ جو مَنُ مست ٿي رقص ڪرڻ لڳي ٿو ۽ آس پاس جي دنيا کي تَرڪ ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن چوي ٿو ته؛
گهاوَ منهنجا گلابن جيان ٿا ٽڙن،
سور رابيل ٿيندو وڃي ٿو پرين.
ته سچ پچ پڙهندڙ تي اهي غير معمولي صورت ۾ اثر انداز ٿين ٿا. هو شهمير کي قافين رديفن جون لسٽون اڳيان رکي شاعري ڪندڙ شاعرن کان بلڪل ڌار ڪري، من ئي من ۾ داد ڏيڻ جي اهڙي تعظيم وارو دڳ ٿو وٺي، جنهن جي حد نگاهه تائين مصنوعيت ۽ جُڙتو “واهه واهه” جو تِرَ جيترو به عمل دخل ڪو نه ٿو لڳي.
تلخ ماضيءَ جي تصوير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
ياد جي هن وڏي وير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
مون کي توسان ملڻ ڪو نه ڏيندي مٺي،
مون کي پنهنجي ئي تقدير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
مان محبت جون ڳالهيون ڪندو ٿو وتان،
هو چوي ٿي ته شهمير مان ڀؤ ٿو ٿئي.
صدمن ۽ لڙڪن کي دل ۾ ۽ پاڻ وٽ عيد ڪرائڻ وارو هي شاعر يگانگيءَ جي عالم ۾ جنهن وقت محبوب کي ڏوراپي جي نموني ۾ خوشيءَ کي ڀاڪر پائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ۽ دردن کي پاڻ وٽ عيد ڪرائڻ جو انوکو فڪر پيش ڪري ٿو، ته مينهوڳيءَ ۾ مور جا ٽهوڪا اڳيان ٿا اچن. ۽ جڏهن اڃا به اڳتي وڌي چوي ٿو ته؛
ڦٽ سمورا روئي پيا هن،
زخمن مون وٽ عيد ڪئي آ.
ته نه رڳو هن جي شاعريءَ تي رشڪ اچي ٿو، پر ٽپو ڏئي ازخود هن کي پنهنجي ڳچيءَ جو سونو هار بڻائڻ تي به دل اڇلون ٿي ڏئي. ڇو ته هو، هي پير مَنَ کي جهير ڏئي پوءِ ٿو کڻي ۽ بي ترتيب لفظن کي سمنڊ جي ڇولين جهڙي ڀاڪر ۾ ڀري پوءِ ئي اهڙي رواني ٿو ڏئي، جنهن سان نه صرف منظر خوبصورت ٿو ٿئي، پر ان جو پس منظر اڃان به گهڻو خوبصورت ٿي اڳيان ٿو اچي.
ڏينهن آتو مليو رات آتي ملي.
منهنجي جوڀن کي ڪنهن جي نه ڇاتي ملي.
¬¬
زندگي آنءُ جنهن سان گذارڻ گهريم،
سا جڏهن ڀي ملي حادثاتي ملي.
تلخ لهجو اندر کي ڪپيندو ويو،
ڄڀ هن کي نه ڄڻ تيز ڪاتي ملي.
ٽڪ جي رلهيءَ وارن رنگن سان سجايل هن جي شاعريءَ جي هنن سِٽن تان جڏهن ديد جي سفر جو گذر ٿئي ٿو ته؛
محبوب سان پيار جي مون حد ڪري ڇڏي.
آزار سان قرار جي مون حد ڪري ڇڏي.
آيون ضرور وقت جي ڏندن ۾ آڱريون،
اهڙي ته انتظار جي مون حد ڪري ڇڏي.
۽ ان ئي غزل جو هي بند ته؛
حاوي نه ٿي وڃي صفا هي درد مون مٿان،
مرڪي تڏهن بهار جي مون حد ڪري ڇڏي.
پڙهي، ٻه منٽ سندس سموري بياض کي پري رکي، انهن جي گهرائي ۾ وڃجي ٿو ته، ان راءِ کي منڊيءَ تي ٽِڪَ ڪري ٿو وٺجي، ته هي غزل نئين سنڌي غزل جي تاريخ جو بنا ڪنهن وڌاءَ جي سر موڙ غزل ٿو محسوس ٿئي. جنهن جي سونهن جون تجليون وقت جون اکيون کيريون ڪري ٿيون ڇڏين.
توتي جيئن ئي مرڻ لڳو آهيان.
سچ پڇين مان جيئڻ لڳو آهيان.
حال مون کان پڇڻ تون آئين آن،
آنءُ ڏس خوش ٿيڻ لڳو آهيان.
شاعري زندگيءَ جي محبوباڻين ادائن، ناز نخرن، نفيس رسامن پرچائن ۽ مينديءَ رتل ٻن هٿن جي تاڙيءَ جي نرالن آوازن ۾ساهُه کڻندي آهي ۽ مستيون ۽ موجون ان جي لازواليءَ کي يقيني بڻائينديون آهن. شهمير سومري جون ڪيتريون ئي سٽون ان ڪسوٽيءَ تي لهندي پڙهندڙن جي اڃارن ذهنن کي آب حيات جا چشما فراهم ڪن ٿيون.
