ابراهام لنڪن (دل جي درپن ۾ کليل خط)
ان ئي رات جو ٻيو پھر هيو جو اسان ڪلھوڙن جي ٻيو ڀيرو آباد ڪرايل شھر جي ديالداس ڪلب جي آڳنڌ ۾ اميد فاضلي جو رومانوي غزل ٻڌي رهيا هئاسين. ان لمحي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺل ستارن تي جڏهن منھنجي نظر پئي تہ ماضي منھنجي اکين ۾ اڀري آيو ۽ هڪ لمحي لاءِ مون کي ڪنھن جي اکين جي زلفن جون زنجيرون پاڻ ڏي ڇڪيندي محسوس ٿيون ۽ مون سوچيو تہ “اي شاعري تو ۾ اها ڪھڙي شڪتي آهي جيڪا مون کي پنھنجو ماضي ياد ڏياري ڇڏيندي آهي. منھنجو ماضي جنھن ۾ منھنجي پريمڪا سان منھنجي رسڻ، پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ جون نہ معلوم ڪيتريون ڪھاڻيون موجود آهن.” اهو احساس ٿيندي ئي مونکي راشد جون هي سٽون پنھنجي پوري شدت سان ياد پيون.
“نقل لي لون، اصل دي ڊالون تجهي،
اپني جسم و روح مين، “مين” کي طرح پالون تجهي.”
۽ پوءِ هڪ ڏينھن ان شخص جنھن جي اکين ۾ مير ۽ ذوق جو عڪس ليئاڪا پائيندي نظر ايندو آهي، جنھن کي اڄ جي تعليم واري تاريخ سيد قيصر رضا جي نالي سان ياد ڪندي آهي ان جي مختصر مگر شاندار لائبريري کي ڏسندي مون کي ابراهام لنڪن جو هڪ خط نظر آيو.
ابراهام لنڪن جنھن 1809ع ۾ ڪينٽڪي جي هڪ ڪکائين جهڳي ۾ جنم ورتو ۽ 1864ع ۾ هن پنجونجاھہ ورهين جي ڄمار ۾ واشنگٽن جي پريزيڊنٽ هائوس ۾ لاڏاڻو ڪيو. هڪ ڪکائين جهڳي کان صدارتي محل تائين هن ڪھڙن ڪھڙن ور وڪڙ ڏيندڙ ڏکين رستن تان اهو سفر طئي ڪيو هوندو. اهو فقط اهي ئي ڄاڻي سگهن ٿا جن جي آڏو هڪ خوبصورت مقصد ۽ سيني اندر هڪ پرخلوص ۽ محبت ڪندڙ ٻاجهاري دل ڌڙڪندي آهي.
ابراهام لنڪن آمريڪا جھڙي سگهاري ۽ پاڻ ڀري ملڪ جي سورهون صدر هيو، جيڪو 1861ع کان وٺي 1865ع تائين چار ورهيہ صدر رهيو ۽ سندس انھن چئن سالن کي تاريخ جا شاگرد ھميشہ ياد ڪندا آهن. هن لاءِ ايمل لڊوگ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ “هو هڪ ڪامياب وڪيل، ماهر جرنل، بااصول سياستدان ۽ هر دلعزيز صدر مملڪت رهيو آهي.“
ابراهام لنڪن کي پنھنجي اولاد مان ٿامس لنڪن وڌيڪ عزيز هوندو هو. هن جو اهو پٽ جيڪو 1853ع ۾ ڄائو هيو ۽ ارڙهن سالن واري پيار ڪرڻ ۽ خوابن ڏسڻ واري عمر ۾ ارڙهين صدي جي ايڪهترهين سال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنھن جي وڇوڙي جو درد ھميشہ هن کي ڪنھن ڀوائتي خواب جيان ستائيندو رهيو. کيس پاڻ کان بہ وڌيڪ پياري ٿامس جو ايترو تہ اونو هوندو هيو، جو هڪ ڀيري هن سندس استاد کي هڪ خط لکيو هيو جنھن مان سندس دل جي ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ان خط ۾ لکيو هيو:
پيارا استاد محترم!
منھنجي هن پٽ کي پڙهڻو آهي. مان ڄاڻان ٿو تہ سڀئي ماڻھو درست نہ هوندا آهن ۽ نہ ئي وري سڀئي ماڻھو سچا هوندا آهن پر اوهان هن کي ٻڌايو تہ هر بدمعاش ۽ لوفر لاءِ ڪو نہ ڪو شريف بھادر بہ هوندو آهي. هر خود غرض سياستدان جي مقابلي لاءِ پاڻ ارپيندڙ جانثار اڳواڻ بہ موجود هوندو آهي.
