شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

جيون جي گهٽَ

اولڊ ڪيمپس جو گهنڊ رات جو ٻارنھن ٿيڻ تي ٻارنھن ڌڪ هڻي ٿو ۽ ماحول تي ڇانيل جمود ڪوريئڙي جي ڪچي اڻيل آر جيان ٽٽي ٿو پوي. مان خاموش، بلڪل خاموش پنھنجن ٿڪل قدمن کي آهستي آهستي گِهليندو سيشن ڪورٽ وٽان ٿيندو، سول لائين جي وڏي ويڪري، خاموش، خاموش ۽ اداس رستي تي پھچان ٿو.
اونداهي چئني طرفن پنھنجا پر پکيڙي ماحول کي پنھنجي قبضي ۾ ڪري چڪي آهي. هر طرف چپ چپات ۽ خاموشيءَ جو راڄ آهي، سواءِ آسمان ۾ ٽڙيل پکڙيل ٽمڪندڙ تارن جي يا ڪنھن بنگلي ۾ ٻرندڙ بجليءَ جي هلڪي هلڪي روشني جي، جا ٻاهر ليئو پائي منھنجي اکين جي ماڻڪين سان ٽڪرائجي پنھنجي قائم ڪيل وجود جو احساس ڏياري ٿي. مان پنھنجي ٽٽل ڦٽل جذبن ۽ ارمانن سان پنھنجي خيالن ۾ گم، پنھنجي گهر ڏانھن قدم قدم ۾ ملائي، ڄڻ پنھنجي ئي پاڇولي تي پير رکي وڌي رهيو آهيان. هن ڏامر جي وڏي ويڪري ۽ ڊگهي رستي تي منھنجي بوٽن جو آواز چوطرف چٽڪمرن بنگلن سان ٽڪرائجي، منھنجي ڪنن ۾ اجنبي آوازن جيان گونججي رهيو آهي. اهڙي ٻوساٽيل، من کي منجهائيندڙ ۽ دل کي ڇيھون ڇيھون ڪندڙ ماحول جنھن ۾ چئني ڪنڊن کان موت جھڙي ماٺ ۽ هڪ عجيب سانت سوار آهي. مان وڃي رهيو آهيان...... مان هلي رهيو آهيان....... قدم قدم تي ساٿ نڀائڻ وارا پنھنجي پاڇي کان بہ مون کي پري ڪري ويا آهن. نينھن نڀائڻ وارا نينھن جا مڙئي ناتا ٽوڙي ويا آهن. هي سارو ڏيھہ مون کان منھن مٽي ويو آهي. هرڪو منھنجي لاءِ اجنبي بنجي ويو آهي ۽ هرڪنھن لاءِ مان اجنبي بنجي ويو آهيان.
اندر ئي اندر ۾ هڪ پيڙاءُ پئي ٿي محسوس ٿئي جا منھنجي کوکلي وجود کي کائي رهي آهي. چئني طرفن کان تنھايون وڪوڙي ويون آهن. اندر ۾ عجيب اڌمان مچي رهيا آهن. پراڻيون يادون جسم ۾ هلندڙ ڳاڙهي رت جيان گردش ڪري رهيون آهن. منھنجا ٽٽل ڦٽل خيال، منھنجي ڪچي ڦڪي ذهن ۽ منھنجي سنگسار ٿيل وجود سان زمين ۽ آسمان تي خلا ۾ لٽڪي رهيا آهن.
