“نظم” دردن جا سڏڪا
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
نه خوشبوء پکيڙي نه گل ٿي ٽڙياسي،
نه ٽاريءَ ٽلياسي نه تون مان ملياسي،
اسان ڪهڙي موسم ۾ اجڙي وياسي،
ڪي گلڙن جا سڏڪا ڪي گلشن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
نه شبنم جي قطرن ڪئي گل تي ورکا،
ڪڏهن دل جي ڌرتيءَ تي بادل نه برسيا،
نه خوشيون، نه مرڪون، نه چرچا، نه کجڪا،
اسان وٽ ٿا سڏڪن ڪي سڏڪن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
نه دل ڪنهن جي آتي نه ڪنهن لاتو ڇاتي،
نه در کان بيهي ڪنهن ڪڏهن پاتي جھاتي،
دونهون ٿي اڏامي وئي هي حياتي،
نه سڄڻن جا سڏڪا نه دشمن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
اوهان سان ملڻ لاءِ ڪاٿي ڇڏن ٿا،
ڪي ڪنڊا رکن ٿا ڪي ڪاوا رکن ٿا،
مٽيءَ ۾ اندر ئي دفن ٿي وڃن ٿا،
ڪي پيرن جا سڏڪا ڪي رستن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
نه نيڻن جون مرڪون نه نيڻن جي چاهت،
نه نيڻن کي ننڊ آ نه نيڻن کي راحت،
جيئڻ جي ٻڌايان مان ڪهڙي وضاحت،
ڪي نيڻن جا سڏڪا ڪي سپنن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
الئه ڇو ابي ۽ امان ڪو نه سوچيو،
زهر ٿي حياتي ادا ڪو نه سوچيو،
لکئي ڪو نه سوچيو خدا ڪو نه سوچيو،
ڪتابن جا سڏڪا ۽ ورقن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
نه مرڪن جي ميندي نه لائون خوشين سان،
وڏي عمر جو ورُ وڏين ئي مڇن سان،
ٿو گهوري بدن کي هو وحشي اکين سان،
سڄي رات سڏڪن ٿا جذبن جا سڏڪا،
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
اچانڪ محبت تي رهزن ٿو ڪڙڪي،
پرهه جو مٽيءَ تي هو ڦٿڪي، هو ڦٿڪي،
ڪري منهن کي ڳاڙهو ڪهاڙي ٿي مرڪي،
نه ڌارين جا سڏڪا نه پنهنجن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
الائي ته ڇا ڇا سوالي بڻيل هن،
ڪي جيون جا پاڇا سوالي بڻيل هن،
ڪي جيون جا لاشا سوالي بڻيل هن،
هي رسمن جي رونق يا رسمن جا سڏڪا.
اسان جي حياتي آ دردن جا سڏڪا.
***