اوهان هن کي پڙهايو تہ جتي دشمن هوندا آهن اتي دوست بہ موجود هوندا آهن. مان ڄاڻان ٿو تہ ان ۾ وقت لڳندو پر جيڪڏهن اوهان هن کي ٻڌائي سگهو تہ پوءِ ٻڌائجوس تہ محنت، مزدوري ۽ پورهئي سان ڪمايل هڪ ڊالر رستي تي پيل پنجن ڊالرن کان وڌيڪ سٺو ۽ بھتر هوندو آهي. اوهان هن کي پڙهايو تہ ڪيئن هارايو ويندو آهي ۽ ڪيئن فتح جو لطف ورتو ويندو آهي. هن جي ذهن جو رخ حسد ۽ ڪيني کان هٽائي هن کي خاموش ٽھڪ جو راز ٻڌايو. هن کي جلد کان جلد اهو ٻڌائي ڇڏيو تہ غنڊن سان مقابلو ڪري کين شڪست ڏيڻ تمام سولو ڪم آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي تہ هن کي ڪتابن جي حيرت انگيزي کان واقف ڪيو پر ان سان گڏوگڏ هن کي ڪجهہ وقت ڏيو تہ جيئن هو آسمان ۾ اڏامندڙ پکين جي ازلي راز، آسمان ۾ اڏامندڙ ماکي جي مکين ۽ پھاڙن جي اونچائين تي ٽڙندڙ گلن تي سوچي سگهي.
اوهان اسڪول ۾ ئي هن کي پڙهايو تہ ڪاپي ڪرڻ جي مقابلي ۾ ناپاس ٿي وڃڻ وڌيڪ عزت وارو اعزاز آهي. هن کي ٻڌايو تہ هن کي پنھنجو پاڻ تي يقين رکڻ گهرجي پوءِ ڇو نہ ٻيا سڀئي هن جي خيالن کي غلط سمجهندا هجن. هن کي ٻڌايو تہ نرم مزاج ماڻھو سان نرمي سان ۽ سخت مزاج ماڻھو سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي. اوهان اها ڪوشش ڪيو تہ جيئن منھنجي پٽ ۾ اها سگهہ پيدا ٿي سگهي تہ جيئن هو لڪير جو فقير نہ ٿئي يا ماڻھن جي وهندڙ سمنڊ ۾ شامل نہ ٿي وڃي پر هن کي ٻڌايو تہ هو هر ماڻھو جي ڳالھہ ضرور ٻڌي پر اها ڳالھہ هن جي ذهن جي پردي مان ڇنڊ جي ڇاڻجي فقط حقيقت تي ٻڌل ۽ سٺي ڳالھہ ئي هن جي ذهن تائين پھچي سگهي.
جيڪڏهن اوهان هن کي پڙهائي سگهو ٿا تہ اهو پڙهايو تہ ڏکن ۾ ڪيئن مسڪرايو ويندو آهي ۽ هن کي ٻڌايو تہ ڳوڙهن ڳڙڻ ۾ ڪا بہ شرم جي ڳالھہ نہ هوندي آهي. هو بدمزاج ماڻھن جي طنز ۽ خوشامدي ماڻھن کان بچي. هن کي ٻڌايو تہ هو پنھنجي ذهن ۽ روح کي فقط اعليٰ تصورات وٽ ئي وڪرو ڪري پر ان جو اهو هرگز مطلب نہ آهي تہ ڪو هو پنھنجي دل ۽ روح جو ڪو ملھہ مقرر ڪري ڇڏي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو پنھنجا ڪن هجوم لاءِ بند ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏهن هو سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ پوءِ هن کي ڄمي مقابلو ڪرڻ گهرجي.
اوهان هن سان نرمي سان پيش اچو پر تمام گهڻي نرمي بہ نہ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو سون تپجڻ کانپوءِ ئي قندن ٿي سگهندو آهي. هن ۾ خبر هئڻ جي همٿ هئڻ گهرجي ۽ هن ۾ بھادري جو صبر بہ هئڻ گهرجي. هن کي گهرجي تہ هو پنھنجو پاڻ ۾ بلند يقين رکي، ڇاڪاڻ جو پوءِ ئي هو ھميشہ انسانيت جي بُلندي ۾ يقين رکي سگهندو.
اهو سڀ ڪجهہ هڪ وڏو ۽ عظيم ڪم آهي پر اوهان اهو ڏسو تہ اوهان ان مان ڇا ڇا ڪري سگهو ٿا. منھنجو پٽ ڏاڍو سلڇڻو، سٻاجهڙو ۽ سھڻو نينگر آهي.
ڪاش؟! اهو خط فقط ڪاٺ جي ڪٻٽ جي لائبريري ۾ نہ پر اسان جي دل جي درپن ۾ ھميشہ کليل رهي.
(11 مارچ 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)