منھنجي ذهن ۾ ماضيءَ جي هڪ اڻ کٽندڙخيالن جي لھر اڀري ٿي. منھنجي هن سان گهاريل گهڙيون اڄ بہ منھنجي من ۾ مانڌاڻ مچائي رهيون آهن. منھنجي ذهن ۾ ڦرموٽي جيان ڦري رهيون آهن. هن جو کلندڙ، مسڪرائيندڙ، سدا بھار چھرو جنھن جي چانڊاڻ چنڊ کان بہ تکي آهي، جيڪو بھار جي ڪنھن گل جيان منتظر نہ پر ھميشہ ھميشہ ٽڙيل ۽ خوشبودار هجي. هن جا هلڪا هلڪا ٽھڪ يڪتاري جي تندن جيان هلڪڙي هلڪڙي پيدا ٿيندڙ موسيقي جيان اڄ بہ ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. هن جون مون سان کلندڙ، گهمندڙ پياريون شامون اڄ بہ ذهن نشين آهن. حيدر چوڪ کان وٺي آرٽس فيڪلٽيءَ جي سڪل ڇٻر تائين، سينيمائن جي پيھہ پيھان کان وٺي، يونيورسٽيءَ جي ڀڳل بس پويان ڊڪڻ تائين، ويل وقت ڪيڏو نہ پيارو ٿيندو آهي. هڪ وڏي اوٻاسي ڏيان ٿو. خيالن جي دنيا کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ اکڙين جي پنبڻين ۾ گڏ ٿيل ڳوڙهن کي هٿن سان ڇھان ٿو ۽ لڙڪ لڙي پون ٿا. منھنجي اڻڀن ڳلن تي ۽ هٿ جي آنڱرين سان اگهي ٿو ڇڏيان. خيال پوءِ بہ جند نٿا ڇڏين. جيڏي بہ قدم ورايان ٿو پاڇي جيان پويان پويان ڊڪندا پيا اچن. مان ماحول سان ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ کيسي مان ريڊ ائنڊ وائيٽ جو پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکايان ٿو ۽ ٻرندڙ تيليءَ سان پنھنجي ساڄي هٿ تي ٽڙيل پکڙيل ۽ ابتين سبتين ريکائن تي هڪ گهري نظر وجهان ٿو ۽ تيلي اجهامي ٿي وڃي ۽ سگريٽ جو هڪ وڏو ڪش هڻي نڪ ۽ وات مان لڳاتار دونھون ڪڍان ٿو. سگريٽ جو دونھون منھنجي سڙيل وجود کي ويتر دونھاٽي رهيو آهي. منھنجو کوکلو ذهن ائين ڦري رهيو آهي، جيئن مست مھراڻ جي موجن ۾ ملاحن سان ڀريل بتيلو تکن ڀنورن جي ڇولين ۾ پيو ڇلندو آهي.
خيالن جو ٽٽل سلسلو آهستي آهستي ڳنڍجڻ لڳي ٿو. اڄ صبح جو چيو هئم تہ ڄامشوري واري پل تان يا آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڇت تان ٽپو ڏئي ھميشہ ھميشہ لاءِ پنھنجي زبان ۽ اکين کي بند ڪري ڇڏيان، جيڪي اڻ ٿيڻا خواب ٿيون ڏسن پر ڏک اٿم تہ دل جي چاهڻ باجود ائين ڪري نہ سگهيس، الائي ڇو؟ جڏهن تہ اها بہ خبر اٿم تہ منھنجو وجود هن ڌرتيءَ تي هڪ بار آهي پر پوءِ بہ پيو جيئان. اوچتو ڇرڪ ٿو ڀريان، خيال ٿا ٽٽن، هڪ گاڏي جي اوچتي ڀريڪ تي. ۽ وري اکيون ڇنڀي هلڻ ٿو شروع ڪريان گهر ڏي. اڄ بہ ذهن ۾، منھنجي ساري وجود ۾ ۽ منھنجي سوچ ۾ تون آهين. تون ئي تون. تنھنجا خيال ور ور ڏئي وڪوڙي رهيا آهن.مان نہ سوچيندي بہ تو متعلق سوچيان ٿو، مان پنھنجو پاڻ کي هڪ پکي جيان بنائي ڇڏيو آهي، جيڪو هوائن جي لھرن جي آڌار تي پيو چڪر ڪاٽيندو آهي اڀ ۾ تنھنجا واعدا ڪاڏي ويا، تنھنجا قسم ڪاڏي ويا. تنھنجا اکڙين ئي اکڙين ۾ کنيل سنھن ڪيڏانھن ويا، جيڪي خيالن ۾، آنڌ مانڌ مچائي ڇڏيندا هئا. “تون ۽ مان نہ ملي سگهنداسين، اهو مان توکي اڳ چيو هو. پر تو نہ مڃيو.” مان تنھنجو وڏو بنگلو ڏسي ڪار ڏسي، توکي چيو هيم “سندرتا تون هڪ امير پيءُ جي ڌيءُ آهين ۽ مان........! مان هڪ غريب جنھن وٽ ڪار ۽ بنگلو تہ ٺھيو پر خودڪشي ڪرڻ لاءِ زهر لاءِ بہ ڏوڪڙ ناهن.” مان توکي چيو هو سندرتا تہ “پاڻ ريل جي پٽڙين جيان هڪ ٻئي سان گڏ تہ هلي سگهون ٿا، هڪ نئين ايندڙ اسٽيشن تائين پر اهي پٽڙيون ڪڏهن بہ گڏجي نٿيون سگهن، جيڪڏهن گڏجي پون تہ هڪ وڏو ايڪسيڊنٽ ٿي پوندو. جنھن ۾ توکان ۽ مون کان سواءِ ٻئي خاندان بہ تباھہ ٿي ويندا.” پر تون هر ڀيري پنھنجون نازڪ نازڪ آنڱريون پنھنجي چپن تي رکي مون کي خاموش ڪندي هئينءَ! پر هينئر تو ئي تہ پنھنجن وعدن کي ٽوڙيو آهي ۽ پنھنجن قسمن کي ڀلايو آهي. پنھنجي پريم کان منھن موڙيو آهي. هينئر مون سان گڏ توکي بہ خودڪشي ڪرڻ گهرجي، ان ڪري جو بيوفا تون آهين. مان تہ بي مقصد بيڪار وجود کان تنگ ٿي انت طرف ويندم.
