شھادت حضرت علي عليہ السلام
هاشمي خاندان ۾ اک کوليندڙ ان شھزادي کي ساري دنيا جي تاريخ شجاعت ۽ علميت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ٿي سمجهي، جنھن جي خطبن جي ڪتاب “نھج البلاغہ” جي هر هڪ جملي تي اڄ ايڪيھين صدي ۾ داخل ٿيندڙ هر ڏاهو ۽ داناءَ انسان سوچ ۽ ويچار ڪري رهيو آهي تہ اهو ڪھڙو ڪمال علم هو جو عرب جو اهو ننڍڙو شھزادو بنا هڪ لمحي سوچڻ جي ورندي ڏيندو هو. اسلام جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن ڪنھن شخص کانئن اهو سوال ڪيو هو تہ “ڪھڙا جانور ٻچا ڏيندا آهن ۽ ڪھڙا آنا ڏيندا آهن!” تہ ماڻھن جي هڪ وڏي هجوم ڏٺو تہ ان جواب طلب سوال تي ابو تراب سوال ختم ٿيڻ کان اڳ ئي جواب ڏيندي چيو، “جن پکين جا ڪن ٻاهر نڪتل هوندا آهن، اهي ٻچا ڏيندا آهن ۽ جن جا ڪن اندر هوندا آهن اُهي بيضا ڏيندا آهن.”
اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ مديني ۾ اسلام جي تاريخ لکندڙ هڪ مورخ جڏهن ڏٺو تہ شھر ۾ رهندڙ ڪجهہ شخص پاڻ ۾ گڏجي ساقي ڪوثر وٽ آيا ۽ کانئن پڇيائون تہ، “اسان اهل مدينہ هڪ سوال کڻي آيا آهيون اوهان کان ان جا مختلف جواب گهرجن!!” حضرت عبدالمطلب جي پوٽي چيو، “پڇو” ۽ پوءِ انھن مان هڪ شخص چيو، “علم بھتر آهي يا مال!” پاڻ فرمايائون، “علم بھتر آهي، ان ڪري جو مال گهڻي وقت رکڻ کانپوءِ خراب ٿي ويندو آهي ۽ علم ڪڏهن بہ پراڻو نہ ٿيندو آهي.” ٻي شخص جي ساڳئي سوال پڇڻ تي کيس چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم نبين جو ورثو آهي ۽ مال فرعون ۽ نمرود جو ورثو آهي.” انھن مان ٽئين شخص جي ساڳئي سوال پڇڻ تي کيس چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو ۽ مال خرچ ڪرڻ سان ختم ٿئي ٿو.” جڏهن اهو ساڳيو سوال چوٿين شخص کانئن پڇيو تہ کيس ورندي ڏنائون تہ “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم واري سان دوستي رکي ويندي آهي ۽ مال واري جا دشمن ٿيندا آهن.” پنجين ڄڻي اهو سوال پڇيو تہ پاڻ چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم، صاحب علم جي حفاظت ڪندو آهي ۽ مال واري جي حفاظت مال واري کي ڪرڻي پوندي آهي.” انھن ڏهن ڄڻن مان جڏهن ڇهين ڄڻي اهو سوال ورجايو تہ پاڻ چيائون، “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو مالدار مال جي زوال سان فنا ٿي ويندو آهي پر عالم پنھنجي علم جي ڪري ھميشہ زنده رهي ٿو.” ستين ماڻھو جي سوال پڇڻ تي پاڻ فرمايائون تہ “علم بھتر آهي، ڇاڪاڻ جو علم جي گڏ ڪرڻ وارو انھيءَ وقت تائين باقي رهندو، جيستائين دنيا قائم آهي ۽ مال جمع ڪرڻ وارو دنيا جي عذابن ۾ گرفتار رهي ٿو.” اهڙي نموني سان باقي ٻين کي جواب ڏنائون.
سندن فرمان آهي تہ، “ڳالھائڻ سکو ۽ ڳالھائيندا ڪريو تہ ماڻھو اوهان جي قدر و قيمت معلوم ڪري سگهن. ڇاڪاڻ انسان زبان جي پردي ۾ لڪل آهي.” سندن انھن علمي فضيلتن جي ڪري سرور ڪائنات فرمايو آهي تہ، “انا مدينة العلم و علي بابھا.” آئون علم جو شھر آهيان ۽ عليعہ ان جو دروازو.”
هڪ طرف عبادت الاهي جو اهو عالم آهي جو پاڻ فقط هڪ رات ۾ هزار رڪعت نوافل اداڪن ٿا تہ ٻئي پاسي پاڻ محنت ڪندي نظر اچن ٿا. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ان پورهئي جي عيوض جيڪو اجورو ملي ٿو، ان مان غلام خريد ڪري انھن کي آزاد ڪن ٿا ۽ پاڻ جون جي سڪل ماني پاڻي ۾ ڀڄائي کائن ٿا. پاڻ خليفتہ المسلمين آهن پر پاڻ پنھنجي هٿن سان پنھنجي ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا ۽ تاريخ جي صفحن تي مسلمانن لاءِ سادگي ۽ محبت جو بي مثال سبق ڇڏين ٿا.”
