شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

مان ڇو ٿو لکان

مان ڇو ٿو لکان؟ اهو سوال گذريل ڪيترن سالن کان منھنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندو رهيو آهي ۽ مان ان سوال جو جواب خوابن، خيالن ۽ ڪتابن ۾ ڳوليندو رهيو آهيان ۽ اهو سوال شايد تڏهن کان مون کان جواب گهرندو رهيو آهي، جڏهن کان مان لکڻ شروع ڪيو هو. ان سوال جي حوالي سان منھنجي ذهن ۾ هي بہ سوال اڀرندا رهيا آهن تہ ماياڪو وسڪي، ڪامو، ڪافڪا، سارتر ڇو لکندا هئا؟ يا هو ڇو لکڻ تي مجبور ٿيندا هئا؟ يا وري اها ڪھڙي ڪيفيت هوندي هئي، جيڪا هنن کي لکڻ لاءِ اتساهيندي هئي؟ حالانڪہ لکڻ جي عيوض وقت جي منصف، مصنف کي عجيب و غريب پاداشون ڀوڳڻيون پيون آهن. جنھن جو اندازو ان مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو تہ جماليات ۾ ڊگري حاصل ڪندڙ ڏکڻ ڪوريا جي شاعر ڪم چِي ها کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، لورڪا کي قتل ڪيو ويو، عشقي جا چپ سِبيا ويا، بينجمن مولائيز ۽ فيوچڪ کي ڦاهي ڏني وئي، ابو سلميٰ کان نوڪري کسي وئي ۽ ٻيا کوڙ سارا مثال تاريخ جي ڪتابن جي صفحن تي پکڙيل آهن، پر پوءِ بہ انھن لکيو. ۽ نہ صرف لکيو پر پنھنجي پوري فني، فڪري ۽ شعوري سگهہ سان لکيو. پر پوءِ بہ مٿي ذڪر ڪيل سوال سالن جا سال منھنجو پيڇو ڪندو رهيو ۽ پوءِ مون کي پنھنجي مختصر مطالعي جي آڌار تي اهو معلوم ٿيو تہ هر ليکڪ جي لکڻ جو ڪونہ ڪو محرڪ هوندو آهي. مثال جي طور تي ناظم حڪمت شايد نہ لکي ها جيڪڏهن سندس ديس آپيشاهي ۽ بربريت جي باھہ ۾ بولاٽيون نہ کائيندو هجي ها. شايد لورڪا بہ نہ لکي ها، جيڪڏهن جنرل فرانڪو اسپين جي فطري حسن تي حملي آور نہ ٿئي ها. گلن جھڙي نازڪ ۽ معصوم دل رکندڙ خليل جبران بہ نہ لکي ها جيڪڏهن سلميٰ ڪريميءَ جي ياد سندس سوچن جي پاتال ۾ پيھجي نہ وڃي ها. روح جي اندر شديد اضطراب جي ڪيفيت رکندڙ دوستو وسڪي بہ شايد نہ لکي ها جيڪڏهن سماجي ناانصافيون سندس مشاهدي جي ذريعي سندس رڳ رڳ ۾ سمائجي نہ وڃن ها. شايد يانگ مو جو قلم بہ جنبش ۾ نہ اچي ها، جيڪڏهن ثقافتي انقلاب کان اڳ جي چين جو انسان طبقاتي ۽ سامراجي جبر جي جنڊ ۾ نہ پيسجندو هجي ها. 1504ع جي شھزادي ميران محل، ماڙيون، راجا ۽ راجڪماريون بہ شايد نہ ڇڏي ها ۽ ساڌوئن جي سنگ ۾ لڪ، لوڙها ۽ لنگهہ لتاڙي ها، جيڪڏهن ڪرشن جو مک سندس من ۾ چندرما جيان نکري نروار نہ ٿئي ها ۽ پوءِ ئي سندس من رابيل جي گلن جي هڳاءَ جھڙا لافاني گيت سرجيا، شايد رابندرناٿ ٽئگور گيتا نجلي کي سرجي نہ سگهي ها، جيڪڏهن سندس ڌرتي فرنگين جي لانگ بوٽن هيٺان چِٿجي ۽ چيڀاٽجي نہ ها ۽ بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ ۾ ابهم ۽ معصوم ٻارن جون اڀ ڏاريندڙ ڪيڪون حساس دلين کي گهائي نہ وجهن ها. هو انگلينڊ جو ڪبوترن جھڙو نازڪ هيانءُ رکندڙ ۽ سچ، سونھن ۽ سندرتا جا گيت لکندڙ شيلي شايد اڇن، اجرن ڪاڳرن تي خوبصورت خيالن جي هڪ حسين دنيا منتقل ڪري نہ سگهي ها، جيڪڏهن سندس ٻالڪپڻو غير يقيني ۽ بي چيني وارين ڪيفيتن مان نہ گذري ها.
