پنھنجي پاران: وڏو ماڻھو وڏو ليکڪ، سيد زوار نقوي
سيد زوار نقويءَ سان منھنجي پھرين غائبانہ ملاقات 1990ع واري ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ سندس ڪتاب “پل آ پل” ۽ سندس اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم “ڳالھہ هڪ دور جي” جي ذريعي ٿي ۽ روبرو پھرين ملاقات غائبانہ ملاقات جي تقريبن 10 سالن کان پوءِ 2003ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن آئون “روزاني ڪاوش” اخبار ۾ سندس ئي سربراهيءَ ۾ هلندڙ هڪ شعبي ۾ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ لڳس، جتان ئي ساڻس دوستيءَ ۽ نيازمنديءَ جو سلسلو جڙيو، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ هاڻ هڪ اڻکٽ احترام ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
سيد زوار نقوي صحيح معنيٰ ۾ اها شخصيت آهي، جيڪا واقعي ڪنھن تعارف جي محتاج نہ آهي، پنھنجي ننڍي ڄمار ۾ پنھنجي خوبصورت تحريرن ۽ روح کي گرمائي ڇڏيندڙ تقريرن ذريعي دانشور جو خطاب ماڻيندڙ هند سنڌ ۾ مريدن ۽ معتقدن جو هڪ وڏو حلقو رکندڙ سنڌ ۾ موجود جھانيان خاندان جي هن سجادہ نشين جي دوستيءَ جو دائرو بہ انتھائي وسيع آهي، جنھن ۾ ذاڪر کٽي، دلدار جانوري، لياقت پنجتني جھڙن فقير منش ماڻھن کان وٺي سائين سردار شاھہ، اياز لطيف پليجو، سيد فرمان علي شاھہ رضوي، مشتاق باگاڻي، آغا سليم، سوز هالائي، تاج جويو، طارق عالم ابڙو، انعام شيخ ۽ جامي چانڊيو جھڙيون نامور ادبي شخصيتون پڻ شامل آهن، جن کي هو بنا ڪنھن فرق جي هڪجھڙي عزت، محبت ۽ اهميت ڏيندو رهيو آهي ۽ اهو ڪنھن بہ انساني شخصيت جو اعليٰ گڻ تصور ڪيو ويندو آهي. مون کيس اڀرن ۽ اٻوجهن سان بہ نھايت محبت ۽ شفقت سان پيش ايندي ڏٺو آهي. ڪڏهن وقتي طور ڪنھن سان جي تکو مٺوٿي بہ ويندو آهي تہ ٻئي لمحي ان کي سڏي “سوري” Sorry بہ ڪري وٺندو آهي. ڪا غلطي ٿي ويندي اٿس تہ ان جو فراخ دليءَ سان اعتراف بہ ڪري وٺندو آهي. ڳالھہ کي ڳنڍ ٻڌي نہ بيھندو آهي، درگذر ڪندو آهي.
سيد زوار نقوي منھنجو منٽور، محسن ۽ صحافتي دنيا ۾ استاد آهي. منھنجي خوشقسمتي آهي تہ مون کي ٻہ دفعا آفيشلي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هڪ دفعو هڪ خانگي اداري ۾ ۽ ٻيو دفعو هڪ سرڪاري اداري ۾. مون ٻنھي ادارن ۾ کيس شفيق ۽ مھربان ڏٺو آهي. پنھنجي ماتحتن سان سندس رويو دوستاڻو ۽ پنھنجائپ وارو هوندو آهي. هن ڪڏهن بہ محسوس ناهي ڪرايو تہ هو “باس” آهي. پنھنجي ماتحتن کان ڪيئن ڪم وٺبو آهي ۽ کين ڪيئن گڏ کڻي هلبو آهي، اهو هنر کيس خوب اچي ٿو. هو جتي جتي بہ رهيو آهي اتي هن پنھنجي بيپناھہ انتظامي صلاحيت، محبت، شفقت ۽ توجھہ سان اهڙو دوستاڻو ماحول قائم ڪيو آهي. جو اتي ڏکيا ڪم بہ نھايت خوش اسلوبيءَ سان ٿي ويا آهن. ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين يا دوستن کان پڇبو تہ ڏيو خبر زوار سائين اوهان مان ڪنھن تي گهڻو مھربان آهي تہ هر ڪو اها دعويٰ پيو ڪندو تہ هو مون تي وڌيڪ مھربان آهي.
