شاعري

جدائي جي جزيري تي

شھمير سومرو سنڌ جو اهو سھڻو ۽ سيبتو ڪوتاڪار آهي، جنھن پنھنجي منفرد لب و لھجي ۽ انوکي اسلوب سان سنڌ جي ادبي آکيري ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. نئين ٽھيءَ ۾ غزل جھڙي حسناڪين سان ڀرپور صنف کي پنھنجي محبوبا بڻائيندڙ هن قلمڪار پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ورتو آهي. پنھنجي غزلن ۾ منفرد رديفن جي چونڊ ۽ انھن سان بھترين نڀاءُ هن شاعر کي همعصرن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. شھمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونھن جا عڪس بہ آهن، عاشق جي دل جا رقص بہ آهن، مٽيءَ جي مهڪ بہ آهي تہ ڌرتيءَ جا ڏک بہ آهن. هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي.

Title Cover of book جدائي جي جزيري تي

شهمير هڪ صوفي منش شاعر

شاعري شعور جي زبان هجي ٿي، جنهن سان شاعر زندگيءَ ۾ درپيش ايندڙ ظاهري توڙي باطني، داخلي يا خارجي مامرن کي لفظن جي سٽ سان اڻي ٿو. شاعري انهن سڀني درپيش ايندڙ منفي روين جو اهڃاڻ هجي ٿي، جيڪي ماڻهن جي نفيس احساسن سان ٽڪرائجي، ماڻهونءَ کي ڀڃي ڀوري ڇڏين ٿا ۽ اهڙي طرح هڪ شاعر نه صرف دک، درد، يا غم ۽ خوشيءَ جي لمحن جو ترجماني هجي ٿو، پر انهن سمورن واقع ٿيندڙ ڳالهين کي اجري پوشاڪ پارائي عام آڏو پيش ڪري ٿو. شاعر پنهنجي سوچ سان سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي سپون تلاش ڪري موتين جي مالها ٺاهي ٿو ۽ ڪائنات جي فطري سونهن کي غزلن، واين ۽ گيتن ۾ نيروليءَ وانگي رنڱي ٿو، ڪڏهن بکي پيٽ جي اندر جي پيڙا جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪڏهن چڪور بڻجي چنڊ سان ٿو ڳالهيون ڪري، هڪ سٺو شاعر بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جي ۽ قومن جو آواز هجي ٿو. اهڙو ئي سنڌ جو هڪ مسڪرائيندڙ، صوفي منش ۽ اتساهه ڏيندڙ شاعر شهمير سومرو جنهن جي شاعري علم عروض جي ضابطن ۽ قاعدن جي ٻنڌڻ سان ٻڌل، گٽار جي تارن تي رقص ڪندڙ سرن جهڙي محسوس ٿئي ٿي. شهمير جو تعلق هڪ اهڙي پرڳڻي جي مٽيءَ سان سلهاڙيل آهي، جتان جي تهذيبي تاريخ اٽل 5000 هزار سال پراڻي آهي ۽ اتي جي علائقي جا ماڻهون اڄ به تهذيب ڀريا، باشعور سياسي توڙي سماجي طور ۽ سجاڳ آهن. جن ۾ ڪيترائي وڏا نالا اچي وڃن ٿا، جي لکبا ته وڏي لسٽ ٺهي ويندي، جن مان شاعري جي موضوع جي حوالي سان موجوده دور ۾ سندس نالو سر فهرت آهي.
شهمير جي شاعريءَ ۾ ديس واسين جو درد، پيڙائون ۽ محبوب جو ذڪر شامل آهي ۽ سندس جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل بهترين قافيه، ڊگها رديف، شاعرن جي صف ۾ منفرد ڪري ٿا بيهارين. شهمير جو پهريون ڪتاب “اکڙين جي ڀاڪر ۾” ڪجهه عرصو اڳ آيل آهي ۽ هي سندس ٻيو ڪتاب “جدائي جي جزيري تي” جنهن ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. جن مان چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.
پيو آ خيال ۾ گهاڻو،
۽ جذبو دار تي پيو آ.
۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته،
زندگي گهارڻ گهري سي صوفين جي شهر ۾.
عمر گذري ڏک اهو آ ڪوفين جي شهر ۾.
يا،
ڦاٽل لٽا، جُتڙي ڇنل، اکڙيون ڀنل،
ان ٻار کي، ٻي ٻار کان ترجيح ڏي.

شهمير جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ کان علاوه استعمال ٿيل ٻوليءَ جي نفاست ۽ فڪر پڻ نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو استعمال ڪيل ٻولي بلڪل سادي، سلوڻي ۽ موضوع مطابق رچيل آهي. هونئن به شاعريءَ ۾ ٻولي جان هجي ٿي، ڇو جو شاعريءَ ۾ خيال جي وسعت ۽ فڪري اڏام سان گڏوگڏ ٻوليءَ جو مناسب هجڻ به ضروري آهي. بهرحال اميد آهي ته شهمير جو هي پورهيو جدائي جي جزيري تي جڙيل پيار جي منزل تي ضرور رسائيندو.

منتظر سومرو
لاڙڪاڻو