“رب العزت!! اسان تنھنجي انھيءَ ورهاست تي خوش ۽ راضي آهيون جو توهان اسان کي علم ۽ جاهل کي مال ڏنو.” جھڙا جملا ادا ڪري پنھنجي علمي فضيلت جا گوهر ٻڌائڻ کان سواءِ جنگ خيبر کان خندق جي جنگ تائين پنھنجي شجاعت سان اسلام مخالفن جي دلين کي دهڪائڻ واري هن فصيح، بليغ، بھادر ۽ عادل عليعه ابن ابي طالب کي رمضان المبارڪ جي مھيني جي 19 تاريخ تي فجر جي وقت ان گهڙي ابن ملجم تلوار جي ضرب هڻي زخمي ڪري وڌو، جنھن وقت پاڻ سجدي ۾ هيا. مورخين لکن ٿا تہ جنھن فجر جو کين ضرب هڻي زخمي ڪيو ويو اها ساري رات فجر تائين پاڻ ننڊ ڪري نہ سگهيا هيا. تاريخ لکي ٿي تہ اها ساري رات سندن ائين گذري هئي جو پاڻ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ مصلي تان اٿي صحن ۾ ٿي آيا ۽ آسمان جي طرف ڏسندي چيائون ٿي تہ، “منھنجي آقا سرور ڪائنات سچ فرمايو آهي تہ آئون شھيد ڪيو ويندس.” مورخين پنھنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا تہ جنھن وقت پاڻ فجر جي نماز لاءِ پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هُئا تہ صحن ۾ بدڪن سندن عبا کي پنھنجن چھنبن سان جهلي ورتو ۽ زور زور سان شور مچائڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ پوءِ جڏهن ڪنھن بدڪن کي روڪڻ چاهيو تہ پاڻ ان کي منع ڪندي چيائون، “هنن کي منع نہ ڪيو، هي ويچارڙيون تہ مون تي نوحا پڙهي رهيون آهن.” ۽ پوءِ پاڻ پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪتا ۽ ڪوفي جي ور وڪڙ ڏيندڙ رستي تان ٿيندا مسجد ڪوفہ ۾ آيا ۽ اذان ڏيڻ شروع ڪيائون. چوڻ وارا چون ٿا تہ ان ڏينھن سندن آواز ۾ اهڙو تہ درد هو جو ٻڌڻ سان هانءُ ۾ جهٻي ٿي اچي وئي، جنھن کانپوءِ نماز ۾ مشغول ٿي ويا. اڃان پاڻ پھرين سجدي ۾ ويا هئا تہ ابن ملجم سندن سر مبارڪ تي تلوار سان وار ڪيو ۽ تلوار اتي ئي لڳي جتي ٽيھہ ورهيه اڳ خندق جي جنگ ۾ عمرو بن عبدود جي تلوار لڳي هئي. تلوار لڳڻ شرط پاڻ زمين جي طرف آيا ۽ چوڻ لڳا، “خدا جو قسم! مون حيات ابدي ماڻي.” ضرب هڻڻ کانپوءِ جيئن ئي ابن ملجم فرار ٿيڻ لڳو تہ ماڻھو سندس پويان ڊڪيا ۽ ڪجهہ ماڻھو زارو قطار روئڻ لڳا. پاڻ هڪ لمحي لاءِ روئندڙن کي ڏٺائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿيندي چيائون، “مون کي گهر وٺي هلو.” ۽ پوءِ حضرت امام حسن عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ حضرت عباس علمدار کين گهر کڻي آيا ۽ هر پاسي سندن زخمي ٿيڻ جي خبر پھچي وئي. خبر ٻڌڻ شرط سندن محبن تي غم و الم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. سارو ماحول غمزدہ ۽ هر ماڻھو جو چھرو افسردہ ٿي ويو ۽ پوءِ ابن ملجم کي بہ گرفتار ڪري آندو ويو.
حارث ابن همدان چوي ٿو تہ جڏهن اسان امير المؤمنينعه کان پڇڻ وياسين تہ پاڻ وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا ۽ ڪپڙو سندن زخم تي ٻڌل هو پر ان جي باوجود بہ رت اهڙي طرح وهي رهيو جو ان ڪپڙي مان نڪري پيرن تائين ٿي آيو. حضرت علي عليہ السلام کي ٻہ ڏينھن انھيءَ حالت ۾ گذري ويا ۽ ويھين رمضان جي ڏهاڙي سندن نياڻين سندن آڏو هڪ کير جو پيالو ٻہ جون جون مانيون ۽ ٿورو لوڻ آڻي رکيو. پاڻ انھن مان کير جو پيالو حضرت ام ڪلثوم سلام ﷲ عليہا کي واپس ڏيندي چيائون، “ڌيءَ! اوهان جي زخمي پيءُ دنيا جون ٻہ نعمتون هڪڙي ئي وقت ڪڏهن بہ نہ کاڌيون آهن.” سندن ائين فرمائڻ کان پوءِ حضرت ام ڪلثوم سلام ﷲ عليہا سندن آڏو لوڻ کڻڻ گهريو تہ پاڻ کين منع ڪندي کير جو پيالو پنھنجي آڏو هٽائي ڇڏيائون ۽ پوءِ جڏهن سانجهي وقت سندن آڏو شربت جو پيالو آندو ويو تہ پاڻ حضرت امام حسين عليہ السلام سان مخاطب ٿيندي چيائون تہ، “پٽ! هي شربت منھنجي قاتل کي پھچائي ڏيو ۽ هن سان مھرباني سان پيش اچو، ڇاڪاڻ جو هو اوهان جو قيدي ۽ مجبور آهي.”
