شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

قاضي محمد اڪبر هڪ پارليامينٽرين

حيدرآباد جو لجپت روڊ جنھن کي اڄ بہ دوآٻو (جيڪو قاسم آباد ٺھڻ کان پوءِ ائين وسرندو ويو جيئن سنڌ کان مسڪين جھان خان کوسو) جا ماڻھو صدر چوندا آهن، تنھن جي ساڄي پاسي واري گهٽي جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن اندر اڪثر محلن جيان صفائي کان محروم نظر ايندي آهي، ان جي هڪ ڪنڊ تي هڪڙي ٻاڪڙا هوٽل آهي، جنھن تي اڄ بہ اڪثر ڪري دوآٻي جا ماڻھو ويٺل نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو شھر جي ان گنجان آباد واري علائقي کي ئي “شھر” چوندا آهن توڻي جو هاڻي هنن جا پنھنجا علائقا بہ شھر ۾ آهن. اڪثر ڪري ان هوٽل تي اکين تي نظر جو چشمو پاتل وڏن پر خوبصورت شھپرن وارو هڪ شخص ڪيڏي مھل پنھنجي خيالن ۾ گم تہ ڪيڏي مھل هوٽل تي ايندڙ اخبار ۾ ڇپجندڙ خبرن تي بحث ڪندي نظر ايندو آهي. ماڻھو ان پرئي مڙس کي سومر فقير سولنگي چوندا آهن. هوٽل تي ويھندڙ گراهڪ جيڪي گراهڪ گهٽ پر اوطاقي ڪچھري ڪندڙ وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن، اهي اڄ بہ ان هڪ هٿ کان محروم ڪراڙي همراھہ کي “قاضين جو ماڻھو” سمجهندا آهن. لڳ ڀڳ اڌ صدي کان بہ وڌيڪ وقت جو اهو اکين ڏٺو شاهد اڄ بہ حيدرآباد جي قاضي صاحبان جو ذڪر ڪندي نہ ڄاڻ ڪھڙن خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ڄڻ هو ماضي جي تاريخ مان ڪي ساروڻيون ياد ڪندو هجي. پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا گهنج کڻي جيئندڙ ان شخص پنھنجي زندگي جو ڳچ عرصو قاضي صاحبان مان “وڏي صاحب” يعني، مرحوم قاضي محمد اڪبر جي خدمت ۾ گذاريو ۽ اڄ بہ جڏهن وڏي صاحب جي ڳالھہ ٿيندي آهي تہ هن جي هيانءُ مان هڪ درد ڀريو ساھہ نڪرندو آهي. جنھن ۾ هن جي وڏي صاحب لاءِ ڪڏهن بہ نہ کٽندڙ محبت سمايل هوندي آهي ۽ ها! هو محبت ڇو نہ ڪري! ان محبت جو گل هن جي من ۾ هن جي وڏي صاحب ئي تہ پوکيو هو. هو جنھن جي محبت ۾ هالن واري مخدومن جي مريد ۽ دوآٻي ۾ اثر رسوخ رکندڙ مرحوم رئيس ڪرن خان شوري کان وٺي ڪيترائي ماڻھو شامل هُئا. جيڪي هن جا سياسي پوئلڳ ۽ ساٿي هُئا، نہ تہ اهو ڪٿي ممڪن آهي جو سيوهڻ جي شھر سان واسطو رکندڙ قاضي خاندان جي هڪ بزرگ حڪيم عبدالقيوم (جنھن جي نالي سان اڄ بہ حيدرآباد جي حيدر چوڪ کان نئين پل ڏي ويندڙ رستو منصوب آهي) جو وڏو پٽ حيدرآباد ۾ حلقه انتخاب ٺاهي وٺي پر اها هن جي محبت جي موٽ هُئي. چون ٿا تہ جڏهن گهڻي ڀاڱي سياستدانن ۾ پنھنجي در تي ڪمن ڪارين سان ايندڙن کي چانھن جي ڪوپ سان خاطري بعد وري ٻيھر اچڻ جي شنوائي ڏيڻ جي عادت هوندي هُئي تڏهن هو ان کي عيب سمجهندو هو ۽ اهڙي عمل تي پنھنجي غم ۽ غصي جو اظھار ڪندو هو. اڄ بہ حيدرآباد جي قديم وسندين سان تعلق رکندڙ ڪراڙا هن کي ياد ڪندي چوندا آهن تہ، “هن ۾ اها وڏي خصوصيت هوندي هُئي تہ جنھن جو ڪم جائز ۽ ٿيڻ جوڳو هوندو هو تہ ان کي هو پنھنجي گاڏي ۾ کڻي وڃي ڪم ڪرائيندو هو ۽ جنھن جو ڪم نہ ٿيڻ جوڳو هوندو هو تہ ان کي فورن جواب ڏئي ڇڏيندو هو.” هڪ همراھہ تہ اهو بہ چئي ڏنو، “سائين! جيڪي وڏا ماڻھو، ڪمن لاءِ ايندڙ ويچارڙن غريب ۽ اٻوجهہ ماڻھن کي رڳو پيا تاريخون ڏيندا هُئا. انھن تي هو نہ صرف ڪاوڙبو هو پر ڪڏهن ڪڏهن تہ انھن کي منھن تي بہ ائين نہ ڪرڻ لاءِ چئي وجهندو هو.” ان جملي سان گڏ هنن جي اکين جا تنرا ڀرجي اچن ٿا، جن ۾ محبتن جا موتي نظر اچن ٿا. اڄ بہ وڏي صاحب جو اخبار ۾ فوٽو ڏسي اسان سنڌ جي جھانيان ساداتن جي پڳدار سائين ويڌل شاھہ قبلہ جون اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن حقيقت تہ اها آهي تہ هو نہ صرف پنھنجي حلقه احباب لاءِ وڏو ڏڍ هو پر هر ان تعلق واري شخص لاءِ آٿت ۽ آسرو هو جيڪو فقط وٽس پھچي ويندو هو، ضرورت صرف درد بيان ڪرڻ جي هوندي هُئي، درمان موجود هوندو هو.
“وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾”
“اهي ئي بنيادي سبب هئا. جو سئو ڪوھہ لتاڙي حيدرآباد جھڙي مخصوص ماحول واري شھر ۾ رهندڙن جي دلين ۾ هن پنھنجي لاءِ اڻ مئي محبت پيدا ڪري ڇڏي هُئي. هڪ اخبار رپورٽ ڪندي لکيو هو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ واري جنرل سيڪريٽري پير مظھر الحق هڪ ڀيري تقرير ڪندي چيو هو تہ، “مان اليڪشن کان اڳ اليڪشن جي تياري وارو طريقه ڪار اهو ئي اختيار ڪندو رهيو آهيان. جيڪو مون نانا کي اختيار ڪندي ڏٺو.” چون ٿا تہ قاضي صاحب چونڊ وڙهڻ کان پھرين پنھنجي فيملي ميمبرن سان صلاح ڪندو هو، پوءِ دوستن ۽ پوءِ حلقه انتخاب وارن سان ۽ پوءِ سڀني جون صلاحون ٻڌي اهو ڪندو هو، جنھن کي هو صحيح ۽ درست سمجهندو هو.
منھنجو هڪ دوست، دوست محمد هاليپوٽو جيڪو پيشي جي لحاظ کان پروفيسر آهي ۽ تازو لنڊن مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي واپس آيو آهي. ان هڪ ڀيري ڪچھري ڪندي ٻُڌايو هو تہ هڪ ڏينھن اسان ڪُجهہ دوست بيچ تي پڪنڪ ڪري رهيا هُئاسين تہ اسان جي هڪ انگريز دوست سان اڌڙوٽ عمر جو هڪ پاڪستاني مليو. جنھن سان هن منھنجي واقفيت ڪرائيندي چيو تہ، Halepoto from Hyderabad Pakistan اڃا هن پنھنجو جملو پورو ئي نہ ڪيو هو تہ عمر جو اڌ حصو لنڊن ۾ گذاريندڙ ان شخص چيو تہ “حيدرآباد ئي هن کي ان منزل تي پھچايو آهي” پوءِ هن ڪچھري ڪندي ٻُڌايو هو تہ مرحوم قاضي محمد اڪبر ئي هن کي پڙهائي لکائي ان جاءِ تي رسايو هو. هن نہ صرف ملڪ ۾ سياسي طور تي پنھنجي جدا ۽ اثرانداز ٿيندڙ حيثيت مڃرائي پر سماجي طور تي ماڻھن جا ڪئين ڪم ڪري هنن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ عزت، احترام ۽ محبت جا ٻج ڇٽي ڇڏيا. محبت تہ ڇا پر مان انھن ماڻھن کي بہ پنھنجي اکين سان ڏٺو. جن هن جي محبت ۾ پنھنجي وجود ۾ وڍ وجهي ڇڏيا. نہ صرف اهو پر هن پنھنجي لاڏلي پٽ مرحوم سليم اڪبر قاضي جي سنڌ آبزرور واري خواب کان ويندي سنڌ نيوز جي اجراءُ تائين نہ صرف هڪ پيءُ جي پٽ سان رشتي وارو ساٿ نڀايو پر ڪئين راتيون اکين ۾ ڪٽي سنڌ نيوز کي سنڌ نيوز ثابت ڪري ڇڏيو. يعني، هو هڪ ئي وقت سياستڪار، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي وارو ڪردار ادا ڪندڙ هم گير شخصيت جو مالڪ هو، جنھن وٽ ڪائنات کي ڏسڻ لاءِ فقط خوبصورت خواب هُئا.
“سيئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سَفر هليا!
رئان رهن نہ سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.”
ڀٽائي جي انھن سٽن جيان سومر فقير سولنگي جو “صاحب وڏو” ۽ پاڪستان جي سياست ۾ پنھنجي جدا حيثيت رکندڙ قاضي محمد اڪبر بھار جي مند شروع ٿيڻ کان فقط ٻہ ڏينھن اڳ ھميشہ ھميشہ لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون پر هن پنھنجي گهر جي آڳنڌ ۾ جيڪي قلم هنيا هُئا اهي هينئر وڌي وڻ ٿي چُڪا آهن ۽ انھن ۾ ٽڙندڙ گل خوشبو ڏئي رهيا آهن جيستائين دليون زندھہ رهنديون. تيستائين عام طور تي سنڌ ۽ خاص طور تي حيدرآباد ۾ هن جا جيڏا من کي ھميشہ پيار ڪرڻ وارن لفظن ۾ ياد ڪندا رهندا، ڇاڪاڻ جو منھنجو ان ۾ پڪو بختو ويساھہ آهي تہ محبتون ڪڏهن بہ مرنديون نہ آهن، پر اهي روپ بدلائي ھميشہ زندھہ رهنديون آهن.
(15 فيبروري 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)