سنجيدہ ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو (حسن مجتبيٰ)
اهي جيڪي ٽي ڳالھيون زوار نقوي جي ياد هزارين ميل ڏکڻ جي ٿڌڙين هوائن ۾ ويڙهي کڻي آيون سي هيون نيويارڪ جي ٽرين سيون (جنھن کي مان نيويارڪ جي اورئينٽ ايڪسپريس سڏيندو آهيان جو هن ٽرين تي وڻ وڻ جي ڪاٺي چڙهندا آهن.) ۽ واٽ تي ٻہ جيڪي ٻيون ڳالھيون مون سوچيون سي هيون منھنجو مون کان ئي پڇيل سوال، زوار نقوي ڇا آهي؟ زوار نقوي مون لاءِ نيويارڪ ۾ اڄوڪن ڏينھن اسٽار بڪس ڪافي گهر ۾ ڪافي ۽ پراڻن انگريزي ڪتابن جي خوشبوءِ آهي.
پر سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ هو الائجي ڇا ڇا آهي، هو سنڌ جون اهي چار ئي موسمون بہ آهي جيڪي مون هتي گذاريون هيون، ڪئين راتيون ۽ ڏينھن اڻ ڳڻيا انھي ٽنڊي جھانيان جي زوار چواڻي وشال ۾، جتي سائين سيد ويڌل شاھہ جھڙو ٻاجهارو ۽ درويش صفت مرشد پنھنجي تمر فقير جھڙي مريد فقير حيدر بخش سان پسار ڪندو رهندو هو، مون سان ڪچھريون بہ ڪندو هو، سائين سيد ويڌل شاھہ قبلا ۽ سندس مريد فقير حيدر بخش نہ ڄاڻ ڪھڙي اڄاتي ديس ويا پر مون کي يقين آهي تہ ٽنڊي جھانيان جي هوائن ۾ اڄ بہ هنن کي ياد ڪري اهي ورلاپ ايندا هوندا، “آيا ڪين مارو... الائي ڇو اباڻن وساريو وطن کي.” چاپئين ڏاڙهي، گهرين ڪارين اکين ۽ سھڻي پيشاني ۽ مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي وارو سائين سيد ويڌل شاھہ، دادن شاھہ سرڪار جو فرزند ۽ سنڌ جي جھانيان جو سجادہ نشين، زوار نقوي سان ئي حيدرآباد ۾ منھنجي پڪي پھرين دوستي ٿي، هو منھنجو ٽين ايج لاڪون جو دوست آهي. حسن درس چواڻي جڏهن جهمپير ۾ جواني موٽ کائيندي هوندي تہ تڏهن بہ اڄ هن سان اهي ئي دليون آهن، اهڙي دوستي آهي جو ملون نہ ملون قائم دائم آهي، سنڌو درياھہ بادشاھہ وانگر، اهو زوار ئي هو جنھن مون کي حيدرآباد سنڌ جي ادبي هاليووڊ جي دنيا انھي جي سمورين شخصيتن ۽ سنڌ جي عرفان مھدي جھڙن سان سڃاڻپ ڪرائي.
