شاعري

جدائي جي جزيري تي

شھمير سومرو سنڌ جو اهو سھڻو ۽ سيبتو ڪوتاڪار آهي، جنھن پنھنجي منفرد لب و لھجي ۽ انوکي اسلوب سان سنڌ جي ادبي آکيري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. نئين ٽھيءَ ۾ غزل جھڙي حسناڪين سان ڀرپور صنف کي پنھنجي محبوبا بڻائيندڙ هن قلمڪار پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو آهي. پنھنجي غزلن ۾ منفرد رديفن جي چونڊ ۽ انھن سان بھترين نڀاءُ هن شاعر کي همعصرن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. شھمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونھن جا عڪس بہ آهن، عاشق جي دل جا رقص بہ آهن، مٽيءَ جي مهڪ بہ آهي تہ ڌرتيءَ جا ڏک بہ آهن. هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي.

Title Cover of book جدائي جي جزيري تي

دل لڳي گل ڪڍي رهي آهي.

دل لڳي گل ڪڍي رهي آهي.
زندگي گل ڪڍي رهي آهي.

هوءَ مون سان ڪري پئي نخرا،
عاشقي گل ڪڍي رهي آهي.

مونکي خوشبوءِ داد بخشي ٿي،
شاعري گل ڪڍي رهي آهي.

رات جي جسم تي اسر ويلي،
روشني گل ڪڍي رهي آهي.

تنهنجي ويجهڙائي ٿي رهي آهي،
بندگي گل ڪڍي رهي آهي.

هاڻ نظرون ڪنڊن جيان ٿيون چڀن،
دوستي گل ڪڍي رهي آهي.

تنهنجو لهجو تکو ٻڌائي ٿو،
بي رخي گل ڪڍي رهي آهي.

درد پاڙون پڪيون ڪيون مون ۾،
ڪٿ خوشي گل ڪڍي رهي آهي.