شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

هڪ دور جي حيدرآباد ۽ زوار نقوي (جاويد سوز هالائي)

وقت کي فليش بيڪ ڪريان ٿو تہ ماضيءَ جا ڪيترائي روشن لمحا اکين اڳيان اچي وڃن ٿا ۽ هڪ عجيب حسناڪي مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿي. ڪيترائي سال پھريان هالا مان بيروزگاري ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ حيدرآباد جا حسين رستا بہ مون کي اردوءَ جي هن شعر وانگر لڳندا هئا :
“اجنبي شھر ڪي اجنبي راستي،
ميري تنھائي پر مسڪراتي رهي.”
تڏهن مون لاءِ نصيرمرزا جي ريڊيو پاڪستان واري آفيس ڄڻ آخري پناھہ گاھہ هوندي هئي. بلڪل اهڙي طرح جھڙي طرح ڪنھن زماني ۾ “ آگم پبليڪيشن” جي آفيس سنڌي ادب سان واڳيل هڪ نسل لاءِ پناھہ گاه هوندي هئي، اها “آگم” جي آفيس ۽ اهو سائين نثار حسيني، جنھن لاءِ مون 2000ع ۾ ساڻس ملھايل شام جي موقعي تي لکيل مقالي ۾ لکيو هو تہ “اها هڪ نسل جي آخري پناھہ گاھہ هئي، جتي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا تہ نصير مرزا، زيب نظاماڻي، لياقت رضوي، سوز هالائي، اڪبر سومرو، حسن مجتبيٰ، نياز پنھور، عرفان مھدي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب.” اتي علم، ادب، جديد سنڌي شاعري ۽ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي ٿيندڙ بحث مباحثا، هاڻي فضائن ۾ گم ٿي ويل قصو لڳن ٿا. انھن ۾ هڪڙو نالو زوار نقوي جو بہ آهي، اها آگم واري جاءِ تہ گهڻو وقت اڳ پنھنجو عروج وڃائي ويٺي... ۽ ان تي ويھندڙ سڀ پکي هڪ هڪ ٿي اڏامي وڃي نہ ڄاڻ ڪھڙن وڻن تي ويٺا ۽ انھن مان ڪي پکي تہ وڃي پرديس وسائي ويٺا.
وقت پنھنجي سيني ۾ هڪ اهڙو يادداشت نامو لکي رڙهندو رهي ٿو، جيڪو صرف اکين پورڻ سان، پراڻا ڪاغذ ڳولڻ سان ۽ ڪتابن ۾ رهجي ويل گلن جي ۽ ٽشو پيپرن تي چپن جي نشاني سان ئي اکين آڏو تري اچي ٿو. ان سٿ ۾ زوار نقوي بہ حيدرآباد جي ادبي حلقي جو هڪ متحرڪ ڪردار ٿي اڀريو هو، جيڪو هڪ ئي وقت شاعري، ڪھاڻي ۽ ناوليٽ جي اعتبار کان پنھنجي مڪمل جاءِ ٺاهي چڪو هو. هن وٽ هڪ ئي “جھانيان هائوس” جي هڪ پناھہ گاھہ هوندي هئي، جتي دير سوير سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب، شاعر سياسي ڪارڪن ۽ وطن دوست تحريڪن جا متحرڪ ڪارڪن اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي سائين ويڌل شاھہ جي پاٻوھہ واري انداز مان پيا فيض پرائيندا هئا، ڪي دوست تہ سالن جا سال رهيا ۽ ڇا تہ حسين امتزاج هو، قومي تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪ مان جنم وٺندڙ ادب جو انھن ڏينھن ۾!! هڪ عجيب سحر انگيزي هڪ پوري نسل لاءِ اتساھہ جو سبب رهي پر ادب تہ هونئن بہ هر دور ۾ اتساهيندڙ هوندو آهي.