سو زوار سان سنگت پھريون ڀيرو سچل ڪاليج ۾ ٿي جتي مون ڊبيٽ ۾ پھريون انعام خدا بخش ابڙي جي سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار واري خطاطي وارو فريم انعام ۾ کٽيو هو، زوار سان ڏيٺ ويٺ هن جي ئي مائٽي ۾ سوٽ معرفت ٿي هئي، جڏهن سندس سوٽ ۽ مان رسيس ۾ تلڪ چاڙهي تي شامن جو بيھي ديدار بازي ڪندا ۽ سگريٽ پيئندا هئاسين، اتي هڪ سدائين، لک مک، سانورو، ڊگهو، سنھڙو ڇوڪرو جينز جي جيڪٽ ۽ پينٽ ۾ بلڪل ماڊرن ڪڏهن ڪڏهن اچي سگريٽ ڇڪڻ جي ڪمپني ڪندو هو ۽ اهو سيد زوار نقوي، جنھن لاءِ هن ٻڌايو هو تہ هو سندس رشتي ۾ سوٽ ٿئي، هو سنجيدہ ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو پيراڻو ٻار هو پر شانائتو شخص، جڏهن تہ اسان ٻيئي، فقير طبع، زوار ۽ منھنجي جلد ئي لڳي ويئي، زوار سان گھرائپ تڏهن ٿي جڏهن اسان جي ڊبيٽينگ ۽ ڪاليج جي ادبي سنگت واري استاد ۽ شاعر سائين فيروز الدين احساس هڪڙي محرم واري ڏينھن چيو تہ مان ۽ زوار ريڊيو پاڪستان وڃي “محفل مسالمہ” ۾ منقبتون لکي وڃي پيش ڪيون، تڏهن اهو “مسالمہ” لفظ عجيب لڳو هوم! انھن ڏينھن ۾ مون جھڙي ننڍي شھر مان آيل ماڻھو لاءِ ريڊيو پاڪستان وڃڻ، گهمڻ هڪڙي رومانس کان گهٽ ڪو نہ هو، وري سوني تي سھاڳو اهو تہ ريڊيو تان سندءِ آواز نشر ٿيڻ! زوار منھنجي گهر مون کي ريڊيو تي هلڻ لاءِ وٺڻ آيو ۽ هو ڪاري لباس ۾ هو پر ڏاڍو مھڪندڙ ۽ چھڪندڙ، ريڊيو ۽ اخباري دنيا زوار لاءِ ان مھل بہ ڪا اوپري دنيا نہ هئي، هو انھن ڏينھن ۾ بہ حيدرآباد جي اسٽيج تي ڪم ڪندڙ ايڪٽر هو، ٻارن جي تنظيم، “ٻارن جي محفل” جو مرڪزي صدر هو ۽ شيخ علي محمد جي اخبار روزاني “آفتاب” ۾ ٻارن جي دنيا نالي صفحي جو ايڊيٽر هو وغيرہ وغيرہ، هن سان دوستي ڪنھن اسٽار سان دوستي کان گهٽ نہ هئي، ها، سچي، هو اڳ ۾ ئي ريڊيو تان ڊراما بہ ڪري چڪو هو.
سو اسان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڦاٽڪ پاس ڏيکاري پار ڪري عمارت ۾ داخل ٿياسين، ساري لئہ فقيرن جي هئي، هڪ ديدار اهو ٿيو جو سنڌ جو مھا ڪوي شِخ اياز جيڪو انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو سو ريڊيو جي ڏاڪڻين تان هڪ وڏي وقار سان لھي رهيو هو ۽ ريڊيو جي ڏاڪڻين تان هن جي ئي امر وائي “سنڌڙي تي سِر ڪير نہ ڏيندو” ڳائيندڙ امر فنڪار فقير عبدالغفور انھن ڏاڪن تي وائي جي خالق کي پيرين پئي ملي رهيو هو، پوءِ پاٻوھہ مان نوڙي فقير عبدالغفور زوار سان بہ اتي مليو هو، پوءِ زوار مون کي ٻڌايو هو فقير عبدالغفور بہ سندن عقيدتمند آهي.
انھن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر سنڌي ادب ۽ فنڪارن جو خدمتگذار، شيخ اياز جو ويجهو دوست، ڀٽائي جي شاعري ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن ئي شاهڪار لکڻين کي اردو ويس ڍڪائيندڙ، محب سنڌ الياس عشقي هو، (اڳتي هلي جوڌن اهڙي سنڌ جي سڄڻ سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو اهو جو هن کي نوي واري ڏهاڪي وارن سالن ۾ سندس قاسم آباد وارو گهر ڇڏي لڏڻو پيو، انھن جي ڏاڍ مڙسي واري جوڌائپ جا ٻيا نشان ڊاڪٽر حسن منظر، ڊاڪٽر مبارڪ علي بہ بڻيا، جھڙي ريت لساني بندوقبازن جي دهشتگردي سبب نور الھديٰ شاھہ، ڊاڪٽر ﷲ داد ٻوهيو، ارم نما کان ماهتاب محبوب جن کي لطيف آباد ڇڏي اچڻو پيو.)
