مين تہ ڪوئي خيال هان
آءٌ دل جي دنيا جو ماڻھو آهيان، حساس دل ۽ اندر جو اجرو. جيڪي من ۾ ايندو اٿم اهو چئي ڏيندو آهيان، ۽ شايد ان ڪري ڏک بہ ڏاڍا ڏٺا اٿم، ڪڏهن بہ منافقت ڪانہ ڪئي اٿم، جي محبت ڪئي اٿم تہ کلي عام ڪئي اٿم ۽ جي نفرت ڪئي اٿم تہ اها بہ کلي عام ڪئي اٿم. لڪ لڪاڻي ڪرڻ، بزدل ۽ گيديءَ جو ڪم هوندو آهي ۽ مون کي انھن لفظن کان نفرت آهي. محبتن ۽ نفرتن جي وچ واري سلسلي ۾ هن پٿرن جي شھر ۾ ڪافي ڪجهہ ڀوڳيو اٿم، ماسڪ ويڙهي گو ائنڊ ٽيڪ جي بنياد تي جي رهيا آهن، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ مون جھڙي حساس دل ماڻھوءِ جو جيئڻ مشڪل هو ۽ سچ بہ تہ جڏهن هرهنڌان مايوس ٿي نفرتن جا زخم کائي زندگيءَ کي الوداع چئي موت جي آخري ڏاڪي تي پير ڌريم تہ ڪنھن جي مقدس وجود منھنجي قميص جي ڪالر کان جهلي مون کي موت جي آخري ڏاڪي تان هيٺ لاهي ورتو ۽ اڄ تائين هن جو هٿ مون کي زندگيءَ جو دڳ ڏسي رهيو آهي.
جڏهن آءٌ سڀني ماڻھن کان مايوس ٿيندو آهيان ۽ جڏهن مون کي سڀئي رشتا ناتا ڪوڙا لڳندا آهن، هن دوکي ۽ دولاب جي دنيا مان ڪَڪ ٿي پوندو آهيان تہ هن وٽ ويندو آهيان. هن جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ٻڌندو آهيان. هن جي وجود جي مڌر خوشبو وجود ۾ اوتيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهن لوڪ لڪاءُ سمھي پوندو آهي تہ مان موٽي ايندو آهيان، جڏهن کان هي پنا لکڻ شروع ڪيا اٿم، تڏهن کان خبر نہ آهي تہ ڪھڙي بدنظر جي نظر لڳي آهي جو اسان کلندي ملندا آهيون ۽ روئيندي موڪلائيندا آهيون.
الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم تہ مان زندگيءَ جو بدنصيب ماڻھو آهيان جيڪو زندگيءَ جي آخري مورچي ۾ پنھنجي شڪست جي اعلان جو انتظار ڪري رهيو آهيان. سچ بہ تہ جڏهن کان جواني ماڻي اٿم تڏهن کان ڏکن ۽ دردن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو آهي. ڏکن جي ان سفر ۾ جتي پراون اهنج ڏنا آهن اتي پنھنجن بہ ڪين گهٽايو آهي، پنھنجا زندگيءَ جي سفر ۾ ڪجهہ وکون گڏ هلي پراوا ٿيندا ويا آهن. ان ۾ ڏوھہ ڪنھن جو آهي؟ انھن جو، منھنجو يا وقت ۽ حالتن جو. ڪالھہ جن سان گڏ ٽھڪ ڏيندا هئاسين، اڄ انھن کي ڏٺي ڪونہ ٿا وڻون پر سچ بہ تہ جڏهن اهي سڀ ياد پوندا آهن تہ مان سوچيندو آهيان تہ هي ڪائنات ڪيڏي وسيع ۽ مان ڪيترو هيڪلو آهيان. حقيقت تہ اها آهي جو هر وقت دوستن جي گهيري ۾ رهندڙ زوار نقوي هينئر اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو سواءِ هن جي جنھن جو وجود منھنجي تنھاين جي رياضت ۽ موجودگي منھنجي موجودگي جي ضمانت آهي.