منھنجي خيال ۾ اهي ئي اهي محرڪ هيا، جن دنيا جي انھن اعليٰ انسانن کي لکڻ تي اتساهيو ۽ پوءِ هنن جون لکڻيون پوپٽن جي پرن تي چڙهي، سڀيئي جاگرافيائي حدون اورانگهي ڪائنات جي مڙنئي اهلِ علم ۽ باشعور انسانن جي دلين تائين پھتيون ۽ سندن دلين تي ڪڏهن بہ نہ مٽجندڙ نشان ڇڏيائون ۽ اهي ئي ڪيفيتون آهن، وقت جي ڳالھہ ڪندڙ، انصاف پسند ۽ حساس دل رکندڙ مصنف سچ، سونھن ۽ سندرتا تي پنھنجون پنھنجون تخليقون سرجيون، جيڪي يقينن لافاني آهن ۽ مان سمجهان ٿو تہ انھن ڪيفيتن مان ڪنھن ڪڻي جيتري ڪائي ڪيفيت هن ڪائنات جي انيڪ ڏاهن، داناءَ ۽ سچن ليکڪن جيان منھنجي من ۾ بہ مانڌاڻ مچائيندي آهي ۽ پنھنجا ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ اثر ڇڏيندي آهي. ڇاڪاڻ جو مان بہ حساس دل انسان آهيان، جيئرو جاڳندو ۽ ساھہ کڻندڙ انسان، جيڪو ڏينھن جي روشنين ۾ گهٽ، ٻوسٽ ۽ پيٽرول جي دونھين ۾ ساھہ کڻندو آهي ۽ رات جي تاريڪ گگهہ گفائن ۾ پنھنجي آدرشي دنيا جا سپنا ڏسندو آهي ۽ سچ بہ تہ مان انھن سپنن ۾ سورج جي ڪڪوريل ڪرڻن کي پنھنجي چپن سان ڌرتيءَ کي چمندي ڏٺو آهي. رات جي راڻيءَ جي هڳاءَ بہ چوڏهينءَ جي چنڊ جون روشنيون ۽ رنگتون ڏٺيون آهن، گنگا جمنا، ٽيمس، ٿامس ۽ ڪينجهر جي لھرن تي هڪ ئي وقت چنڊ جي چھري ۾ محبوب جي مرڪ لڏندي، لمندي ۽ رقص ڪندي ڏٺي آهي. ستن ئي کنڊن ۾ بيدمشڪن جي وڻن هيٺان جوڙن کي جيون جا سُنھن کڻندي ڏٺو آهي ۽ سچ تہ مون انھن سپنن ۾ توب جي نالين ۾ پکين کي آکيرا ڪندي ڏٺو آهي ۽ منھنجي آدرشي دنيا جا اهي سندر سپنا تڏهن ٽٽي ڀور ڀور ٿي پون ٿا، جڏهن گوليءَ جي ٺڪاءَ سان نوي ڏينھن جي نياڻي حنا جو روح قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري وڃي ٿو ۽ پنھنجو روح پوپٽن جي پرن تي چڙهي جاگرافيائي سرحدون اورانگهي حنا جو رت ۾ لت پت لاش ڏسي روئي ٿو ۽ پوءِ منھنجا سپنا ڇِڄي پيل هار جي موتين جيان هڪ هڪ ٿي وکري وڃن ٿا ۽ مان ڇرڪ ڀري پنھنجي آدرشي دنيا مان اٿي پوان ٿو ۽ سوچيان ٿو تہ مون ڪھڙي دنيا جا ڪھڙا سپنا پئي ڏٺا ۽ هن دنيا ۾ منھنجو کُليل ۽ سجاڳ اکيون ڇا پيون ڏسن ؟
منھنجي سپنن واري آدرشي دنيا ۾ تہ روشنيون، رنگتون ۽ پيار ڪھاڻيون هيون، محبتون، چاهتون، سک، سلامتي ۽ امن هيو پر جاڳ جي هن دنيا ۾ تہ جاگيرداراڻو سماج آهي، ادبي غربت آهي، زندگيءَ جي هرشعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ، ٿاٻڙجندڙ، ٿڪل ۽ مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل ۽ دکي نسل آهن. پوپٽ، پيار، گل ۽ خوشبوءِ ڪابہ معنيٰ نٿيون رکن. مجبوريون، محروميون، ناڪاميون ۽ نااميديون روح کي زخمي ڪري رهيون آهن. اکين ۾ ڪاوا ٽنبي، سپنن جي آدرش جي دنيا جي ساڀيان لاءِ لکان ٿو. امن، سلامتي، سک ۽ سانت لاءِ لکان ٿو ۽ مان سمجهان ٿو تہ پنھنجي سپنن جي ساڀيان لاءِ ماياڪو وسڪي، ڪامو، ڪافڪا۽ سارتر بہ لکيو هو ۽ شايد ڪم چي ها، لورڪا، عشقي، بينجمن مولائيز، فيوچڪ ۽ ابو سلميٰ بہ ان لاءِ لکيو هو. ناظم حڪمت، خليل جبران، دوستو وسڪي، يانگ مو، ميران، ٽئگور ۽ شيلي بہ ان لاءِ ئي لکيو هو. هنن بہ اهي ئي سپنا ڏٺا هيا، هنن بہ پنھنجن سپنن ۾ اهيا ئي آدرشي دنيا ڏٺي هئي، جيڪا مان ۽ ٻيا مون جھڙا انيڪ باشعور، حساس دل ۽ اهلِ علم ليکڪ ڏسندا آهن ۽ پوءِ هو ان جي ساڀيان لاءِ لکندا آهن ۽ جڏهن مان بہ سپني ۽ جاڳ جي دنيا کي ڏسان ٿو تہ منھنجو من گهائجي پوي ٿو ۽ ڀري پوي ٿو، ڀڄي پوي ٿو ۽ پوءِ مان پنھنجي پوري سگهہ سان لکان ٿو ۽ سچ بہ تہ جيڪڏهن مون وٽ پنھنجي احساسن جو هي ذريعو نہ هجي تہ هوند مان، مان نہ رهان، مان مري وڃان،، ختم ٿي وڃان، ان ئي ڪري مان لکان ٿو. منھنجي سوال جو شايد اهو ئي جواب آهي.

(1992ع روزاني هلال پاڪستان ڪراچي)