شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

اياز لطيف پليجو هڪ نسل جو درمان

(هي مقالو نوجوان دانشور زوار نقوي اعزازي مھمان جي حيثيت سان نامياري ليکڪ اياز لطيف پليجي سان 8 جنوري 1992ع تي سنڌ ريسرچ ڪائونسل پاران پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ملھايل هڪ شام ۾ پڙهيو. –انچارج: ادبي صفحو روزاني سرواڻ حيدرآباد.

ڪجهہ سال اڳ مون ڪرشو فرنڪول جو ناول “دي ريٽون” پڙهيو هو، اهو ناول 18 آگسٽ 1923ع واري رات آفريڪا جي اڀرندي ساحل ۾ گورن خلاف سندن شيدي غلامن جي ڪيل بغاوت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان بغاوت ۾ چار سئو کن نيگروز مارجي ويا هيا، ظاهري طور تي اها تحريڪ ناڪام ٿي چڪي هئي، پر ان هلچل سڄي دنيا ۾ ذهني توڙي جسماني غلامي خلاف هلندڙ جدوجھد کي وڏي هٿي ڏني هئي. اهڙيءَ ريت 1921ع کان 1935ع تائين چين جي اوڀر واري علائقي تي جاپانين جي ڪيل قبضي خلاف چيني قوم جي مزاحمت جي پسمنظر ۾ “يانگ مو” جو لکيل ناول “سانگ آف يوٿ” عالمگير حيثيت رکي ٿو. اهڙي طرح دنيا جي ٻين داناءَ ليکڪن پڻ پنھنجي سماج جي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي صورتحال تي پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان لکيو آهي. بعد ۾ اهي تخليقون سڄي دنيا جي اهلِ علم ۽ باشعور انسانن آڏو تاريخ جي هڪ دکي باب جي حيثيت سان کلن ٿيون. پوءِ چاهي اهي تخليقون پاسٽرنڪ جون هجن يا زولٽن زيلڪ جون، پشڪن جون هجن يا فيوچڪ جون، منھنجي ماتر ڀومي جي عظيم شاعر شيخ اياز جون هجن يا اياز لطيف پليجو ۽ سندس ٽھيءَ جون هجن. ڇاڪاڻ تہ دنيا جي ٻين داناءَ ليکڪن جيان منھنجي ديس جا هي دکي شاعر اهو سمجهن ٿا تہ اسان جو سماج هاڻوڪي صديءَ جي هن پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾ اڄوڪي دنيا ۾ ڄڻ تہ هڪ اڪيلي ۽ اونداهي ٻيٽ مثل آهي ۽ اسين سنڌي ماڻھو دنيا جي لاوارث ۽ مظلوم ترين مخلوق آهيون. منھنجي ديس جا هي دکي شاعر ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي لکڻين ۾ چون ٿا تہ ايندڙ صديءَ ۾ پنھنجي اچڻ وارن نسلن لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبہ تاريخي ۽ تخليقي ورثو ڪونہ آهي. بس رڳو جاگيرداراڻو سماج آهي، ادبي غربت آهي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ ٿاٻڙجندڙ، ٿڪل، مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل دکي نسل آهن.(تاريخ لکي يا نہ لکي تہ ڪو هنن وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀٽائي بہ هوندا هيا) پر پوءِ بہ هڪ اميد آهي، هڪ آس آهي، جيڪا منزل جي حاصلات لاءِ جستجو ڪرائي رهي آهي. جنھن لاءِ اسان جي هن دوست کي يقين آهي تہ فتح اسان جي ٿيندي، جنھن جو اظھار هن پنھنجي نظم “شھيدن جو قافلو” ۾ هن ريت ڪيو آهي:

“ڏور ڪيٽي جي ڪنڌي تان آواز ٿيا،
۽ ڪارونجهر تان ڪنھن مور مرڪي چيو:
او اسان جي فتح،
تون اسان کان پري،
ڀل تہ ڪيڏو ڀڄين،
فيصلو ٿي چڪو، توکي ڇڏڻو نہ آ،
منزل حق جي خوبصورت پري،
مون کي ويساھہ آ،
جي اسين قتل ٿياسين تہ ڇا ٿي پيو،
اسان جا جوان عزم هي سورما،
توکي حاصل ڪندا،
۽ پوءِ ڀاڪر جهلي،
چپ چپن تي رکي،
تنھنجي ساهن جي مستي ۽ سرهاڻ کي،
نيٺ پنھنجو ڪندا، نيٺ پنھنجو ڪندا.”

