سيد زوار نقوي محفل جو مور-ڪچھري جو ڪوڏيو (خواجہ لياقت علي “پنجتني”)
سندس ڪيترين ئي اخبارن سان پڻ واسطو رهيو آهي، جن ۾ سنڌ ٽائيمس ۾ انچارج ادبي صفحو، خادمِ وطن، آفتاب، مھراڻ، عبرت، عوامي آواز، جاڳو، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت مئگزين ۾ سندس ڪيترا ئي انٽرويو ڇپجي چڪا آهن. انھيءَ کان سواءِ هڪ انٽرويو خادمِ وطن ۾ ادي ارم محبوب جو ورتل جيڪو هڪ انگريزي رسالي مان ترجمو ٿيل هو. انھيءَ کان سواءِ سائين زوار ڪجهہ عرصو نئين زندگي ماهوار رسالي جو پڻ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سائين زوار نقويءَ جو هڪ مشھور ڪالم “ڳالھہ هڪ دور جي” عبرت مئگزين ۾ نظر مان گذرندو رهيو، جنھن جو مجموعو تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي. تنھن کان سواءِ سائين زوار نقويءَ جي مان ۾ ڪيترائي آجياڻا ڏنا ويا.
سنڌي ادبي سنگت پاران ٽنڊو محمد خان ۽ ڪوٽريءَ ۾ تازو سنڌ سڀيتا سنگت پاران آجياڻو ڏنو ويو. هن تقريبن ۾ وڏن وڏن اديبن، دانشورن، شاعرن شرڪت ڪئي ۽ سندس فن ۽ شخصيت تي مقالا ۽ شعر پڙهيا، نيشنل سينٽر حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي تقريبن جا پاڻ صدر، مھمان خاص ۽ اعزازي مھمان جا اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. سائين زوار نقويءَ ۾ مون کي جيڪا خاص خوبي نظر آئي اها هيءَ هئي تہ سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع آهي. پاڻ هڪ کل مک طبيعت جا، محفل جا مور، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو آهي، سندس يارن دوستن جو تعداد نھايت وڏو آهي، سندس رهائش گاھہ واقع جھانيان هائوس ٽنڊو جھانيان (حيدرآباد) ۾ آهي، اتي هروقت علم وادب سان چاھہ رکندڙ شاعر حضرات رات جو دير تائين ساڻس ڪچھريون ڪندي نظر ايندا آهن، جن ۾ خاص سندس دوستن يارن جا نالا قابلِ ذڪر آهن، تاج جويو، انعام شيخ، جمن سوهو، احمد سولنگي، غلام حسين رنگريز، سارنگ شاھہ، مقبول حسين ميمڻ، اختر رند، دلدار جانوري، نصير مرزا ۽ ذاڪر کٽي. اهي سڀ انھيءَ ڪري جو سائين زوار جي ڪچھريءَ ۾ بوريت محسوس نہ ٿيندي آهي انھن سڀني مذڪوره اديبن شاعرن ۾ سيد زوار نقوي هڪ صرف نہ هجي تہ هي سڀ ڇِڙ وِڇڙ ٿي وڃن، ڪچھريون قائم نٿيون رهن، مون کي پاڻ ان تقريب ۾ مزو ئي نہ ايندو آهي، جنھن ۾ زوار نقوي نہ هجي. پاڻ محب اهل بيت حضرت علي عليہ السلام جو عاشق آهي، جڏهن ڪنھن مؤمن ڀاءُ ڏي خط لکندو آهي تہ آخر ۾ لکندو آهي (خاڪ پا آل عبا) زوار نقوي ٽنڊو جھانيان. پاڻ ھميشہ اهل بيت (آلِ محمد صہ) جي پيرن جي خاڪ سڏائڻ ۾ فخر سمجهندو آهي. رستي پنڌ هلندي يا ڪنھن تقريب ۾ سائينءَ جي نظر جيڪڏهن ڪنھن علمي ادبي دوست تي پوندي آهي تہ پري کان وڏي آواز سان نالو کڻي بمع تخلص جي چوندو آهي تہ ڀلي ڪري آيا، وڏي پيار سان آڌر ڀاءُ ڪندو آهي، ڪھڙا حال اٿَوَ، ڏاڍي پيار، قرب مان پاڻ نھايت سنجيدہ طبيعت ۽ سادگي پسند، نہ هٺ، نہ وڏائي فخر بلڪل نه. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ ڪيترا ڀيرا پروگرام ڪري چڪو آهي ۽ ريڊيو تي مشاعرن ۾ پڻ حصو وٺندو رهندو آهي.
آئون هڪ ڀيرو وٽس رهائش گاھہ تي هلي ويس، مون چيو سائين اسان جي ماسي خاتون شاعرہ آهي، سندس ڪتاب ڇپرائي رهيا آهيون، جنھن جو نالو “گلزارِ ڪربلا” آهي، انھيءَ جو ديباچو توهان کان لکرائڻ چاهيون ٿا، تمام گهڻيون مصروفيات هئڻ جي باوجود سائين مون کي چيو، “حاضر، پنجتني، حاضر، ٻيو حڪم” مون چيو “ٻيو حڪم نہ پر عرض آهي تہ هينئر لکي ڏيو ديباچو” مون کي چيائين، “ويھہ منھنجي گاڏيءَ ۾ هلئون ٿا گلستانِ سجاد، سنڌو آفيس ۾ اتي هلي ٿا لکون” آءٌ سائين سان گڏ گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي سنڌو آفيس وٽ لٿاسين، گاڏي سائين ٻاهر بيھاري ۽ لاڪ پڻ ڪئي، اسين اندر آفيس وياسين، اتي ويھي سائينءَ ڪتاب “گلزارِ ڪربلا” جو ديباچو لکي مون کي ڏنو، آئون ديباچو کڻي ڳوٺ پھتس، شام واري اخبار ۾ پڙهيو تہ زوار نقويءَ جي ڪار سنڌو آفيس وٽان چوري ٿي وئي، خبر پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو، وري جڏهن سائينءَ سان ملاقات ٿي تہ سائين زوار چيو تہ “پنجتني” خبر اَٿَو تہ ان ڏينھن پاڻ جيڪو ديباچو ويھي لکيو هو، سنڌو جي آفيس ۾ تہ ٻاهران منھنجي ڪار ڪير چوري ڪري ويو، مون چيو ها سائين مون ڳوٺ وڃي اخبار ۾ پڙهيو. آءُ حيران ٿي ويس توهان جي ڪار ۾ آئون آخري سوار ئي هئس.
(29 مئي 1992ع روزاني سنڌو حيدرآباد)