ٺيڪ آهي تہ ان دور جون سياسي، سماجي ۽ معروضي حالتون ڪھڙيون بہ هيون پر حيدرآباد ناسي شامن جو هڪ شھر رهيو آهي. ان سان گڏ اهو سنڌ جي جديد ادب ۽ جديد سياست جو بہ مرڪز ۽ محور رهيو آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جون ادبي سرگرميون هن خوبصورت نثري نظم جي شاعر، پرجوش انداز ۾ ڳالھائيندڙ ۽ ادبي مقرر زوار نقوي کان سواءِ اڌوريون هونديون هيون.
سنڌ ۾ نثري نظم لکجڻ جو رجحان شروع ٿيو هو تہ جديد ادب ۾ شامل ٿيندڙ نوجوان اديب اهو ڏسڻ کان سواءِ تہ مٿن ڪھڙي تنقيد ٿيندي، نثري نظم جي صنف ۾ لکندا ۽ پنھنجا تجربا ڪندا رهيا. جيتوڻيڪ ان دور ۾ نعيم دريشاڻي، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شاعر هن صنف ذريعي جديد سنڌي ادب ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ويا هيا ۽ زوار نقوي پڻ انھن مان هڪ هو، جنھن هن صنف کي اڳتي وڌائڻ ۾ “پَل اپل” “چراغ شام” جي عنوان هيٺ نثري نظمن جا ڪتاب سنڌي ادب کي تحفي طور ڏنا. ڪنھن بہ نئين صنف جو ادب ۾ شامل ٿيڻ خود روايتي لکندڙ ادب جي مخالفت ۾ پيدا ٿيندڙ تنقيد کي منھن ڏيڻ جي سگهہ رکندو آهي. اڳتي هلي نثري نظم نقادن جي تنقيد باوجود سنڌي ادب ۾ پنھنجي هڪ اهم جاءِ والاري ۽ جنھن وقت گذرڻ سان نوان رخ، نوان رستا ۽ نوان موضوع ڳوليا آهن.
زوار نقوي جيڪڏهن رڳو نثري نظمن جو شاعر هجي ها تہ شايد هو اڄ گهڻن ماڻھن کان وسري چڪو هجي ها پر هن شاعري سان گڏ ناوليٽ لکڻ جو بہ ڪامياب تجربو ڪيو، جنھن جو عنوان “رات رني ڪوٽ ۾” رکيو، جڏهن ڪاوش اخبار سنڌي صحافت جي ميدان تي آئي تہ ان تي بہ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جا گهرا اثر مرتب ٿيڻ لڳا، ان جي ڪالمن جو انداز نج ادبي هو ۽ تجزياتي رايا ايترا مقبول نہ ٿيا هئا. ان دور ۾ حسن مجتبيٰ، اعجاز منگي، امتياز ابڙو، عنايت مگسي، نصير مرزا ۽ ٻيا ڪيترائي اديب نثر جو سھارو وٺي سنڌ ۾ ٿيندڙ سماجي اٿل پٿل کي رومينٽيسائيز انداز ۾ ڪالم لکندا هئا. زوار نقوي بہ ادبي مزاج وارا ڪالم لکندڙن ۾ اڳيان اڳيان رهيو هو. هاڻي اهو سحرانگيز دور بہ ناهي رهيو، هاڻي سنڌي صحافت مڪمل طور تجزياتي صحافت ڏانھن وڌڻ سان گڏ جديد صحافتي قدرن ۽ لاڙن ڏانھن گامزن آهي.
زوار نقوي سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي عرصي تائين هڪ متحرڪ ڪردار طور موجود رهيو پر پوءِ اوچتو خاموشيءَ جي چادر ويڙهي نہ ڄاڻ ڪھڙين اماس راتين جي رستن ۾ گم ٿي ويو. سندس خاموشي پٺيان ڪھڙا سبب هئا، اهي تہ سائين زوار پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر جڏهن آءٌ سندس ڇانو ۾ ڪاوش اخبار ۾ آيس تہ اتي مون گهڻو ڪجهہ پرايو. هيءُ هڪ ئي وقت ڳالھائڻ جو انتھائي شانائتو انسان ۽ ڏکين مرحلن ۾ ڀرجهلو ٿي رهندڙ شخص آهي. هن وٽ مون هڪ جهڙائي جو احساس ڏٺو آهي، تنھن ڪري زوار نقوي جھڙن اديبن کي هر صورت ۾ پنھنجو ادبي ڪردار بحال رکڻ گهرجي.

(20 جنوري 2019ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)