هي دکي شاعر جيڪو پنھنجي من ۾ انيڪ دک، درد ۽ پيڙائون کڻي پوءِ بہ مک تي مرڪ سجائي اڄ هتي اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي. ان سان منھنجي آشنائي تڏهن ٿي هئي، جڏهن ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمنيءَ جي وچ ۾ ديوارِ برلن اڃان باقي هئي. روس جو جهنڊو سويت يونين جي نالي سان اقوام متحده تي اڃان ڦڙڪي رهيو هيو، اهو چٽيءَ طرح ياد اٿم تہ هو پٺاڻ ڪالونيءَ جي پھرين نمبر گهٽيءَ جي مھڙ واري جاءِ ۾ رهندو هيو. هو ان وقت ٻار هيو ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيو، هن جون ڳالھيون، ڳالھين پويان دليل ۽ ان دوران سندس هوائن ۾ هلندڙ هٿن، مون کي ايترو تہ موهي وڌو هيو جو مان اڪثر ساڻس ڪچھري ڪرڻ سندس گهر ويندو هيم. هو گهر ۾ تہ ڪڏهن ڪڏهن ويھاريندو هيو پر اڪثر ڪري سندس گهر جي ٻاهران نالي مٿان سيمينٽ جي رکيل سليب تي ويھاريندو هيو. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي تہ هڪ ڀيري ڪنھن موضوع تي اسان جو پاڻ ۾ بحث ڇڙي پيو، مون کيس چيو تہ “فلاڻو ماڻھو تمام وڏو داناءُ ماڻھو آهي”، چيائين “اهو ڪير ٿو چوي؟” مون چيو، “ساري دنيا ٿي چوي”، يڪدم وراڻيائين “سڄي دنيا ٿي چوي؟ يعني آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، سڀ ٿا چون؟
مون چيو، “نہ پنھنجا هم وطن ٿا چون”
چيائين، “پوءِ ائين چئو نہ تہ پنھنجا ماڻھو ٿا چون. پنھنجا ماڻھو سڄي دنيا ۾ تہ رهن ٿا پر سڄي دنيا تہ نہ ٿي ويا.”
ان وقت منھنجي ذهن ۾ ٽي ايس ايليٽ جو هي جملو هري آيو تہ، “جيڪو ليکڪ پنھنجي دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي وڃي، انھيءَ لاءِ اهو ضروري ڪونھي تہ واقعي هو چڱو لکندو هجي، ٿي سگهي ٿو تہ چوڻ لاءِ هن وٽ ڪابہ نئين ڳالھہ نہ هجي ۽ جيڪو ليکڪ پنھنجي دور ۾ مقبول نہ هجي، انھيءَ لاءِ اهو ضروري ڪونھي تہ اهو چڱو نہ لکندو هجي. اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ اهو نئين ڳالھہ ڪندو هجي.” اهڙي طرح جڏهن هن دکي شاعر جي عمر جو اڌ سال گذري چڪا آهن، ايسٽ جرمني ۽ ويسٽ جرمنيءَ جي وچ ۾ ديوارِ برلن ڊهي چڪي آهي، سوويت يونين پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچڻ کان پوءِ روس جو تشخص وري بحال ٿي چڪو آهي، تڏهن پٺاڻ ڪالونيءَ جي پھرئين نمبر گهٽيءَ مان هي نوجوان نينگر نڪري سارتر جي پيرس، ڊڪنز ۽ شيڪسپيئر جي لنڊن، هيمنگوي ۽ والٽ وٽمين جي آمريڪا، ڪاليداس ۽ ميران ٻائيءَ جي هندستان جي سرزمين تي پنھنجو نہ مٽجندڙ يادگيريون ڇڏي پنھنجي وطن موٽي آيو ۽ اتان جون سڀيئي يادگيريون ميڙي سيڙي پنھنجن ڪتابن، “سارون، سپنا، آزادي”، “ٽي مسافر ٽي شھر”، ۽ “دنيا پنھنجي ديس پرايا” ۾ شامل ڪري پنھنجي معزز پڙهندڙن جي ادبي اڃ اجهائي.، نہ صرف سندس نثر پر نظم ۾ بہ يورپ ۽ ٿرڊ ورلڊ جي انسانن جي وچ ۾ موجود طبقاتي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي هن پنھنجا انيڪ نظم لکيا آهن، جن ۾ هن پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو ڀرپور انداز سان اظھار ڪيو آهي، جيئن هي پنھنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

“هڪ معصوم نينگر هئس جن ڏينھن،
هڪ ميلي ۾ تڏهن مان پھتو هئس،
دل چيو ٿي هڪ شيءِ مان ڳنھان.
کيسو خالي هيو سو ڪجهہ ڳنھي نہ سگهيس،
موٽي آيس کڻي حسرتون گڏ سوين.”