سيد زوار نقويءَ سان منھنجي نياز منديءَ کي لڳ ڀڳ 20 سالن جو عرصو ٿي ويو آهي. انھن ويھن سالن دوران هو سترهين گريڊ جي ليڪچرر مان ويھين گريڊ جي پروفيسر جي عھدي تي پهتو ۽ ڪيترن ئي اهم انتظامي عھدن تي رهيو. سندس انتظامي عھدا وقت سان گڏ بدلبا رهيا پر جيڪڏهن ڪاشيءَ نہ بدلي تہ اهو سندس سڀاءُ آهي. هو ويھہ سال پھرين بہ ساڳيو شفيق ۽ مھربان سيد زوار نقوي هو، ويھن سالن بعد اڄ بہ ساڳيو مھربان ۽ محبتي زوار نقوي آهي. اسان وٽ عام طور ٿيندو ايئن آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪا نوڪري يا گريڊ ملندو آهي تہ اهو ڪنڌ ۾ ڪلي هڻي ڇڏيندو آهي، پنھنجي مٽن مائٽن، دوستن ۽ واسطيدارن کان منھن مٽي ويندو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ هو هاڻ ڪا آسماني مخلوق بڻجي ويو آهي. پر هن حساس دل رکندڙ شخص تي انھن گريڊن ۽ عھدن ڪوبہ اثر نہ ڇڏيو ۽ هن پنھنجو فقيري رنگ “پائي منھن مونن ۾ غربت ساڻ گذار” جو دامن نہ ڇڏيو. اوڻيھون، ويھون گريڊ ۽ اهم انتظامي عھدا ۽ سرڪاري گاڏي ۽ ڊرائيور هوندي بہ هن پنھنجي ذاتي پراڻي “ڦٽ ڦٽي” تي سفر ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ هٻڪ يا لڄ محسوس نہ ڪئي. هن ھميشہ ثابت ڪيو آهي تہ ڪنھن بہ منصب کان وڌيڪ اهم انسانيت آهي ۽ ان جو دامن انسان کي ڪڏهن بہ ڇڏڻ نہ گهرجي.
سيد زوار نقوي منتطم بہ نھايت اعليٰ قسم جو آهي، هن مختلف انتظامي عھدن تي رهڻ دوران پنھنجي ذهانت، تجربي، دلچسپي ۽ صلاحيتن سبب ڪيترائي اهڙا ڪم بہ ڪيا آهن، جيڪي انھن عھدن تي اڳ موجود صاحبن لاءِ تصور ڪرڻ بہ ممڪن نہ هئا. ان ڏس ۾ گورنمينٽ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر ۾ بحيثيت پرنسپال جي سندس ايامڪاريءَ واري دور کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جنھن ۾ ڪاليج ۾ تعليمي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۽ ڪاليج جي تعليمي ماحول جي بھتريءَ لاءِ پاڻ جيڪي سخت اپاءُ ورتائين سي ڪنھن کان بہ ڳجها نہ آهن. چوڻ وارا تہ اهو بہ چون پيا تہ سندس ايامڪاريءَ وارو دور ڪاليج جي تاريخ جو هڪ حسين ۽ يادگار دور آهي.
سيد زوار نقوي پنھنجي فرائض منصبيءَ کي پنھنجن رشتن، ناتن ۽ دوستين کان ھميشہ مٿانھون رکيو، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي دوستن يا واسطيدارن جا چيل ڪم جيڪڏهن قاعدي موجب نہ هوندا هئا تہ هو کين انڪار ڪري ڇڏيندو هو، تنھنڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي کائنس شڪايتون بہ ٿي سگهن ٿيون. هن دوستن جون ناراضگيون برداشت ڪيون پر پنھنجي فرضن جي ادائگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪوتاهي نہ ڪئي.
سيد زوار نقويءَ جي ادبي سڃاڻپ جا بہ ڪيترائي حوالا آهن. هو هڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ايڊيٽر آهي. سندس هر حوالو نھايت سگهارو ۽ جاندار آهي پر کيس گهڻي شھرت ايڊيٽر ۽ ڪالم نويس طور ملي آهي. هو جڏهن نوي واري ڏهاڪي ۾ پي آئي ڊي طرفان نڪرندڙ مشھور رسالي “نئين زندگي” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو تہ بقول ان دور جي معتبر ادبي حلقن جي تہ هن نئين زندگيءَ جي مئل جسم ۾ ساھہ وجهي ان کي هڪ معياري ادبي رسالو بنائي شھرتن جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو ۽ ان دور جي نشانبر اديبن کي نئين زندگيءَ ۾ مستقل لکڻ لاءِ قائل ڪري ورتو. پر بدقسمتيءَ سان سامراجي حلقن کان سندس اها شھرت هضم نہ ٿي، جن سياسي بنيادن تي کيس برطرف ڪري پنھنجو هانءُ حلقو ڪيو.
