ڪربلا جي تاريخ جو ٻيون ڏينھن
چون ٿا تہ عرب جي ريگستان واري زمين جي هڪ حصي، جنھن کي تاريخ نينوا جي نالي سان ياد ڪري ٿي، ان جي بلڪل ڀرسان هڪ ندي وهندي آهي، جنھن کي علقمہ چيو ويندو آهي، درختن ۽ کوهن کان خالي ان بستيءَ ۾ سيدن جي ڪٽنب کي ٽن ڏينھن جي اڃ ۽ بک تي شھيد ڪيو ويو. چون ٿا تہ سيدن جي ان مھندار لاءِ ڪڏهن جبرئيل امين درزي بڻجي ايندو هو تہ ڪڏهن هن کي ۽ هن جي ڀاءُ کي رحمت العالمين جنت جي جوانن جو سردار ڪوٺيندو هو. هن جي والد خيبر ۽ خندق جا معرڪا فتح ڪيا هئا، هن جي والدہ سڀني عورتن ۾ افضل ۽ حضرت رسولِ خدا صہ جي لختِ جگر هئي ۽ شھيد ٿيندڙ سيدن جي ان ويڙهي جي پاڪ سيدزادين کي بنا ڪجاون وارن اٺن تي سوار ڪري ڪوفي آندو پئي ويو تہ انھن اٺن جي مھار بيمار سيد سجاد عہ جي هٿن ۾ ڏني وئي هئي، تاريخ لکندڙ چون ٿا تہ سيد سجاد جي ڳچيءَ ۾ طوق، پيرن ۾ ٻيڙا ڏنڊيون ۽ هٿن ۾ هٿڪڙيون پيل هيون، سندن هٿڪڙي سان سندن پنجن ورهين جو معصوم پٽ حضرت امام محمد باقر عہ پڻ ٻڌل هئا. ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي اها تاريخ لکندڙ چون ٿا تہ ان حالت ۾ جيڪڏهن سيد سجاد عہ سڌا ٿي هلندا هئا تہ حضرت محمد باقر عہ جا پير پٽ تي نہ لڳندا هئا ۽ جيڪڏهن جهڪي هلندا هئا تہ سندن چيلھہ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. چون ٿا تہ سيد قيد ڪاٽي مديني جي بنو هاشم محلي ۾ پھتو هيو تہ پوءِ جڏهن ڪير ساڻن ڪربلا جي ڳالھہ ڪندو هو تہ سيد جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها تري ايندا هئا. انھيءَ ڪري ئي مان سمجهان ٿو درد جي هن ڪھاڻيءَ جو نالو ڪربلا آهي. جنھن جي وٺڻ سان وجود تي غم جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. ان ڪربلا ۾ اڄ رسول ڪريم صه جن جي ڪٽنب کي آئي ٻيو ڏينھن ٿيو آهي ۽ محرم جي تاريخ لکي ٿي تہ ٻين محرم تي جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام جو اهو ننڍڙو قافلو ڪربلا جي سرزمين تي پھتو هو تہ سندن خاص گهوڙي، (جنھن کي تاريخ ذوالجناح جي نالي سان ياد ڪري ٿي) ان اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تاريخ جا ڪتاب اهو بہ لکن ٿا تہ حضرت حسنعه جي ڀاءُ ڪيترائي گهوڙا بدلايا پر جڏهن هر سواري اڳتي وڌڻ کان نابري واري تہ پاڻ اتان جي رهواسين کي گهرائي، ان زمين جو نالو معلوم ڪيائون، ڪنھن نينوا چيو، ڪنھن غاضريہ، ڪنھن سقيہ تہ ڪنھن ماريہ تہ وري ڪنھن ارض الطف، شط الفرات چيو پر جڏهن ڪنھن ڪربلا جو نالو ورتو تہ پاڻ ڪجهہ دير لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ پوءِ پاڻ چيائون تہ، “خدا جو قسم هيءَ ئي زمين مصيبت جي زمين آهي ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي، جتي اسان جي مردن جو خون وهايو ويندو ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي، جتي اسان جي پرديدار عورتن کي قيد ڪيو ويندو ۽ هيءَ ئي اها زمين آهي جتان قيامت جي ڏينھن اسان کي اٿاريو ويندو ۽ انھن سڀني ڳالھين جي خبر مون کي منھنجي بزرگوار ڏني هئي ۽ اهو چئي پاڻ پنھنجي گهوڙي تان لٿا هئا ۽ فرات نديءَ جي ڪناري تي خيما نصب ڪرڻ جو حڪم ڏنائون. جيڪي بعد ۾ حر جي مزاحمت تي هن صابر سيد اتان کڻائي، ٽن يا پنجن ميلن جي مفاصلي تي نصب ڪرايا ۽ پوءِ ان زمين جي مالڪ کي گهرائي زمين 60 هزار درهمن ۾ خريد ڪيائون ۽ ان ئيءَ ڏينھن هن سيدن جي ننڍڙي ويڙهي جي مدِمقابل ابنِ سعد 22 هزار پيادن ۽ سوارن جو لشڪر وٺي پھچي ويو ۽ هن امام پاڪ سان تبادله خيال ڪرڻ جي خواهش ڪئي تہ هو هن طرف ڇو آيا آهن ۽ سندن ڪھڙو ارادو آهي، ليڪن سندن لشڪر مان ڪير بہ حق جي امامعه وٽ وڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هي اهي ئي شخص هئا، جن کين اچڻ لاءِ خط لکيا هئا، نيٺ قره بن قيس ابنِ سمد جي سوالن جا جواب طلبيا تہ پاڻ فرمايائون تہ مونکي اوهان ئي خط لکي اچڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ هاڻي جڏهن اوهان ڦري ويا آهيو تہ آئون واپس هليو وڃان ٿو، قاصد اهو جواب کڻي اِبنِ سعد وٽ آيو ۽ ابنِ سعد اها ورندي هڪ ايلچيءَ جي هٿان اِبنِ زياد ڏي اماڻي، جنھن چيو تہ امام حسين عہ کي اوهان اهو واضح ڪري ڇڏيو تہ هو پنھنجي عزيزن ۽ قريبن سان يزيد جي بيعت ڪن يا قتل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻاهتر ماڻھن جو هي قافلو شھيد ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سنڌ جي سخن شناس شاعر هِز هائينيس مير حسن علي خان ٽالپر پنھنجي هڪ مرثيي ۾ چيو آهي:
“آفت ۾ پئي آلِ رسول مدني هئي،
هت عزم سواريءَ جو هو، هت سينہ زني هئي،
ذڪر ان جي زبانن تي تہ ٻئي ڪنھن جو نڪو هو،
هو شور فقط هاءِ حسين ابنِ عليءَ جو.”