شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڳالھہ هڪ دؤر جي

ٽئگور لکيو آهي تہ: لھندڙ سج ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهندي چيو تہ “ڪو آهي؟ جيڪو مون کان پوءِ روشني ڪري؟” ڪکائين جهڳيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي چيو، “مان ڪوشش ڪندس” شايد 1991ع جي آخري سج لھڻ وقت جڏهن ائين چيو هوندو تہ ڪنھن ڪکائين جهڳيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي جو جواب “نيو ايئر نائيٽ” جي آجيان ۾ٿيندڙ زوردار ڌماڪن ۽ ٺڪائن جي آوازن ۾ دٻجي گهٽجي گم ٿي ويو هوندو. انھن زوردار ڌماڪن ۽ ٺڪائن ۾ ڪيترن ئي اگهن جي اک کلي وئي هوندي، جن جي اک اگهائيءَ وچان اڃا هاڻ لڳي هوندي. هنن جا ڦٽ فراق جيان اٿلي پيا هوندا. ڪيترن ئي دل جي درد ۾ مبتلا انسانن جي دلين جي ننڊ ڇِڄي پئي هوندي ۽ نيو ايئر جي جشن جي شور ۾ هنن جي شامِ غريبان جون دانھون دٻجي ويون هونديون. هن معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي جهڳين ۾ ڪُني ڪانہ چڙهي هوندي ۽ سندن مائرن کين مٺڙيون لوليون ڏئي سمھارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، اهي ننڊ جي گهيرٽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا هوندا ۽ نيو ايئر جي جشن جي شور ۾ هنن جي اکين جي هڪ اڻڀي لولي لاءِ دانھن پنھنجي معنيٰ وڃائي ويٺي هوندي. هو ڪجهہ هٻڪيا، سسڪيا ۽ سڏڪيا هوندا. پنھنجي قسمت تي هنن جي اکين مان لڙڪ ڇپرن جون سرحدون اورانگهي ڳلن تي ٽپڪيا هوندا. چلھہ جي ٺريل ڦلھيار هنن جي اميدن جو آخري ڏيئو بہ اجهائي ڇڏيو هوندو ۽ هنن ساري رات اميد ۽ نا اميد جي ٻہ واٽي تي زوردار ڌماڪن، ٺڪائن ۽ پرشور آوازن ۾ گذاري ڇڏي هوندي ۽ شايد پل لاءِ هنن جي معصوم ذهنن ۾ اهو خيال بہ آيو هوندو تہ، جيڪڏهن انھن سڀني رنگينين، خوشين ۽ شادمانن جو هڪڙو تمام ننڍڙو حصو اسان ۽ اسان جھڙن ٻين انيڪ ٻارڙن تي خرچ ڪيو وڃي ها تہ هوند نيو ايئر جي رات اسان بہ پيٽ ڀري ماني گرھہ کائي سگهون ها! نيو ايئر جيڪو هنن لاءِ ڪابہ معنيٰ نٿو رکي.
نيو ايئر جي رات اهي خيال منھنجي اکين ۾ شيشي جي ٽڪرن جيان چڀندا منھنجي روح کي گهايل ڪندا رهيا ۽ مان کليل اکين سان ٻوٽيل سپنا ڏسندو رهيم. اها ساري رات ۽ ان ساري رات جا اهي سڀئي پل ۽ پھر جن ۾ مون جيڏا، خوبصورت ۽ عمدا لباس پائي، شھر جي محل نما بنگلن جي جهرمر ڪندڙ رنگينين، روشنين ۾، مرڪن، ٽھڪن ۽ خوشبوئن جون رنگين محفلون سجائيندا، ٻوٽجندڙ، کلندڙ ۽ خاموش ٿيندڙ نگاهن سان زير لب مرڪندا، مسڪرائيندا ۽ نگاهن ئي نگاهن ۾ البيلا اشارا ڪندا رهيا هئا. تڏهن مان اڪيلو، بلڪل اڪيلو پنھنجي گهر جي بند ڪمري ۾ سوچيندو ۽ بنا ڪنھن معنيٰ جي مرڪندو رهيو هيم. مان ان رات پنھنجي ٽيليفون جو پلڪ ڪڍي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ جو منھنجو گهايل من عام رواجي سطحي جملو (Happy New Year) ٻڌڻ لاءِ شايد تيار نہ هيو. مان اها ساري رات ۽ ان ساري رات جو هر پل ۽ پھر اکين ۾ ڪٽي ڇڏيو. اکيون جن ھميشہ سپنا ڏٺا آهن، سپنا جيڪي منھنجي اکين ۾ فقط امن، سلامتي ۽ سک جا هوندا آهن. جن جي ساڀيان دور، دور ۽ تمام دور ۽ تمام گهڻو دور نظر اچي ٿي پر انھن سپنن جي ساڀيان هڪ نہ هڪ ڏينھن ضرور ٿيڻي آهي. اهو مون کي يقين آهي.
جڏهن ان 1991ع جي آخري رات جي ان تاريڪي جو غوراب پنھنجي ڪنڌيءَ تي پھتو تہ پکين پنھنجا پَرَ سوهيا، بک کان پاھہ انسانن پنھنجي معصوم ۽ ابهم ٻارن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ پوتڙو ڇنڊي ڪلھي تي رکي شھر جو رخ رکيو ۽ مون جيڏا، جيڪي نيو ايئر جي جشن جي شور و غل جي گگهہ گفائن ۾ گم هيا، انھن جون اکيون ٿڪ مان ٻوٽجي ويون ۽ هو وري ٻي رات جاڳڻ لاءِ پنھنجي خواب گاهن ۾ وڃي آرامي ٿيا، تڏهن ڪيترين ئي اميدن سان نئين سال جي پھرئين سج جي ڪڪوريل ڪرڻن ڌرتيءَ تي پنھنجا چپ رکيا ۽ ڪائنات ۾ اڇي، اجري امن جھڙي صبح جي روشني ڦھلجي وئي ۽ ٻئي ڏينھن اخبارن وڏين وڏين سرخين سان ليک لکيو، “ڪراچيءَ ۾ نئين سال جو جشن 100 ڄڻا گرفتار” “نئين سال جي آمد تي فائرنگ ۾ 35 ڄڻا ڦٽجي پيا” “نئين سال جي خوشيءَ ۾ حيدرآباد ۾ گولين جا وسڪارا” “11 ڪلاڪن ۾ اتر سنڌ مان 27 ڄڻا اغوا ڪيا ويا” “لطيف جي نگريءَ تي ڌاڙيلن جي ڪاھہ، 7 ڄڻا اغوا” “بمبئيءَ ۾ ملاوٽي شراب، 66 ماڻھو ماريا” “منيلا ۾ 7 ۽ سڊنيءَ ۾ 2 ماڻھو مارجي ويا” ۽ ان ئي ڏينھن هڪ اخبار منھنجو چيل هي جملو پنھنجي سروي ۾ ڇھہ ڪالمن هڪ انچ جي مين هيڊنگ ۾ ڇپيو، “ڇا 1992ع ۾ توب جي نالين ۾ پکي آکيرا جوڙي سگهندا؟؟“

(8 جنوري 1992ع روزاني هلال پاڪستان ڪراچي)