سانجهي ٿيڻ سان پنھنجي اصحابن کي پاڻ وٽ گهرايائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿيندي چيائون، “سلوني قبل ان تفقدوني” ۽ پوءِ اتي موجود ماڻھن کي کائن جيڪو ڪجهہ پڇڻو هو اهو هو پڇندا رهيا ۽ حق جو هي امام کين جواب ڏيندو رهيو. جنھن کانپوءِ پاڻ کين هدايتون ۽ سمجهاڻيون ڏيندا رهيا ۽ پوءِ هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ سڀني تي هڪ نظر وڌائون ۽ پوءِ ساڻن مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا، “آئون ثنا ڪيان ٿو ان خدا جي جيڪو اهڙي تعريف جي لائق آهي ۽ هو اهڙي مدح کي پسند ڪري ٿو. آئون هن جي حڪمن جو هن وقت تائين مطيع ۽ فرمانبردار آهيان ۽ هن جي واحد ۽ بي مثال هئڻ جي گواهي ڏيان ٿو. اوهان قدر جي مسئلي ۾ زيادہ فڪر نہ ڪريو، ڇاڪاڻ جو اهي خدا جي ڳجهہ علم آهي. پاڻعه ھميشہ خدا جي ڪتاب، حضرت رسول صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن جي سنت تي ڪاربند رهيا ۽ فرمايائون تہ منھنجي اهلبيتن ۽ حسنين (عليہ السلام) کان غافل نہ رهجو. ڪالھہ جيڪو اوهان جو امام ۽ صاحب هو اهو اڄ اوهان جي لاءِ عبرت گاھہ آهي ۽ سڀاڻي اوهان وٽان رحلت ڪري ويندو. جيڪڏهن مون کي هن زخم کان شفا ملي وئي تہ خدا جو شڪرانو ادا ڪندس. آئون هن ناپائيدار دنيا ۾ اهڙي طرح رهيس جھڙي طرح ڪو وڻ جي ڇانوَ هيٺ رهندو آهي. اوهان کي گهرجي تہ اوهان منھنجي حال مان عبرت جو سبق حاصل ڪيو. ڇاڪاڻ جو مون کان وڌيڪ فصيح، بليغ ۽ سچي نصيحت ڪرڻ وارو اوهان کي نہ ملندو. آئون هاڻي اوهان کان موڪلايان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان تہ قيامت جي ڏينھن منھنجي ۽ اوهان جي ملاقات ٿئي جو انھيءَ وقت منھنجي قدر ۽ منزلت جيڪا اڃان تائين اوهان جي اکين کان لڪل آهي، اها اوهان کي معلوم ٿي وڃي.”
سندن ان مختصر خطبي کانپوءِ اتي ويٺل ماڻھو هڪ هڪ ٿي هليا ويا ۽ پوءِ پاڻ پنھنجي اهلبيت عليہ السلام کي پاڻ وٽ گهرايائون ۽ حضرت امام حسن عليہ السلام سان مخاطب ٿي فرمايائون، “آئون اوهان کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي نصيحت ڪيان ٿو. اوهان پنھنجي ڀائرن سان نيڪ سلوڪ رکجو ۽ هنن تي بہ واجب آهي تہ هو بہ اوهان جي اطاعت ۾ ھميشہ سرگرم ۽ تيار رهن. سچ چوڻ ھميشہ پنھنجو پيشو رکجو ۽ ضعيفن جي مدد ۽ مظلومن سان رعايت ڪجو.” ان کانپوءِ پاڻ محمد حنفيه ڏانھن متوجھہ ٿي کين چيائون تہ، “اوهان کي وصيت ڪيان ٿو تہ اوهان بہ پنھنجن ڀائرن جي تعظيم و تڪريم ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ جو هنن جا اوهان تي وڏا حق آهن.”
چوڻ وارا چون ٿا تہ ان ڏينھن زمين تپي ٽانڊو ٿي وئي، آسمان ياقوت جيان سرخ ٿي ويو، پکين پنھنجا آکيرا ڇڏي ڏنا ۽ ماڻھو زارو قطار روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ “امير المؤمنين شھيد ٿي ويو، امير المؤمنين شھيد ٿي ويو.” تاريخ لکي ٿي تہ اهو 21 رمضان جو ڏينھن هو.
(20 جنوري 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)