شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

نثري نظم جو خوبصورت شاعر (تاج جويو)

اڄ يارن زوار نقويءِ سان شام ملھائي آهي، جڏهن تہ زوار ھميشہ يارن سان شامون ملھايون آهن. زوار جي شخصيت جا ڪيئي پھلو آهن، پر زندگيءَ جي هر پھلوءَ ۾ هو ٻيو ڪجهہ نظر اچي نہ اچي پر انسان ضرور نظر اچي ٿو ۽ اڄوڪي دور جي ماڻھوءَ ۾ انسان ڳولڻ ڏاڍو مشڪل آهي. انسان يعني انس وارو انسان ورلي ڪو لڀي ٿو. زوار گوناگون شخصيت ۽ رنگين طبيعت جو مالڪ، حساس تخليقڪار آهي، اهڙو حساس جيڪو “کلندي ملندو آهي ۽ روئيندي موڪلائيندو آهي.” زوار سندس چواڻي دل جي دنيا جو ماڻھو آهي ۽ دل جي دنيا جا ماڻھو اهلِ دل سڏبا آهن.
هن اهلِ دل نوجوان، پنھنجي زندگيءَ جي ٽيھن سالن واري وقت جو وڏو حصو، سونھن ۽ سچ جي عبادت ۾ گذاريو آهي ۽ راشد مورائي جا هيٺيان شعر سندس اِن عبادت ۽ ڪيفيت جا ترجمان آهن :
“زندگي، بي بندگي، شرمندگي،
سونھن آڏو سيس کي نوڙائجي،
سڄي رات جاڳي عبادت ڪجي،
ڪچھري رڳو سونھن بابت ڪجي.”