تہ مون ڳالھہ پئي ڪئي اسان جي (منھنجي پھريون ڀيرو) زوار سان ريڊيو تي وڃڻ جي. انھي پروگرام جو انائونسر گل حسن قريشي ۽ پروڊيوسر سليم قريشي هو، ڇا تہ ماڻھو هئا، زوار اتي مون کي هڪ ٻئي ماڻھو سان بہ ملرايو هو، جيڪو سندس مائٽاڻو بزرگ هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٻڌندڙن جي دنيا جو مستقل نان هو جيئن فتح خان جي ڪچھري، جيئن اسان جو اڄوڪو يار بخشڻ مھراڻوي (جنھن سان بہ پھريون ڀيرو زوار ئي ملرايو هو، هڪڙي پوھہ ڦوھہ سياري واري رات ڳوٺ موري منگر ڏي موٽرسائيڪل جو سفر ۽ مچ تي بخشڻ جو تڏهن بہ سندس گيت جو ٻرندڙ آواز “ٿي جند جلي“) پر اصل اتساھہ تہ زوار ۽ اسان لاءِ انھي ريڊيو واري پروگرام ۾ منقبتون پڙهڻ کانپوءِ وارو هو، جڏهن ڄڻ ڪنھن ڪاڄ لاءِ سڏ ڏيڻ وانگر زوار کي شھر حيدرآباد ۾ سڀني سندس دوستن (منھنجو تہ هو ئي تڏهن هڪڙو ئي دوست زوار)، مريدن، تان جو واقفڪارن کي ڄاڻ ڪرڻ لاءِ سائيڪل ڪرايي تي کڻڻي هئي تہ اڄ رات اٺين وڳي کانپوءِ اهو پروگرام ٻڌڻ نہ وساريندا، انھي ڄاڻ يا پڙهي وارو سفر ڏاڍو مزيدار ۽ يادگار هو، زوار گهر گهر پاڙي پاڙي ويو هو جتي بہ سندا يار، دوست، مريد يا واقفڪار هئا، پوءِ اهو عبرت اخبار ۾ پروانو ڀٽي صاحب يا غني درس هئا. سنڌ نيوز ۾ اسرار شام هو، گاڏي کاتي ۾ سندس دوست هئا سندس يار غار ۽ ڪامريڊ نور محمد ڀٽو، يا سري گهاٽ ۾ هڪ درزڪي دڪاندار جي ڪاريگر ڀائر جيڪي زوار سان گڏ حيدرآباد جي اسٽيج جا زبردست ايڪٽر هيا، پوءِ ٽنڊي ولي محمد ۾ اشرف بلوچ هو يا گاڏي کاتي ۾ رشيد بلوچ يا ابو بلال، يا هير آباد ۾ سليم سومرو ۽ نند ڪمار همايون، يا اسانجا سچل ڪاليج وارا دوست استاد بلاول پرديسي صاحب جھڙا يا پيارو شمس ميمڻ جنھن جا گاڏي کاتي ۾ ٻرندڙ ٽھڪ ۽ چرچا اڄ بہ منھنجي ڪنن ۾ ٻرن ٿا، يا پوءِ “آفتاب” اخبار ۾ سائين لائق ٿيٻو هو يا امتياز اوستو، يا زاهد سمون، زوار سندس ريڊيو تان منقبت ٻڌڻ جو سڏ ڏيڻ ائين نڪتو هو ڄڻ اليڪشن ۾ بيٺل هجي، اها هئي پياري زوار جي نيٽ ورڪنگ، زوار جي نيٽ ورڪنگ جو مزو اهو هو جو انھن سمورن مٿي ذڪر ڪيل ماڻھن ۽ سندن ماڳن مڪانن تي انھن مان گهڻن ئي اسان کي چانھن، ٻيڙي تانجو ماني يا ريفريشمينٽ کانسواءِ ڇڏيو نہ ٿي.