زندگيءَ کي وقت ڇاڻيءَ ۾ ڇڏي.
وڃ نه مٺڙي اڌ ڪهاڻيءَ ۾ ڇڏي.
تون ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مرڪي پئي،
پر وڃي ٿي باهه پاڻيءَ ۾ ڇڏي.
تنهنجي پيرن جي مٺي مان خاڪ کي،
خوش ٿيان ٿو، سرمي داڻيءَ ۾ ڇڏي.
ڦوهه جوانيءَ کان ٿورو اڳتي وڌندڙ شهمير سومري جي شاعريءَ سان عشق جو ڪو نئون پيچ ناهي پاتو، پر هن ان جي نينهن جي ابتدا ننڍپڻ جي سانڀر پرائڻ سان ئي ٿي هئي ۽ تڏهن کان ئي هن تي اکرن جا گل ٽڙائڻ ۽ لفظن جا پوپٽ اڏائڻ جو جنون طاري ٿيو هو. جيڪو جوانيءَ جي پهرين ڏاڪن سان سنڌي ادبي سنگت، ڏوڪريءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ نشانبر ٿيو هو ۽ اتان اتساههُ وٺي پاڻ تي تمام گهڻي ذمينداريءَ جو بارُ کڻي اڳتي وڌيو هو ۽ تڏهن ئي هن ههڙي سوچ وارو انوکو غزل لکيو هو ته؛
سانوري آرس ڀڄي مرڪي پئي.
شاعري آرس ڀڄي مرڪي پئي.
دل جي صحرا تي وٺو اڄ پيار آ،
زندگي آرس ڀڄي مرڪي پئي.
رچنا جي پنهنجي ۽ بنهين مختلف رڻ ۾ ٽاڪ منجهند به هو پنهنجي ٿو تخليق ڪري، ته ڇانوَ وارا وڻ به پنهنجي ئي اکرن مان ٿو پيدا ڪري. ڪنهن به ٻئي شاعر جي پيرن تي پير ڌري، ان جو پيچرو وٺي شاعري ڪرڻ هن جي خمير ۾ شامل ناهي. تڏهن ئي هن جي سوچ جو ڪڪر، پنهنجي ڌار سڃاڻپ سان هن جي من جي مسافر سان همسفر ٿي هليو آهي ۽ هلندو ٿو رهي.
مٺو محبوب آيو آ دعائون موج ۾ آهن.
پرين درشن ڪرايو آ نگاهون موج ۾ آهن.
خبر ئي ڪو نه پئي موسم بدلجي وئي پرين پهتو،
وڻن گهنگهرو ٻڌا آهن هوائون موج ۾ آهن.
سڪا وڻ ٿي پيا ساوا ٿڙن ۾ ساهه پئجي ويو،
ڪڪر برسي پيا آهن ۽ راهون موج ۾ آهن.
ٽڪو جهالا ڪجل سرخي منڊيون چوڙيون ٿيون ڳالهائن،
سچي هي دل ٺري پئي آ ادائون موج ۾ آهن.
يا،
دل چوي ٿي اڏي زندگي گهورجي.
سونهن تان اڄ ڪڏي زندگي گهورجي.
پيار سان جي نهاري پياري پرين،
تن اکين ۾ ٻڏي زندگي گهورجي.
شام جو جهولندي گنگنايئي جتي،
پينگهه ان تان لڏي زندگي گهورجي.
هيئن، هن انداز سان احساسن جا اڻڳڻيا موکين وارا مَٽَ متارن کي پيار جي نين نين نزاڪتن سان پيئاري، ماري ماري اهڙو نئون جياپو ارپين ٿا، جيڪو پٿر کي غير روايتي نموني تراشي ڪنهن سنگتراش جي نالي کي تا ابد زندهه ڪري ڇڏيندو آهي.
مان ورهايان پيار ٿو جڳ ۾ مگر،
هنيانوَ تي جڳ مڱ ڏرڻ لئه منتظر.
مهرباني ڪر ۽ ڇٽ ناراضگيون،
ڦٽ سوين آهن ڪرڻ لئه منتظر.
ائين وڏيرو ڳوٺ جي امداد لئه،
ڳوهه وانگي سڀ ڳهڻ لئه منتظر.
نئين سوچ جي سوين گلن جي هٻڪار سان تشبيهن کي سينگاري نوان نوان گلدستا ٺاهيندڙ شهمير سومرو پنهنجي حياتيءَ جي شاعراڻي سفر ۾ جيڪڏهن ائين ئي ۽ اهڙا ئي جذبا کڻي اڳتي وڌندو رهيو ته پنهنجي نالي کي دوام بخشڻ ۾ ته ضرور ڪامياب ويندو پر شاعريءَ کي به نيون ڪائناتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪيئي سڦلتائون ماڻيندو.
محمد علي پٺاڻ
لاڙڪاڻو
2020ع