ڳالھيون هر دؤر جون (پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر )
سنڌ جي يگاني ليکڪ زوار نقويءَ جو هي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” ڪالمن جو مجموعو آهي. جيڪي هن 1998ع يا ان کان پوءِ روزاني ڪاوش ۾ لکيا هئا، جيڪي هاڻي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا ويا آهن. ياد رهي تہ هن ڪتاب ۾ 60 ڪالم آهن ۽ گهڻو ڪري هي ڪالم/ڪھاڻيون اڄ کان 22، 23 سال اڳ جون آهن، جيڪي اسان پڙهي رهيا آهيون ۽ پوئتي ڏسي تصور ڪريون ٿا تہ حيدرآباد جو اهو زمانو موسم، ماحول، هوائون ۽ پاڻي ڪيئن هئا. هن ڪتاب جي ٽائٽل مضمون “ڳالھہ هڪ دور جي” ۾ ليکڪ حيدرآباد شھر کي هن طرح ياد ڪري ٿو، “برسات جي موسم آهي، جهڙ چڙهي آيو آهي، شديد گهٽ ۽ ٻوسٽ کان پوءِ برسات پئي آهي،” هي ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جي لاڏاڻي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو کيس ڏکارو ڪري وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ٻوهئي صاحب سان هن جي دوستي يا سکڻ واري واٽ هئي، هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي ڇپجڻ واري عرصي ۾ بہ گهڻي وٿي آهي. هڪ ڪالم 1994ع ۾ شايع ٿيو تہ ٻيو 1995ع ۾ ڇپيو پر ليکڪ پنھنجي ڊائريءَ کي سنڀاليو آهي ۽ تاريخون ۽ مھينا ڏئي انھن جو دور ٻڌايو آهي.
هڪ ڪالم “اکين جون سرحدون اورانگهي ايندڙ لڙڪ” ڏاڍو خوبصورت آهي، جنھن جي شروعات ۾ ليکڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو تہ “ماڻھن کي نفرتون ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿو وقت ملي، ڇاڪاڻ تہ هيءَ زندگي تہ پيار ڪرڻ لاءِ بہ مختصر آهي،” ان خيال کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هي ڀٽائيءَ جي هن بيت جو سھارو وٺي ٿو، “هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنھين نينھن، ڳنڍين سارو ڏينھن، ڇنڻ مور نہ سکيا” ليکڪ جو خيال آهي تہ محبت ئي هڪڙو اهڙو احساس آهي، جنھن ذريعي نفرتن ۽ ڪدورتن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، هن جي ڪالمن ۾ محبت جو درس نمايان آهي. جيڪو کيس وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي تہ ڪنھن جي ڳالھہ کي ننڍو نہ سمجهڻ گهرجي ۽ هرماڻھوءَ سان پيار ۽ شفقت سان پيش اچجي ۽ انھن کي مان ڏجي تہ جيئن انھن جي دلين ۾ پاڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪجي.
هنن ڪالمن ۾ گهڻو ڪري شروعات ڪالمن لکڻ سان ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ان ۾ ليکڪ پنھنجون ڳالھيون شامل ڪري ٿو. جنھن سان ڪھاڻي جو رڌم مختلف ٿي وڃي ٿو، حيدرآباد شھر، ان جون گهٽيون، اتي رهندڙ دوست، اديب ۽ شاعر، فنون، فلم انڊسٽري ۽ موسيقيءِ کي هو پنھنجن ڪالمن ۾ ياد ڪري ٿو، ان کان پوءِ هو سنڌ جي شھرن، هتان جي ماڻھن، اديبن، شاعرن ۽ مختلف ملڪن جا حوالا ڏئي، پنھنجي دوستن سان هم ڪلام ٿئي ٿو، گڏوگڏ هي انھن ۾ شبلي، غالب، مئي خانن، ۽ خوشين جا رنگ ڀريندو، اڳتي وڌندو هلي ٿو، پڙهندڙ بہ ساڻس گڏ هلن ٿا ڇاڪاڻ جو هن جي لکڻين جو ذائقو پڙهندڙن کي سٺو لڳي ٿو.
شعر هئڻ سبب سندس لکڻين ۾ تشبيھون بہ ڪمال جون آهن، “ڪينجهر تنھنجي ڪنڌيءَ تي” جي عنوان واري مضمون ۾ اونھاري ۾ شديد گرميءَ کان پوءِ برسات جي رونق جو ذڪر ڪندي پڙهندڙن کي بہ ان مينھن جون رنگينيون ڏيکاري ٿو. گرميءَ جي شدت ۾ جڏهن ماڻھو مرڻ لڳندا آهن تہ آسمان ڪڪرن سان يتيم ٻارن جي مٿان شفقت جي هٿ وانگر بڻجي ايندو آهي، ٺيڪ ائين اتر جون هوائون وڇڙي ويل محبوبا جون سرٻاٽن ۾ ڪيل ڳالھيون محسوس ٿينديون آهن.
زوار نقوي درگاھہ جھانيان جو گادي نشين پڻ آهي پر هن جي طبيعت ۽ روين ۾ اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ آهي، جيڪا کيس مرشد وانگر ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري، هي هڪڙو ملنسار شخص آهي، جيڪو بہ ساڻس ملڻ ايندو آهي، اهو سندس مھمان نوازيءَ کان متاثر ٿيندو آهي. هن پنھنجي ملازمت استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پوءِ ڪاليج جي استاد ۽ ڪاليج جي ڊائريڪٽوريٽ تائين بہ پھتو.
آءٌ سمجهان ٿو تہ هي ڪتاب “ڳالھہ هڪ دور جي” ان دور جي تاريخ آهي، جيڪا هن ليکڪ سھيڙي آهي ۽ جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن قلمڪارن نورالھديٰ شاھہ، تاجل بيوس، تاج جويو، مدد علي سنڌي، اياز لطيف پليجو، نصير ميمڻ، منظور سولنگي ۽ جاويد سوز جا تبصرا پڻ ڏنل آهن، جيڪي بہ ساراھہ جوڳا آهن.
(8 جون 2021ع روزاني ڪاوش مئگزين حيدرآباد)