ڪٿي ڪٿي تہ انھن مان پنھنجي اسٽيج فنڪارن سان ننڍڙي ريھرسل بہ ٿي ڪيائين، پوءِ اهي اي آر بلوچ جھڙا فنڪار هيا يا نادر بلوچ جهڙا.
پر زوار پنھنجي انھي نيٽ ورڪ سان ملڻ کان اڳ هڪ ٻاجهاري شخصيت کان دعا وٺڻ ڪاڻ ضرور هليو هو، لجپت روڊ تي مرغي مارڪيٽ واري گهٽي جي هڪڙي هوٽل تي پنھنجي پنجڪڙي سان ويٺل اها شخصيت سندس والد سائين سيد ويڌل شاھہ هئا، ڪاري ويس ۽ چاپئين ڪاري ڏاڙهي سان، هڪڙو نھايت ئي ٻاجهارو ماڻھو جيڪو مون سان ڏاڍي پيار سان مليو هو پوءِ اهو پيار سندس آخري ڏينھن منھنجن ايندڙ ويھن سالن تائين برقرار رهيو، بلڪہ ويران وڌ ئي رهيو، سُٺن توڙي خراب ڏينھن ۾ زوار نقوي جو پڌر ۽ هن جي اوطاق منھنجو ٻيو گهر رهيو، هنن جا در دل جي تاڪين وانگر کليل رهيا هئا، درويشي جا سبق مون کي هنن وٽان ۽ انھي در تان مليا، جو مون جھڙي بي يقين شخص ۾ جيڪو صوفي ويٺل آهي، ان ۾ وڏي وٿ سائين ويڌل شاھہ ئي آهي، هو ڪنھن زماني ۾ الاهي فيشن ايبل شخص هو، سياست سان بہ دلچسپي هئين، پر درويشي ۽ مخدومي، شاعري سان لڳا ۽ جيڪو هنن کي پنھنجي والد سرڪار دادن شاھہ کان مليو هو، مون هنن کان ئي جھان گردي بہ پرائي جيڪا ئي هن جھان گرد جھانيان زادي جو ورثو هو، هتي ئي هن ئي پڙ ۽ نمن واري پڌر ۽ هنن جي ڇپر ڇان ۾ منھنجي ملاقات پياري اوشو جي روح جھڙي ارشاد لغاري سان ٿي، هن ئي پڌر تي سيف ٻنوي ۽ محمد حنيف جھڙا منھنجا پيارا پيارا دوست ڪئين ڀيرا ڀڃي چڪا آهن، زوار جا ڀائر پيارا سجاد شاھہ ۽ آفتاب شاھہ سڀ مون کي پنھنجو ڀاءُ سمجهندا هئا.
تڏهن بہ آئون هتي ئي هوس جڏهن شھر حيدرآباد مٿان گوليون ٿي وٺيون ۽ مون اخبار خادم وطن ۽ فرنٽير پوسٽ ۾ ڪم ٿي ڪيو، جڏهن پڪي قلعي وارو خوفناڪ واقعو ٿيو هو ۽ اهو ئي زوار هو جيڪو مون کي ۽ منھنجي تڏهن فرنٽيئر پوسٽ جي ميگزين جي ساٿي لياقت عديل کي ڪرفيو ۾ متاثر علائقن جي رپورٽنگ لاءِ سندس ئي سوزوڪي ڪار ۾ کڻي ويو هو، زوار فرنٽيئر ڪانسٽيبلري واري چوڪي تان فرنٽيئر پوسٽ ائين چئي مٽي ويندو هو، زوار! توکي شايد ڄاڻ نہ هجي پاڻ وارو يار لياقت عديل تازو گذاري ويو، هو آسٽريليا جي ميلبورن يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو رهيو هو، جتان هن سنڌي قومپرست تحريڪ تي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.