سيد زوار نقويءَ کي جڏهن ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ محترم علي قاضيءَ طرفان “ڪھاڻي ڪتاب” ڪڍڻ جي ذميواري ڏني وئي تہ پاڻ نہ رڳو سنڌ جي وڏن پر گهڻي وقت کان ڪھاڻيءَ کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪيل ليکڪن کان نيون ڪھاڻيون لکرايون پر لي آئوٽ ۽ ڇپائي جي لحاظ کان پڻ اهڙو معياري ڪتاب آندو جو ٻٽيھہ هزار کان مٿي ڪاپيون هٿو هٿ وڪامي ويون ۽ پوءِ ڪھاڻي ڪتاب 2 ۽ ڪھاڻي ڪتاب 3 بہ شايع ٿيا جيڪي اڄ بہ سنڌي ادب جي تارخ ۾ خاص اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. وري هڪ دفعو ٻيھر ڪاوش گروپ طرفان جڏهن کيس ٻارڙن لاءِ مئگزين ڪڍڻ جو “ٽاسڪ” ڏنو ويو تہ پاڻ “ٻارڙن جي دنيا” نالي مئگزين نہ رڳو ڪڍيائين پر ٿوري ئي وقت ۾ ان جي سرڪيوليشن 25 هزار ڪاپين تائين پھچائي ڇڏيائين ۽ اها منھنجي خيال ۾ سنڌ ۾ نڪرندڙ سنڌي ٻولي جي ڪنھن ٻارڙن جي رسالي جي وڌ ۾ وڌ سرڪيوليشن آهي. ائين جڏهن ڪي ٽي اين کُلي ۽ کيس لطيفيات جو پروگرام ۽ مذهبي پروگرام ڪرڻ جن ۾ محرم ۽ ربيع الاول جا پروگرام پڻ شامل هئا جي ذميواري ملي تہ پاڻ ان ڏس ۾ بہ ڀرپور محنت ڪري اهڙا پروگرام تيار ڪيائين جن کي هر مڪتب فڪر جي ماڻھن نہ رڳو ڏٺو پر پسند پڻ ڪيو. مطلب تہ اهڙا ڪيترائي فخر جوڳا ڪم آهن، جن جو سھرو سندس سر تي آهي پر هن ڪڏهن بہ ان جي بنياد تي نہ رڳو پاڻ پڏايو آهي نہ وري ڪٿي پاڻ کي ڪيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد زوار نقويءَ جي ادبي سڃاڻپ جو سڀ کان مضبوط حوالو سندس ڪالم نگاري آهي، هن جڏهن شاعري، ڪھاڻي ۽ ناوليٽ لکڻ کانپوءِ ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو تہ ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ کي وڏن ڪالم نگارن جي صف ۾ آڻي بيھاريو. ادبي ۽ احساساتي ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ هو پنھنجو مٽ پاڻ آهي. بلڪہ جيڪڏهن کيس ادبي ڪالم نگاريءَ جو “ٽرينڊ سيٽر” ليکڪ سڏجي تڏهن بہ وڌاءُ نہ ٿيندو. هن پنھنجي منفرد اسلوب، سگهارين تشبيھن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جي ذريعي ڪالم نگاريءَ ۾ جيڪا بيپناھہ سونھن ڀري آهي اها مثالي آهي. سيد زوار نقويءَ جي ڪالمن ۾ محبوبا جي پھرئين خط جھڙي دلڪشي ۽ حسن آهي. سندس نہ رڳو ڪالم لا جواب هوندا آهن پر انھن جا عنوان بہ اهڙا تخليقي، وڻندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آهن، جو ماڻھو عنوان پڙهڻ کانپوءِ مڪمل ڪالم پڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نہ سگهندو آهي.
