شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

نامياري ليکڪ سيد زوار نقويءَ سان ملاقات (منصور سوراج ۽ سيد سارنگ شاھہ)

سوراج: اوهان ڪافي تنظيمن ۾ حصو ورتو آهي، سڀ کان اڳ اوهان ڪنھن کان شروعات ڪئي؟
زوار: 1977ع ۾ آئون “ٻارن جي محفل” جو مرڪزي عھديدار هيس، جيڪا روزاني آفتاب حيدرآباد جي سرپرستيءَ هيٺ هلندي هئي، انھن سان ڪن اختلافن ڪري مون ٻارن جي محفل کي اخبار کان الڳ ڪيو ۽ 10 آڪٽوبر 1978ع تي حيدرآباد ۾ پھريون ڪنوينشن ڪري ٻارن جي محفل سنڌ جو باقاعدگيءَ سان بنياد وجهي ڪم شروع ڪيم.

سوراج: اوهان ڪھڙي صنف کان لکڻ جي شروعات ڪئي؟
زوار: مون سڀ کان پھرين ڪھاڻي لکڻ سان ادب ۾ شروعات ڪئي.

سوراج: اوهان ڪھڙي صنف جي اظھار جي سگهاري صنف سمجهو ٿا؟
زوار: آئون ڪھاڻي/ڪالم کي اظھار جي سگهاري صنف سمجهان ٿو، ڇو تہ ڪھاڻيءَ جي ذريعي نھايت چٽائي ۽ آزادي سان پنھنجن جذبن جو اظھار ڪري سگهجي ٿو ۽ هن جديد مشينري واري دور ۾ ڪھاڻي ماڻھو چاھہ سان پڙهن ٿا.

سوراج: ادب ۾ اوهان جي ڪنھن رهنمائي ڪئي؟
زوار: ادب ۾ منھنجي ڪنھن بہ رهنمائي نہ ڪئي، مون جيڪو ڪجهہ حاصل ڪيو، اهو مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي مان حاصل ڪيو.

سارنگ: اوهان پنھنجين ڪھاڻين ۾ اڪثر ڪري هندي لفظ استعمال ڪندا آهيو؟
زوار: مون پنھنجين ڪھاڻين ۾ هندي لفظ لازمي سمجهي استعمال نہ ڪيا آهن، جيڪڏهن ڪو لفظ استعمال ٿيو هوندو تہ اهو لفظ ان جملي جي خوبصورتيءَ لاءِ استعمال ٿي ويو هوندو.

سوراج: سماجي اوسر ۾ ادب جي ڪردار ۾ اوهان جو ويساھہ آهي؟
زوار: سماجي اوسر ۾ ادب جو ڀرپور ڪردار هوندو آهي پر اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سنڌي ادب، ٻہ ڪروڙ سنڌي ماڻھن مان فقط هڪ هزار ماڻھو پڙهي ٿو.

سوراج: 1943ع کان وٺي 1989ع تائين اسان جو ليکڪ يا دانشور پڙهندڙن جو وڏو تعداد پيدا ڪري نہ سگهيو آهي؟
زوار: اهو هڪ وڏو بحث آهي پر جيڪڏهن پنھنجي پوري سچائيءَ سان اديب جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نہ رهي ۽ هو پاڻ کي ٻہ ڪروڙ سنڌي ماڻھن آڏو جوابده سمجهي تہ هوند پڙهندڙن جو تعداد وڌي وڃي! ۽ جيڪڏهن پڙهندڙن جو تعداد وڌندو تہ انھن جي ذهني نشونما ٿيندي پر جيڪڏهن پڙهندڙ ئي نہ هوندا تہ سماجي اوسر ڪيئن ٿيندي؟ اسان وٽ تخليقي عمل اديبن جي سرڪل ۾ ڦري رهيو آهي. پھريون سوال آهي تہ سنڌي ادب کي سنڌي ماڻھن تائين پھچائڻ ۽ سنڌي ماڻھن ۾ سنڌي ادب پڙهڻ لاءِ چاھہ پيدا ڪرڻ، جيسيتائين انھن ٻنھي رخن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو نہ رهندو، تيسيتائين اسان جو ادب سماج ۾ ڪابہ تبديلي آڻي نہ سگهندو.