اڄ صبح تنھنجو موڪليل تنھنجي شاديءَ جو ڪارڊ مليو اٿم، ڄڻ تہ ڪو موت جو پروانو ملي ويو هجيم. موت رڳو ٽن ننڍڙن اکرن مان جڙيل هڪ لفظ نہ آهي پر ڪيڏو نہ وڏو لفظ آهي! جنھن ۾ جيون جون مڙيئي ناڪاميون ۽ ڪاميابيون سميٽيل آهن، پر اهو بہ نٿو پيو اچي مون ڏي ۽ مون کي گلي سان لائي پنھنجي پيار لاءِ. ڪاش! مان صبح تنھنجي رواني ڪيل شاديءَ ڪارڊ ملڻ کان اڳ هي ديس ڇڏي وڃان ها! ۽ اهي سڪرات جھڙا لمحا نہ نصيب ٿينم ها، هن دکياري جيون ۾.
ذهن ۾ ڊڪندڙ خيالن جو تسلسل سگريٽ جي سيڪ تي ٽٽي ٿو پوي ۽ ڪوريئڙي جي ڪچي آر جيان ڍرو ٿو ڪري ڇڏيان آنڱرين کي سگريٽ ڪيرائڻ لاءِ ۽ ڪريو ٿو پوي ٽوٽو سگريٽ جو روڊ تي.
پنھنجي اڏوهي کاڌل وجود کي دونھين سان ڀري ڇڏيو اٿم، سگريٽ مان سگريٽ دکايان ٿو ۽ پاڪيٽ جي آخري سگريٽ کي چپن ۾ جهليندي، خالي پاڪيٽ کي پٽ تي ڦٽو ڪندي، دکايان ٿو نئين سگريٽ کي، اڳوڻي سگريٽ جي ٽوٽي مان ۽ ڪش ٿو هڻان وڏا وڏا سگريٽ مان ۽ ٺاهيان ٿو گولا سگريٽ جي دونھين جا ۽ جي هوا ۾ ملي منھنجي نظرن کان غائب ٿيو ٿا وڃن. هاڻ تہ چپن ۾ بہ تہ پيو سور محسوس ٿئي ۽ نڙيءَ ۾ سنھڙا ڪنڊا چڀندي ڀانيان ٿو، مٿي کي هلڪڙا هلڪڙا چڪر ايندي محسوس ڪريان ٿو. ڪٿي ڪينسر تہ نہ ٿي پيو اٿم گلي ۾! جنھن جو هتي ڪوبہ علاج نہ آهي. لاعلاج مرض! ها لا علاج مرض!! جنھن ۾ الائي ڪيترا مريض موت جي منھن جي حوالي ٿي ويندا آهن. ڪينسر لاءِ اها بہ پروڙ اٿم تہ اهو موذي مرض سگريٽن مان ٿيندو آهي. رياض! منھنجو پيارو دوست بہ تہ ان مرض جي مروڙ ۾ اچي ويو هو.جنھن کي پڻ موت وارو ملائڪ آيو هو وٺڻ ڪينسر جو روپ ڌاري. پر مان تہ منتظر آهيان موت جو. الائي ڪڏهن ايندو مون لاءِ موت! موت جيڪو منھنجا مڙيئي ارمان منھنجي نئين نڪوري ڪفن سان لوڙهي دفن ڪري ڇڏيندم هڪ قبر ۾ مٽيءَ جي مڻن جي هيٺان ۽ پوءِ مان ڪنھن سان بہ، ڪابہ شڪايت ڪين ڪندم. نہ سعيد سان........ نہ اشوڪ سان........ اياز سان.....!!! مان... ها مان......... ڪنھن سان بہ ڪابہ شڪايت ڪونہ ڪندم. توکي ڪوبہ ڏوراپو نہ ڏيندم، مان تہ پنھنجن ارمانن ۽ جذبن کي پاڻ ۾ سميٽي کڻي ويندم. پنھنجي مٽيءَ جي قبر ۾ پنھنجي شھر کان بہ ڏور، ڪافي ڏور ۽ مان خاموش بلڪل خاموش پيو هوندم، توکان پري ات جتي ڪير بہ نہ هوندو سواءِ منھنجي. خيالن جا جڪڙيل ڪڙين جا سلسلا ٽٽي ٿا پون هڪ ئي سٽ سان، ٺيڪ ان ويل جنھن ويل روڊ تي ڇانيل موت جھڙي ماٺ ۽ چئني پاسن کي قبضي ۾ ڪيل خاموشيءَ جي راڄ کي سيٽين جي تيز گجندڙ آواز چيريندو، روڊ جي ڀرسان وڏن وڏن بنگلن کان ٿيندو، اڀ ۾ گونججي ٿو ۽ اک ڇنڀ ۾ ئي پوليس وارا، پھريدار چؤطرف ائين ٿا گڏ ٿيو وڃن، جيئن سانوڻ جي موسم ۾ کنوڻ جي هڪ ئي چمڪاٽ سان ڪارا ڪڪر وسي پوندا آهن. ۽ گهيرو ٿا ڪري بيھن اهڙي طرح جھڙي طرح چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊاڻ ڀري رات ۾ چنڊ جي چوگرد گڏ ٿيندا آهن اڀ ۾ انيڪ تارا، ۽ وٺيو ٿا وڃن رات جو رول پارٽيءَ سمجهندي لاڪ اپ ۾ ۽ رات جو ڇانيل تاريڪيءَ ۾ چئني طرفن رات جي وڳڙي ۾ سانت ئي سانت ۾ صبح ٿيڻ کان اڳ وڃان ٿو وائڙن جيان مون جھڙن جي وڳر ۾.... “چور آهين؟... ڊاڪو آهين؟ کاٽ هڻڻ پئي وئين؟” صوبيدار چوي ٿو مان ورندي ڏيانس ٿو “نہ سائين مان شآگرد آهيان، يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهيان.” صوبيدار گجندڙ آواز ۾ چوي ٿو، “ڪھڙي پارٽي سان تعلق اٿئي؟” “دل جي دنيا واري پارٽي سان” مان چوان ٿو ۽ هو ڪاوڙ ۾ باھہ ٿي وڃي ٿو. “ڪوڙ ٿو ڳالھائين؟ شاگردن کي تون ئي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائيندو آهين. ڀتين تي چاڪنگ ڪندو آهين، پوسٽر هڻندو آهين، اڙي هنگامي پريس ڪانفرنس جو انتظام ڪيو تہ وڏي جدوجھد کانپوءِ هڪ وڳوڙي پڪڙيو اٿئون.” لاڪ اپ جي ڪوٺڙي ۾ گهڙندي ٻاهر ڦھليل روشنيءَ ۾ هڪ ڀيرو نظر ڦيرايان ٿو ۽ هڪ وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريندي تنھنجن پيارين يادن کي ھميشہ ھميشہ لاءِ پنھنجي دل ۾ دفن ڪري ڇڏيان ٿو، ان اميد سان تہ ڪڏهن تہ صبح ٿيندو، اڇو اجرو صبح، ۽ آهستي آهستي پنھنجا چپ چوري چوان ٿو “سندرتا! مون کي معاف ڪجان. مان اڳواٽ توکان معافي ٿو وٺان، تنھنجي شاديءَ ۾ نہ شرڪت ڪرڻ تي ۽ هليو ٿو وڃان اونداهي بدبودار ڪوٺيءَ ۾.”

(مئي 1980ع روزاني سنڌ ٽائيمس جو ماهوار سنڌ دوست ڊائجيسٽ)