سچل سرمست (سچو عشق نہ ٻڍڙا هوئي)
سچل سائين اڃان ڇھن ورهين جو مس ٿيو تہ سندس والدين فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ۽ پوءِ سندن پالنا سندن چاچي ڪئي، جنھن سچل سائين کي درسي تعليم ڏيارڻ لاءِ حافظ عبدﷲ قريشي وٽ ويھاريو، جنھن کين قرآن شريف، سنڌي ۽ فارسي پڙهائي باقي عربي، فلسفو ۽ تصوف جو علم، ديني ۽ دنوي مسئلن جي معلومات پنھنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ڪيائون، جن کي پنجابي، اردو، سرائيڪي، زبانن تي پڻ عبور هوندو هو.
سچل سائين ننڍي هوندي کان ئي گهٽ ڳالھائو ۽ اڪيلائي پسند هوندا هئا. پاڻ اڪيلائي اڪيلا گهران نڪري جهر جهنگ وٺي هليا ويندا هئا ۽ وڃي قدرتي نظارن جو روح پرور منظر پسندا هئا. حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ درازن ۾ ايندا هئا ۽ سچل سائين جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان پڻ سندن ڪچھري ٿيندي هئي ۽ جڏهن سچل سائين جو چاچو ميان عبدالحق درازن جي درگاھہ جي گادي تي ويٺو تڏهن بہ ڀٽ ڌڻي ٻہ ڀيرا درازن ۾ آيا هئا ۽ هڪڙي ڀيري جڏهن ميان عبدالحق پنھنجي ٻارن (جن ۾ سچل سائين بہ شامل هئا) کي ڀٽ ڌڻي آڏو حاضر ڪيو. تڏهن ئي ڀٽ ڌڻي پنھنجو شفقت ڀريو هٿ سچل سائين جي مٿي تي رکي چيو “جيڪا ڪُني اسان چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هي لاهيندو.” ان مان ڀٽ ڌڻي جي اها مراد هئي تہ وحدت ۽ ڪثرت جي جا ڳالھہ پاڻ مام ۾ رکي اٿن ان کي عالم آشڪار هي تصوف جو بزرگ ڪندو. سچل سائين جا بيت اناالحق جو نعرو آهن، جن ۾ سرمد شھيد کان وٺي صوفي شاھہ عنايت تائين وارا گهٽ ۽ گهيڙ آهن. سندن بيتن مان انسانيت لاءِ بي انتھا محبت بکندي نظر اچي ٿي. ڀٽ ڌڻي وانگر سچل سائين جي بہ ساز ۽ سنگيت سان انسيت هوندي هُئي. پاڻ بہ شعر چوندا هئا ۽ راڳ ڳائيندا هئا پر جيڪڏهن ڪو ٻيو سنگيت جي سُرن کي ڇيڙيندو هو تہ سچل سائين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو. سچل سائين جي سڄي شاعري ۾ هڪ عجيب قسم جو درد سمايل آهي. جيئن جيئن سچل سائين جي شاعري پڙهبي وڃبي، تيئن تيئن درد اندر جي پاتال ۾ اوتجندو ويندو.
سچل سائين پنھنجي سڄي ڪلام ۾ شاعري جي مڙن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، غزل، نظم، مرثيه، مدحون، مثنويون، سحرفيون، گهڙولي، جهولڻ، قطعہ ۽ ڪبت شامل آهن. ڪجهہ مورخن جي راءِ آهي تہ سچل سائين رڳو سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي، جڏهن تہ ڪجهہ مورخن جي وري اها راءِ آهي تہ سچل سائين انھن ٻولين کان سواءِ هندي، پنجابي، عربي ۽ ريحنتون ٻولين ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. جڏهن تہ مورخن جي اها پڻ راءِ آهي تہ سچل سائين نو لک ڇٽيھہ هزار ڇھہ سو بيت چيا جيڪي مختلف صورتن ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهہ ڪتابي صورت ۾ پڻ موجود آهن پر ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سچل سائين جي سموري شاعري کي سھيڙي مختلف زبانن ۾ چيل شاعري کي صنفن جي حوالي سان مڪمل ڪئي وڃي جيئن سائين جا پاٺڪ صحيح ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪري سگهن.
سچل سائين جوانيءَ ۾ پنھنجي مرشد ۽ چاچي ميان عبدالحق جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي پر بيبي صاحبہ فقط ٻہ سال جيئري رهي ۽ کيس ڪو بہ اولاد نہ ٿيو.
سچل سائين جي همعصر شاعرن ۾ نانڪ يوسف، گھرام جتوئي، غلام حيدر شر، خير شاھہ، حيدر شاھہ، فقير محمد ملاح دونھين وارو، روحل فقير، سامي، بيدل فقير ۽ سيد ثابت علي شاھہ شامل آهن.
سچل سائين اٺاسي ورهين جي ڄمار ۾ 1827ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
(21 جنوري 1990ع روزاني عبرت حيدرآباد)