صرف اياز لطيف پليجو نہ پر هن جي سڄي ٽھي ۽ ان ٽھيءَ جا سڀيئي سچا ليکڪ، لفظ جن کان سھارو وٺي ڪاغذن تي اوتجن ٿا، انھن سڀني هن سماج ۾ اڪثريتي طبقي جي ڏکن ۽ ڏولاون ۽ سڄي ڪائنات ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پنھنجون لافاني تخليقون سرجيون آهن. هي ٽھي جنھن اسان جي ادب کي انعام شيخ، نصيرسارنگ، ارم محبوب، حسن درس، منظور سولنگي، احمد سولنگي، آسي زميني، اياز جاني، اختر رند ۽ مسعود لوهار جھڙا ليکڪ ڏنا آهن، جيڪي پنھنجي لکڻين جي ذريعي اڄوڪي سنڌي سماج کي سڄي ڪائنات سان ائين ڳنڍي رهيا آهن، ڄڻڪه هنن جي لکڻين جي سگهہ ديوارِ برلن جي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي هجي. انسان جيڪو فقط انسان آهي، اهو وقتي ويڇن کي وساري هڪ ٻئي سان ائين ڳلي ملي رهيو آهي، جيئن سياري جي رت ۾ سائيبيريا جا پکي ڀٽائيءَ جي هن سٽ جيان سنڌ ۾ ايندا آهن : “وڳر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾”
ساٿيو! اڄ جنھن موسم ۾ پاڻ سڀ گڏجي، اياز لطيف سان هيءَ شام ملھائي رهيا آهيون، ان موسم ۾ ڪتا ڇتا ٿي پوندا آهن، اٺ مست ٿي پوندا آهن ۽ عاشق شاعر ٿي پوندا آهن، (اياز لطيف شاعر بہ آهي) ڪتو ڪنھن سان گڏ رهڻ کان پوءِ بہ ڀؤنڪندو آهي، اٺ مستيءَ ۾ مالڪ تي بہ اُلرون ڪندو آهي ۽ عاشق روس جي جلاوطن رقاص نجنسڪيءَ وانگر ڪو عالمگير ادب تخليق ڪري وٺندو آهي يا وري ماياڪو وسڪي ۽ عرفان مهديءَ وانگر خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي. ٻنھي صورتن ۾ هن جو سماج ڏي رويو ڏک، ڏوراپي، اميد ۽ احتجاج جو هوندو آهي. تڏهن تہ امداد حسينيءَ چيو آهي :
“صدين پڄاڻان ڄمندا آهن، ڪوي ڪھاڻيڪار،
پر هو ماريا ويندا آهن، منٽن ۾ هروار.”
ان لاءِ مون کي اميد نہ پر پڪ آهي تہ اياز لطيف سان ملھائجندڙ هي شام سڄي سنڌي ادب جي سچي، اجري، امن جھڙي صبح کي جنم ڏيندي، جنھن جي روشنيءَ ۾ ڇتا ڪتا ميونسپل جي زهر سان مري ويندا، اٺ مالڪ سڃاڻڻ لڳندا ۽ عاشق سرمستيءَ ۾ لافاني گيت سرجيندا، جيڪي پوپٽن جي پرن تي چڙهي، سڀيئي جاگرافيائي حدون اورانگهي، هن سڄي ڪائنات جي باشعور ۽ اهلِ علم انسانن سان پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن جو نہ ٽٽندڙ رشتو ڳنڍيندا، ان لاءِ اچو تہ پاڻ سڀ گڏجي هن سڄي ٽھيءَ کي دنيا آڏو پيش ڪيون ۽ ٻڌايون تہ اسان جو دکي نسل هڪ هٿ ۾ زيتون جي ڏاري ۽ ٻئي هٿ ۾ قلم کڻي عالمي امن لاءِ لکي رهيو آهي.

(18 جنوري 1992ع روزاني سرواڻ حيدرآباد)