شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

سيلف انٽرويو-سيد زوار نقوي

مان، درسني آڏو.

منھنجو نانءُ؟
زوار نقوي.

منھنجي جنم ڀومي ؟
وشال شھر حيدرآباد جي الھندي پاسي پيلين پيلين جبلن جي ٽڪرين جي هيٺان، ڪلراٺي ڌرتي، ٽنڊو جھانيان ۾ ڪنھن لھندڙ سج جي پيلن ڪرڻن ۾ اڄ کان اڻويھہ ورهيہ اڳ، ڪنھن دکياري ڏينھن تي.

منھنجون رچنائون؟
منھنجي من پاتال ۾ موجود ڪنھن ڀٽڪندڙ بي نام انسان جون آتم ڪھاڻيون.

منھنجون ڪوتائون؟
۽ ان ئي انسان جي درديلي آواز جي سڏڪن جو پڙاڏو.

منھنجون لکڻيون ڇو؟
پنھنجن دکن کي ٻين آڏو آڻڻ.

منھنجي ڪھاڻين ۾ فرسٽريشن ڇو؟ جڏهن تہ مان ڏاڍو کل مک آهيان؟
اسان ماڻھو اندران کوکلا هوندا آهيون. پنھنجي منھن تي خوشيءَ جا ماسڪ چاڙهي، کن پل لاءِ کل مک بڻجي پوندا آهيون.

ڇا جديد دور جي محبتن ۾ منھنجو ويساھہ آهي؟
ڪڏهن واريءَ جا گهر بہ ٺھي سگهن ٿا!؟

منھنجو تڪيہ ڪلام ؟
اهو پنھنجو.

منھنجي ماضيءَ جو اهو پل جنھن ۾ ڏاڍو عذاب ڀوڳيو هجيم؟
جڏهن هن چيو هيو تہ هاڻ مان توسان نہ ملي سگهندم.

منھنجي ذهن ۾ ڪھاڻين جا پلاٽ ڪيئن سرجندا آهن؟
جنھن ويل هن جي بي رخي ڏسندو آهيان.

سنڌي ادب بابت منھنجي راءِ؟
هرڪو پنھنجا سور پاڻ ٿو سلي ۽ اهڙو اتھاس آهي سنڌي ادب ۾.

منھنجي خوشي؟
....... ۽ جنھن ويل کيس پنھنجي گول گول اکين جي وِنڊ اسڪرين آڏو ڏسندو آهيان........

منھنجو دک؟
آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪنھن ونگ مان تنھا مٽيندي، اکين کي ٻوٽي سندس کي هٿ هٿ ۾ جڪڙي پاڻ سان هئڻ جو سپنو ڏسندو آهيان، ۽ ڇرڪي پوندو آهيان. اکين کولڻ شرط. ۽ ان ويل منھنجي اکين جي ڪارين ماڻڪين جي هيٺان ٻہ ٽي لڙڪ ڦڙا تري ايندا آهن.

منھنجي ضرورت؟
جنھن ساڻ جيون جا هي اڙانگا پيچرا ساڻ هلي سولائيءَ سان ڪاٽي سگهان.

منھنجو دک؟
يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ کان حيدرآباد جي روپ محل ۽ گاڏي کاتي کان وحدت ڪالونيءَ جي هر اها جاءِ من منھنجي کي موهي وجهندي آهي. جتان هر ويل هلندي، هن کي پاڻ سان هئڻ جو ڪجهہ وڌيڪ شدت سان احساس ٿيندو اٿم.

اعتراف؟
مان وڏو ڊپلوميٽ آهيان! سارو ڏينھن ڊپلوميسي ٿو ڪيان! ڪنھن سان بہ سنسيئر نہ آهيان! اهو ڪنھن نہ وڻندڙ شام جو تو مون کان موڪلائيندي چيو هو، ۽ تڏهن تہ مان اهو هينئر اعتراف ڪري رهيو آهيان، اڄ هت، هن ۾، حالانڪہ ايئن ناهي.

منھنجي نفرت؟
هر ان ماڻھوءَ کان جيڪو ڪجهہ بہ نہ هوندي پنھنجو پان کي الائي ڇاڇا محسوس ڪندو آهي.