سيد زوار نقويءَ جي ڪالمن جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ سندس ڪالم عام ماڻھن جي مسئلن بابت آهن. هن ڪڏهن بہ ڪنھن خاص طبقي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪالم نہ لکيا آهن. سندس ڪالمن جو موضوع ھميشہ اهڙا مظلوم ۽ پيڙهيل طبقا رهيا آهن، جيڪي ٻين لاءِ غير اهم رهيا آهن. اوهان سندس ڪالم پڙهندا تہ اوهان کي سندس ڪالمن ۾ پورهيت ۽ معاشي مسئلن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ انسانن جي درد ڪٿا ملندي. هن ھميشہ اهڙن مسئلن تي لکڻ کي ترجيح ڏني آهي. جيڪي عام ماڻھن جي روزمرہ واري زندگيءَ سان گھرو لاڳاپو رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪالمن ۾ اقتداري ايوانن ۾ ويٺل صاحبن کان وڌيڪ ٻاڪڙا هوٽلن تي ويٺل “اڌڙي” پي پنھنجي جياپي جي جنگ جاري رکندڙ مسڪين ماڻھن جو وڌيڪ ذڪر ملي ٿو. هن لاءِ ڪنھن ايم پي اي جي گهر ۾ نرينہ اولاد جي پيدائش کان وڌيڪ خوشيءَ واري خبر ڪنھن غريب جي ٻار طرفان انٽر جي امتحان ۾ پھرين پوزيشن کڻڻ آهي. هن لاءِ پريشانيءَ واري ڳالھہ نوجوانن طرفان ٽريفڪ رولز جي پوئواري نہ ڪرڻ ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪامندڙ نقلي ۽ غير معياري دوائون آهن، جنھن تي هو پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو ڪاوڙ جو اظھار ڪري ٿو پر عملي زندگيءَ ۾ بہ اهڙن مسئلن بابت گفتگو ڪندي ڏکارو ٿي وڃي ٿو. مطلب تہ عام ماڻھو ۽ سندن مسئلا سيد زوار نقويءَ جي پھرين ترجيح رهيا آهن. تنھنڪري ئي سندس ڪالمن ۾ توهان کي انھن جو تذڪرو جا بجا ملندو. اوهان کي ڪن ۾ دُر پاتل فقير حيدر بخش قمبراڻي، ماتلي جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي موجود نہ هجڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل منير خاصخيلي، لجپت روڊ تي کٽي واري ٻاڪڙا هوٽل تي ويھندڙ ۽ قاضي اڪبر سان بيپناھہ محبت ڪندڙ سومر فقير سولنگي، واڻڪي وسي جي ممن لغاري، اسير ملاح، ماٺيڻي اوٺي ۽ ٻين اهڙن کوڙ سارن ڪردارن جو ذڪر فقط سيد زوار نقوي جي ڪالمن ۾ ئي ملندو. سندس ڪالم نگاري وارو پاسو ايڏو وسيع ۽ سگهارو آهي جو ان تي تفصيلي لکجي تہ الاءِ ڪيترا صفحا ڀرجي سگهن ٿا پر طوالت کان بچڻ لاءِ هتي اختصار تي ئي اڪتفا ڪجي ٿو.
سيد زوار نقوي هڪ بھترين انسان ۽ بھترين ليکڪ آهي. سندس شخصيت گهڻ رخي ۽ گونا گون آهي. هن سڄي زندگي بنا ڪنھن ساهيءَ جي علم، ادب، تعليمي ۽ صحافتي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن مڃتا يا اجوري جي طمع نہ ڪئي آهي. سندس زندگيءَ جي عڪاسي ڪنھن شاعر جون هيٺيون سٽون ڪن ٿيون ته:
انھيءَ دُک جي پيڙا جي قيمت نہ ٿا گهرون
عيوضي ۾ ڪنھن اجوري جي طلب بہ ناهي
نہ ئي ڪنھن ڪئلينڊر جي تصوير
بڻجڻ گهرون ٿا
بس اسان کانپوءِ جي اچن
کين ايترو چئجو
هڪ تصوير، هڪ ڪلپنا
هڪ مورت گهڙيندا رهياسين
اونداهيءَ ۾ روشنيءَ لئہ جاکوڙيندا رهياسين.
سيد زوار نقوي پنھنجي سڄي زندگي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ سندس پختو ويساھہ آهي تہ هڪ ڏينھن ضرور باک ڦٽڻي آهي.
مون هن اينٿالاجيءَ ۾ سيد زوار نقويءَ جي ادبي ڪم ۽ زندگيءَ جي هڪ جهلڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئون ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اوهان جي مانائتي موٽ ان سلسلي ۾ منھنجي رهنمائي ڪندي. آئون اهو پڻ سمجهان ٿو تہ سيد زوار نقوي جھڙي وڏي ليکڪ ۽ وڏي ماڻھوءَ جي ڪم جو احاطو ڪرڻ لاءِ هي اينٿالاجي محض هڪ ابتدائي وک آهي، ان سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ آئون ٿورائتو آهيان جناب حافظ احمدالدين انڍڙ جو جنھن هن ڪتاب جا ڪجهہ مضمون گڏ ڪري ڏنا. سيد سجاد حسين شاھہ جھانيان جو جنھنجي دلچسپي سان هي ڪتاب اشاعت جي مرحلن ۾ آيو. نوجوان اردو قوي محمد رضا حيدري جو جنھنجو بہ هن ڪتاب ۾ حصو آهي، جنھن هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ڊزائن ڪرائي ڏنو. علامہ الله بچايو ناصري جو جنھن مذهبي مضمونن جي نہ فقط نظر ثاني ڪئي پر پروف بہ ڏسي ڏنا. ۽ خاص ڪري پنھنجي دوست خوبصورت شاعر ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جو جنھن هي ڪتاب ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پھچايو.
وفا مولا بخش
حيدرآباد
2022-3-16