شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

سونھن ۽ سڪ جو گداگر (اشفاق آذر)

مرڪندڙ چپن جي مٿان گهاٽين مڇن جي مالڪ سيد زوار نقوي سان منھنجي واقفيت جيتوڻيڪ ڪا گهڻي پراڻي تہ نہ آهي پر ڪنھن باقاعدي ملاقات کان اڳ ۾ سندس ڪالمن وسيلي ساڻس ڄاڻ سڄاڻ رهندي آئي آهي. پنھنجي اندر ۾ هڪ معصوم ٻار جھڙي دل کڻي هلندڙ زوار جي وڏين ۽ ڪشاده اکين ۾ ھميشہ هڪ عجيب قسم جي حيرانگي رهندي آئي آهي. اها حيرانگي جيڪا تجسس سان ڀريل هجي ٿي ۽ جيڪا چھرن، منظرن، لقائن ۽ واقعن پٺيان لڪل وارتائن کي پڌرو ڪري سندس لکڻين جو روپ وٺي آڏو ايندي رهي ٿي ۽ اڪثر پڙهندڙن کي بہ حيران ڪري ڇڏي ٿي.
منھنجي سائين زوار نقوي جي ڪالمن سان باقاعدہ ڏيٺ ويٺ تڏهن ٿي، جڏهن مون ڪاوش جو اندريون پيج سنڀاليو. ڪاوش آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي هڪ عدد وڏي ڀاڪر سان فيضياب ڪرڻ کانپوءِ وڃڻ وقت هڪ عدد ڪالم ڏيڻ تائين ساڻس گفتگو، ٽھڪن جو ذائقو، آفيس جي ڪم ڪار واري ڳوري فضا کي ڪافي حد تائين هلڪو ڪندو رهيو آهي. سندس ڪالمن جي بيھڪ ۽ جوڙجڪ اهڙي هوندي آهي، جيئن ڪو ڪنڀار ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھہ مان مٽي ڳوهي ان کي چڪ تي چاڙهي ۽ پوءِ ڪنھن خوبصورت ٿانءُ جي شڪل ڏيندو آهي. هو پنھنجي ڪالم جي شروعات ۾ فيض جي نظم جي ڪنھن خوبصورت سٽ جيان پڙهندڙن جي اندر ۾ لھندي سندس احساسن کي ڇھي پل ۾ کلائي، پل ۾ اداس ڪري ڇڏيندو آهي. سندس ڪالمن جا موضوع سياسي گهٽ ۽ سماجي وڌيڪ رهيا آهن، ڇو تہ سياست جنھن جوڙ توڙ، پيداگيري، حرفت ۽ چالاڪي جو نالو ٿي پيو آهي. سا هن حساس دل ماڻھوءَ جي مزاج وٽان ناهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪالمن ۾ توهان کي ايوانن جي ڪرسين تي ننڊ ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن، پيجارو ۽ لينڊ ڪروزر ۾ گهمندڙ سياستدانن کان وڌيڪ هوٽلن تي بيراگيري ڪندڙ “ڇوٽا“، مردن جي تشدد جو شڪار مظلوم عورتون، بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ ۽ نشي ۾ پناھہ ڳوليندڙ نوجوان، چند ٽڪن عيوض وڪامجندڙ نينگريون ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪردار نظر ايندا. جيڪي سماجي ظلم، ڏاڍ، ناانصافي ۽ جبر ۽ طبقاتي استحصال جي فريم ۾ ٽنگيل تصويرن وانگر هوندا آهن. هي انھن تصويرن جو درد پنھنجي اندر ۾ سھيڙي کين ڪالمن جي شڪل ۾ سڀني کي ورهائي ٿو. جيتوڻيڪ نيرنگيءَ سياست جي درن ديوارن جون بہ هن پنھنجي قلم سان چٿيون لاٿيون آهن، پر ذاتي طور تي آئون سمجهان ٿو تہ اها سندس اوريجنلٽي ناهي. سندس سماجي پس منظر وارا ڪالم وڌيڪ شڌ، وڌيڪ خالص آهن، ڇو تہ انھن ۾ عام ماڻھن جون ڪٿائون هونديون آهن. اهي ئي عام ماڻھو جن جي سڃاڻپ لکندي اردو جي مشھور مزاح نگار مشتاق يوسفي پنھنجي بايوگرافي “زرگذشت” ۾ لکيو هو تہ، “عام ماڻھو جي زندگيءَ ۾ فقط ٽي موقعا اهڙا ايندا آهن، جڏهن کيس مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. هڪ پنھنجي ڇٽي وقت، ٻيو نڪاح مھل ۽ ٽيون تدفين ڀيري. فقط انھن ٽنھي موقعن تي ئي هو سمورن ماڻھن جي نگاهن جو مرڪز هوندو آهي.“
زوار جا آئيڊيل اهڙا ئي ڪردار آهن، جن کي معاشرو ٺڪرائي ٿو ۽ هو انھن ٺوڪر لڳل ماڻھن کي کڻي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي ٿو.
مون کي سائين زوار کان هڪڙي شڪايت آهي تہ آخر سندس اڪثر ڪالمن ۾ اداس شامن، چانڊوڪي راتين، ڇيڳرين هوائن، ريشمي زلفن، بادلن ۽ خوشبوئن جو ذڪر ايڏي ڪثرت سان ڇو هوندو آهي؟ ان جو سبب شايد اهو هجي تہ هو نہ صرف خوبصورت شين سان وڏي حد تائين پيار ڪندڙ آهي پر بنيادي طور تي هڪ پيار ڪندڙ شخص پڻ آهي. جيڪو خوابناڪ گهٽين ۾ آوارگي کان وٺي غمناڪ رستن جي رولاڪيءَ تائين پنھنجي اندر ۾ اڻ ڳڻين حسين چھرن ۽ خوبصورت منظرن جو البم کڻي هلندو رهي ٿو. بھرحال مجموعي طور تي سندس ڪالم ڪافي جي هڪ ڪوپ ۽ سگريٽ جي هڪ ڀرپور ڪش کان وڌيڪ بہ ذهن تي ڪجهہ اثر ڇڏين ٿا. هن ڪتاب جا پنا اٿلايو، توهان کي سڪ ۽ سونھن جو گداگر خوابن ۽ دردن جي سئن هڻندي ملندو.

(سيد زوار نقوي جي ڪالمن جي ڪتاب لاءِ لکيل مھاڳ)