منھنجي وڻندڙ سٽ؟
“پرچن شال پنھوار، ڍوليا مارو مون سان”
منھنجي پسند جي ڪائي رچنا؟
اها ڪائي بہ، ڪنھن جي بہ رچيل هجي، جنھن جو ٿاٽ مون جھڙن انيڪ سارن دکيارن تي ٻڌل هجي.

وڻندڙ آواز؟
جنھن ۾ نئين جيون گهارڻ جو سڏ هجي.

منھنجي محرومي ؟
هن جو مون کان وڇڙڻ.

مون تي الزام آهي تہ مان هندي لفظ گهڻا ٿو استعمال ڪريان ڇو؟
اهو الزام تہ اڳ ۾ ڪيترن ئي تي لڳي چڪو آهي پر مان انھن لفظن کي کڻي پنھنجو نئون اسٽائيل ٿو ٺاهيان.

منھنجي آخري خواهش؟
ڪاش منھنجي مرڻ بعد منھنجي قبر هن جي گهر آڏو جڙي.
منھنجي پنھنجي ڊائريءَ جي ورقن جي اسڪرين تان منھنجن پنھنجن لاءِ منھنجا پنھنجا رايا:

نثار حسيني:
جنھن ويل آڪاش تي ڀورا ناسي بادل ڀرجي ايندا آهن ۽ وسڻ جا ويس ڪندا آهن ، اهڙي ئي رت جھڙو ڀاسندو آهي مون کي.

عبدالغني درس:
کيس کي ڏسڻ بعد الائي ڇو من ئي من ۾ سندس لاءِ پنھنجائپ جو گهرو سمنڊ ڇوليون هڻندي ڏسندو آهيان.

نصير مرزا:
سندس ئي ڪوتائن ۾ گم سم ڪڏهن ڪڏهن سندس گونجندڙ هلڪڙن ٽھڪڙن ۾ محسوس ڪندو آهيان، ڄڻڪ وڇڙي ويل هجي ڪائي، منھنجي محبوبا.

خدا بخش ابڙو :
هي آهي، منھنجو پنھنجو، هي ئي آهي حريف، منھنجو.

عابد مظھر:
دل چوندي آهي تہ ڏاڍو پيار ڪيانس ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سندس لالي پاپ جھڙن ڳاڙهن ڳلن تي زور زور سان ڌڪ هڻڻ ڪاڻ من چاهيندو آهي. صرف سندس بدلجندڙ موڊن جي ڪري.

الھہ بچايو مرڻاس :
“اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيو ئي اڳڙيون”

شفيع چانڊيو :
اديب گهٽ، وڏيرو وڌيڪ.

ڪرم الاهي چنا:
دوست هوندي بہ الائي ڇو صرف ڪاروباري ايڊيٽر لڳندو آهي.

قاسم حيدر:
“ڊن”! ۽ صرف “ڊن”!! هر ڳالھہ ۾ “ڊن”! ڏاڍو پيارو لڳندو اٿم، جنھن ويل ڏند ڪڍي ”ڊن“ چوندو آهي، هونئن بہ وڻڻ جھڙو مھانڊو آهي.

نور محمد ڀٽو:
“اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ئي ڏورينديون.”

علي نواز ڦل:
الائي ڇو هرون ڀرون بہ نہ وڻندو اٿم.

رياض انور ميمڻ:
“رٺا ئي رهن، هجن شال حياتي.”

مظھر ڪاظمي :
مک تي ھميشہ مرڪ، چريو (مون جيئان).

امان ﷲ زرداري:
الائي ڇو، هرون ڀرون جو بہ وڻندو اٿم.

عبدالخالق سرڪي:
سندس هر وقت صلاحون ٻڌي ٻڌي هاڻ ڪو پرائمري ماستر لڳندو اٿم (حالانڪہ ماستر ڪونھي)

علي بخش مئو:
سواءِ ٻن ٽن ڳالھين جي باقي منھنجي ڊٽو ڪاپي.

پير شھاب :
مون کي صلاحون ڏيندڙ مفيد صلاحون ۽ پياريون پياريون.

علي گوهر شاھہ :
ڄڻڪ ڪوئي سورج مکي.

اسرار شام:
ڏاڍو ٿو کلائي.


(1987ع ۾ سيد زوار نقوي جي شايع ٿيل ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي او زندگي” تان ورتل)