سوراج: اوهان ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز ۾ اچڻ لاءِ سوچيو آهي؟
زوار: آئون سنڌي ادبي سنگت جي گذريل مرڪزي اليڪشن ۾ “آڊيٽر” جي عھدي لاءِ بيٺو هيس، جتان ڪجهہ ووٽن تان مون هارايو.

سارنگ: سنڌي ادبي سنگت جو موجودہ حالتن تي ڪوبہ چٽو موقف نہ آهي، ان باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟
زوار: اهو سوال سنئون سڌو س-ا-س جي مرڪزي قيادت جي حوالي سان آهي، جيئن تہ آئون مرڪز جي نمائندگي نٿو ڪيان. ان ڪري ڇا ٿو چئي سگهان.

سارنگ: ڇا سنڌي ادبي سنگت ۾ گروھہ بندي آهي؟
زوار: منھنجي خيال ۾ تہ سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪابہ گروھہ بندي نہ آهي.

سوراج: اوهان ڪافي شاعري ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ڪھڙو متحرڪ جذبو رهيو آهي؟
زوار: مون ڪڏهن بہ ادب ۾ ٻيائي نہ ڪئي آهي، مون جيڪو ڪجهہ لکيو آهي، اها جيئري جاڳندي حقيقت آهي، منھنجي لکڻيءَ پٺيان منھنجا احساس ۽ جذبا هوندا آهن.

سوراج: اوهان ادب ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن مان ڪنھن کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿا؟
زوار: مان عرض ڪيان تہ سچو ليکڪ اهو ئي آهي جيڪو ڪجهہ هو ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو يا ڀوڳي ٿو تہ ان تي لکي ٿو، پوءِ چاهي اها داخلي ڪيفيت هجي يا خارجي ڪيفيت.

سوراج: اوهان عورت جي آزاديءَ ۾ ڪيترو يقين رکو ٿا؟
زوار: آئون عورت کي سماج جو اهم حصو سمجهان ٿو ۽ اهڙي آزادي جنھن ۾ عورت پنھنجي سمجهہ، عقل ۽ سگهہ سان جيون گهاري، ان ۾ يقين رکان ٿو.

سوراج: اسان وٽ سنڌي ليکڪائون ڪافي تعداد ۾ لکي رهيون آهن پر انھن جو سنڌي ادبي سنگت سان واسطو نہ آهي، ان جو ڪھڙو سبب آهي ؟
زوار: اسان وٽ سنڌي ليکڪائن جو ڪافي تعداد موجود آهي، ان مان ڪجهہ ليکڪائون سنڌي ادبي سنگت جون ميمبر آهن ۽ جيڪي نہ آهن انھن کي اسان جي وينتي آهي تہ هو سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿي، سماجي اوسر ۾ گڏجي ڪم ڪن.

سارنگ: اوهان سماجي سرگرمين ۾ گهڻو سرگرم رهو ٿا، ان لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍو؟
زوار: آئون موجودہ دور ۾ بي انتھا مصروفيت ۾ پنھنجو وقت گذاري رهيو آهيان ۽ هاڻي آءٌ پنھنجو پورو وقت سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ تي صرف ڪري رهيو آهيان.

سارنگ: اوهان جا پسنديدہ ليکڪ ڪھڙا آهن ؟
زوار: شيخ اياز، امر جليل پسنديدہ ليکڪ آهن.

سارنگ: اڻوڻندڙ ليکڪ ڪھڙا آهن ؟
زوار: مون کي سنڌ جا سڀئي ليکڪ پنھنجي ڀائرن جيان عزيز آهن، اسان سڀني جو روح جو رشتو آهي.

سارنگ: اوهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
زوار: منھنجا اڄ تائين چار ڪتاب ڇپيا آهن، ٻہ شاعريءَ جا، هڪ ڪھاڻين جو ۽ هڪ ناوليٽ آهي، ۽ ٻہ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن ، جيڪي ترت پڌرا ٿيندا.

سارنگ: آخر ۾ سنڌي اديبن لاءِ ڪو پيغام ؟
زوار: سنڌ جي سڀني اديبن کي سنڌي ادبي سنگت جي سگهاري پليٽ فارم کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ گهرجي، پنھنجو پاڻ مان انا پرستي ۽ خودثنائي ختم ڪري سهپ وارو مادو پيدا ڪرڻ گهرجي. پنھنجو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن آڏو ذميدار ڪرڻ گهرجي.

(پندرهن روزا عبرت مئگزين حيدرآباد)