زوار پنھنجي شعري مجموعي “پل اپل “ ۾ لکيو آهي تہ “ابي، امان، سنڌ ۽ خوبصورتيءَ کان سواءِ منھنجو ڪوبہ ڪونھي،” جنھن ماڻھوءَ وٽ ابي، امان، سنڌ ۽ خوبصورتيءَ جو قدر هجي، جنھن جي زندگيءَ جي حاصلات ۽ ورثو اهي ئي وٿون هجن، ان کان وڏو ڀاڳ وارو دنيا ۾ ڪير چئبو؟
خوبصورتي زوار جي ڪمزوري آهي، پوءِ اها جسماني انگن مان اڀرندڙ خوبصورتي هجي يا فطرت جي منظرن جي. موسيقيءَ جي سرن مان ڦٽي نڪرندي هجي يا مصوريءَ جي فن مان.
کيمچند شرما جھڙن دوستن زوار کي پريم جي پاٺشالا سڏيو آهي، پريم جي پاٺشالا زوار خود آهي يا زوار جو آستانو، منھنجي نظر ۾ زوار جھڙي محبتي ماڻھن جو آستانو پريم پاٺشالا آهي، جتي تاجل بيوس کان انعام شيخ تائين، منير ٻٻر کان سارنگ شاھہ تائين، آسي زمينيءَ کان احمد سولنگيءَ تائين، جامي چانڊئي کان جمن سوهوءَ تائين، ذاڪر کٽيءَ کان طارق قريشيءَ تائين، اعجاز منگيءَ کان اياز لطيف پليجو تائين، منظور سولنگيءَ کان رشيد راڄڙ تائين ۽ ناز سهتي کان مون تائين محبت ۽ دوستي جا پرجام پيئڻ ايندا آهن. زوار شاعريءِ ۾ مون کان ڏھہ سال جونيئر، ليڪچررشپ ۾ ست سال جونيئر آهي.
زوار ڳالھائيندو آهي تہ جملن جي خوبصورتي لفظن جي ادائگي ۽ گفتگوءَ جو انداز ٻڌندڙ کي محو ڪري ڇڏيندو آهي. شاعرانہ مبالغه آرائي جيڪڏهن نثر جي صورت ۾ ڏسڻي ۽ ٻڌڻي هجي تہ زوار جي هڪ عدد تقرير ضرور ٻڌو پر ائين بہ ڪونہ آهي تہ هن وٽ رڳو خوبصورت جملا ۽ لفظ آهن پر هن جا خيال خوبصورت آهن تہ جذبا بہ جماليات سان پُر.
فني ۽ ادبي حوالي سان زوار جو مقام ڪھڙو آهي؟ سندس شاعري، مقالن ۽ ڪالمن جي ادبي حيثيت ڇا آهي؟ اها ڪٿ وقت ۽ وقت جو مؤرخ ڪندو پر حسين خيالن، جذبن ۽ احساسن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان ئي اسين ساڻس انصاف ڪري سگهون ٿا. محبت ۽ نفرت جي معاملي ۾ زوار ھميشہ انتھا پسند رهيو آهي. اعتدال واري واٽ هن وٽ ڪانھي (جي آهي تہ ٿوري وقت لاءِ) زوار يارن جو يار، کلڻو ملڻو، اوکيءَ ۾ ڪم اچڻ وارو، کيسي خالي بہ خان، ڏک بک ۾بہ ڏِکَ ڏيندو تو نگر جي. توڪل جي تُرهي تي تَري زندگيءَ جي سفر مان ھميشہ پار پيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو “پل اپل” ۾ ڇپيل هن جي موزون شاعري منھنجي نظر ۾ ايتري معياري نہ آهي، البتہ زوار نقوي نثري نظم جو خوبصورت شاعر آهي. هن جي نالي، پھريون، ٻيون ۽ ٽيون نثراڻو نظم عنوان وارا نثري نظم، هن جي خوبصورت تخليق مان آهن.
شفق جي هن پار،
سورج غروب ٿي ويو آ،
آڪاش تي ٽيڙو ٽڙي پيا هن،
۽ ڪَتيون کِڙي پيون هن،
۽ مان پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾،
تنھنجي ڪتابي چھري کي ڏسان ٿو،
جنھن جي هر ريکا تي وکريل هن،
منھنجا گيت، غزل،
ڪوتا ۽ ڪھاڻيون،
*
مان تنھا، وياڪل وياڪل،
آرٽس فيڪلٽيءَ آڏو،
بيد مشڪ جي وڻ هيٺان بيٺو سوچيان،
ڪالھہ هتي لوڪ کان لڪي ملندا هياسين،
پکين جي ٻولي ٻڌندا هياسين،
چپ چمندا گيت لکندا هياسين.
زوار سجاڳ ذهن جو ڪوي آهي، سماج ۾ موجود نا انصافين تي وقت جو سقراط ٿي قلم کڻي ٿو. “پل اپل” ۾ ڇپيل تجريدي نظم، تجريدي نہ پر خوبصورت نثري نظم آهن.
منھنجي گهر مان ويندڙ اڪيلو، منھنجي پيرن جو کڙڪو،
ٽڪ...... ٽڪ........ ٽڪ،
رات جي چپ چپات ۾ پاڇو،
منھنجي ئي تنھا وجود جو پاڇو،
گونگو، ماٺو، مدهم ۽ اڻ چٽو پاڇو،
ساري شھر ڏانھن ويندڙ بوٽن جا کڙڪا،
ڪيترن ئي وجودن جا پاڇا،
ٺا ٺا.....ٺاٺا.....ٺاٺا،
چونڪ چونڪ ۾،
ڪيتريون ئي اگهاڙيون پٺيون،
ڦٽڪن جو آواز،
ٺاٺا......ٺاٺا......ٺاٺا،
ماڻھن جا رانڀاٽ،
هي ديس چڻ نازي ڪيمپ آ

(سيد زوار نقويءَ سان ملھايل شام ۾ پڙهيل مقالو، 2 آڪٽوبر 1992ع تي روزاني خادمِ وطن حيدرآباد ۾ ڇپيل)