زوار انھي ڏينھن بہ مون سان گڏ هو، جڏهن صبح جو اٿڻ تي چانھہ پي منھن تي گلاس پاڻي جو هڻي تڏهوڪي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي پڪي قلعي تي پريس ڪانفرنس ڪور ڪرڻ ويو هئس، جڏهن هن کان پڪي قلعي تي حيدرآباد جي اردو ڳالھائيندڙ صحافين سخت سوال ڪيا هئا ۽ مون کان يارن پڇاڻو ڪيو هو تہ تون وزير اعظم کان سنڌين جي حق ۾ سوال ڇو نہ ڪيو؟ ڄڻ ڪڪڙن جو ڪو ميل هو جنھن ۾ مون جھڙي ڪڪڙ ڪو جوهر ڪو نہ ڏيکاريا. وري هڪ وقت اهڙو بہ آيو جڏهن حيدرآباد جي پيارن سنڌي صحافين منھنجو سوشل بائيڪاٽ يا هٿ بند اڍائي مھينن تائين ڪيو جو مون هڪ صحافي جي حيثيت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي هئي، جنھن جو هنن بائڪاٽ ڪيو هو، زوار منھنجي جان جوکن واري صحافت ۾ بہ منھنجو ڀرجهلو يار هو هن جو پڌر آخري ٺڪاڻو هو هن کي پپو شاھہ وانگر يار جي ياري سان ڪم هو، هن جي ڪمن سان ڪانہ هو، اهو سڀ ڪجهہ هن پنھنجي والد سائين ويڌل شاھہ کان سکيو هو، جيڪو فقيري ۾ اميري ۽ اميري ۾ فقيري رکندڙ هو، سائين ويڌل شاھہ شايد انھن درويشن جھڙو هو جيڪو ڪنھن بہ حاڪم جي حڪم تي انھن وٽ ملڻ لاءِ نہ پر پنھنجي جتي ۾ شعر وجهي موڪليندا آهن، ڇو جو بقول نظام الدين اوليا جي هن پنھنجن پيرن کي توڪل جي ميندي لڳائي ڇڏي هوندي آهي، ڇو جو اصل حڪمراني تہ انھن پڙن ۽ پٽن جي آهي جتي اهي دونھين دکايل ويٺل هوندا آهن، سائين ويڌل شاھہ جھڙو توڪلي درويش مون ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو، زوار کي اهو سڀ ڪجهہ ورثي ۾ مليو آهي، انھي ڪري تہ هو انھي ڌر کان ٿورڙو پرتي هڪڙو مئخانو اڏي ويٺل دادو جي پير مجيب جو بہ دوست هو، جيڪو صوفي شاعر شرف علي جو هڪ عجيب روح کي رنگ ۽ اکين تي لالي چاڙهيندڙ ڪلام ڳائيندو هو، جڪيو اڄ بہ ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ اچي منھنجو سھڻو دوست زاهد مخدوم ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ ڳائيندو آهي.
زوار اين جي اوز واري جھان کان اڳ واري دنيا جو ماڻھو آ جڏهن اڃان پيار پروجيڪٽ نہ ٿيو هو، اهو پيار جيڪو چوٽان چوٽ هنن وٽ عشق وانگر پيڙهين کان هلندو اچي.
بلڪل اهو جيڪو ڏهين محرم واري ڏيھاڙي قدم گاھہ موليٰ علي عہ کان انجمن حيدري واري ڪربلا دادن شاھہ تي نھر ٿيندڙ مرڪزي جلوس ۾ انجمن حيدري جي ماتمي دستي وارا پڙهندا ايندا آهن.
“دو عالم مين اسي ڪا تذڪره هي،
دو عالم مين اسي ڪا تذڪره هي.”