مان پنھنجي زندگيءَ جا چوويھہ ورهيہ ڪائنات ۽ ان جي حسناڪين کي محبت جي اکين سان ڏسندي گذاريا آهن. منھنجي من ۾ ڪئين خوبصورت گلاب جا گل ٽڙيا آهن ۽ مان انھن ٽڙيل گلن کي پنھنجي من جي شوڪيس ۾ سجائي رکيو ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي ڇڻندا ويا، سواءِ هڪ گل جي، جنھن جي خوشبوءِ اڄ بہ منھنجي وجود کي واسي رهي آهي. ابي امان، سنڌ ۽ سونھن کان سواءِ هن ڪائنات ۾ منھنجو ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي، ابو، جيڪو ايڏي تہ وڏي ڪيليبر جو ماڻھو آهي جو مان جڏهن سندس چھري ۾ ڪراڙائپ جي ڪري پيل گهنج ڏسندو آهيان تہ مونکي انھن گهنجن جي لڪيرن ۾ سنڌ جو نقشو نظر ايندو آهي ۽ دل چوندي آهي تہ هن جا پير ڌوئي پيان. امڙ، جنھن جي هنجهہ ۾ جيون جا ويھہ ورهيہ گذاريم ۽ جڏهن بہ هن ڪوڙن ماڻھن جي نگريءَ ۾ ساھہ ٻوساٽبو هيم تہ امڙ جي هنجهہ ۾ ننڊ کڻي ويندي هيم، ايڏو سڪون مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ماڻيو ۽ هاڻ جڏهن امڙ مون کان، بابا کان ادن ۽ اديءَ کان مٽن ۽ مريدياڻين کان ھميشہ ھميشہ لاءِ موڪلائي وئي آهي تہ ڪڏهن وڏي درگاھہ واري قبرستان وٽان مٽيندي دل چوندي آهي تہ وٽس وڃان، سندس بٺيءَ کي ڀاڪر پائي روئان ۽ دل کولي روئان پر پوءِ اکين جي ڇپرن ۾ اٽڪي پيل لڙڪ اگهي هليو ويندو آهيان، شايد ان ڪري جو امڙ جي قبر تي دل جهلي نہ سگهان ۽ سڏڪي سڏڪي مري وڃان. سنڌ، جند آهي، ڌرتيءَ سان محبت ازلي ۽ الستي آهي. ماترڀومي سان بي انتھا محبت جو رشتو ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو ۽ ڪائنات جو حسناڪيون منھنجي انسپائريشن جو ذريعو آهن. ڪائنات جا مڙئي ماڻھو منھنجي سر جا سائين آهن، سچ تہ اهو آهي تہ مون حسن کي گل بڪاولي جي هنج ۾ سڪون جي ننڊ سمھندي ڏٺو آ ۽ سندس انھن روپن مون کي آدرشي انسان بنايو ۽ انھن حالتن منھنجي دل ۾ جنگين لاءِ نفرت ۽ امن لاءِ بي انتھا محبت پيدا ڪئي، تڏهن تہ اڄ آئون وڏي واڪ چوان ٿو تہ اچو تہ ڪائنات مان نفرتن جي سلن کي ختم ڪري محبتن جا ٻج ڇٽيون ۽ انھن جذبن مون کي لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ اڄ مان دل کولي اهلِ دل انسانن آڏو هنن ڪاغذن تي وکيري ڇڏي آهي ۽ مون کي پڪ آهي تہ مون کي منھنجي فن تي نہ پر منھنجي حسين ۽ خوبصورت احساسن ۽ جذبن جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو، بقول اياز جي تہ “ڏات وڏي شيءِ ناهي، پر سچ وڏي شيءِ آهي.”
(1987ع ۾ شايع ٿيل شعري ڪتاب “پل اَپل” تي لکيل پنھنجي پاران، جھانيان ادبي اڪيڊمي حيدرآباد)