فرات جنھن مان پڇتاءُ جو پاڻي وهي ٿو
“محرم موٽي آيو، آيا تان نہ امام،
مديني جا ڄام، موليٰ مونسين ميڙيئين.”
مون جڏهن اسلام جي تاريخ جي ڪتاب ۾ ڪربلا جي واقعي واري باب ۾ جڳ مشھور جرمن ڏاهي آر اين ولسن جا هي جملا پڙهيا تہ، “جيئن تيز ۽ سخت اونداهيءَ جو زور جبل سان ٽڪرائڻ شرط ختم ٿي وڃي ٿو، تيئن عرب جي هاشمي خاندان ۾ حضرت علي عہ جھڙي بھادر جي شجاعت جي سامھون وڏن وڏن بھادرن جي بھادريءَ جو خاتمو ٿي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ڪوبہ شڪ نہ آهي تہ عرب جي تاريخ حضرت علي عہ جھڙا بھادر پيدا ڪري نہ سگهي، پر سندن ننڍي فرزند حضرت حسين عليہ السلام جنھن جي مصيبت ۾ دنيا جي وڏي حصي جا مسلمان اڄ ڏينھن تائين روئندا رهن ٿا، عاشور جي ڏينھن اهي بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريا جو سندس بھادري هڪ نہ پر ڪيترن ئي نمونن ۾ حضرت علي عہ جي بھادريءَ کان وڌي وئي.
انھن جملن جي آخري سٽن ۾ جرمن جو هي پڙهيو چوي ٿو تہ، “دنيا ۾ ڪنھن بہ بھادر اهڙي بي سرو سامان غم ۽ الم جي عالم ۽ بک ۽ اڃ جي لا انتھا تڪليف هوندي ايڏي وڏي فوج جو مقابلو عربستان جي سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ نہ ڪيو ۽ نہ ڪري سگهيو ٿي، جيئن حسين عہ ڪيو.”
عربستان جي سرزمين تي اڃ، بک ۽ تتل ڌرتيءَ تي پنھنجي چند جانثارن سان گڏجي سچ ۽ حق جي جنگ لڙندڙ حسين عہ اِبنِ علي عہ کي تاريخ جي اکين ڏٺو تہ هن نازن پلئي سن 60 هجريءَ جي 28 رجب المرجب واري ڏينھن مديني کان سفر شروع ڪيو، هرهڪ ضرورت جي موافق درهم ۽ دينار کنيائون، پنھنجي حرمن محترمن جي لاءِ محملون تيار ڪرايائون ۽ پوءِ جڏهن سج غروب ٿيو تہ حسين عہ اِبنِ علي عہ مديني جي بني هاشم محلي مان اٺ پلاڻي سفر تي اسھيو. سندس مقدس هٿن آخري ڀيرو پنھنجي ناني جي قبر کي الواع ڪيو ۽ ڪيڏاري جي سرجڻھار چيو :
“چنڊ وهاڻي چڙهيا، ملھہ مدينئا مير،
ان سين طبل، باز، تبرون، ڪنڌ ڪٽارا ڪير،
علي پٽ امير، ڪندا راڙو رڪ سين.”
امام پاڪ جو پنھنجي رفقاءِ سان گڏ هي مختصر قافلو پھريائين منزل ابطح پوءِ منزل تنعيم-صفاح-وادي عتيق-وادي صفراء-ذات عرق-الحاجز – فيد - اجفر - خزيميہ - شقوق-زرود-ثعلبيہ-زبالہ-القاع-بطن عقبہ -شراف-دو حسم (حر سان ملاقات)-بيضہ-قطقطانيہ-قصر بني-مقاتل-نينويٰ-پھتا تہ:
پاڻ سن 61 هجريءَ جي پھرئين مھيني محرم جي پھرين تاريخ جو چنڊ ڏٺائون، اڄ بہ پھرين محرم جو چنڊ ڪائنات ۾ درد جي الم جيان اڀرندو آهي ۽ هر شيءَ کي پنھنجي ڏک جي دامن ۾ سموئي ڇڏيندو آهي. تڏهن تہ ٽي سئو سال اڳ ڀٽائيءَ چيو هو:
“ڏٺو محرم ماھہ، سنڪو شھزادن ٿيو،
ڄاڻي هڪ ﷲ، پاڻ وڻنديون جو ڪري.”
۽ پوءِ تاريخ لکي ٿي تہ پاڻ اهارات منزل شرف تي گذاري، صبح جو سوير روانا ٿيا، جڏهن اڌ ڏينھن تائين هلندا رهيا تہ ڪنھن ساٿي ﷲ اڪبر جي صدا بلند ڪئي، پاڻ بہ تڪبير چيائون ۽ پوءِ پاڻ تڪبير هڻندڙ شخص کان تڪبير هڻڻ جو سبب پڇيائون تہ هن ورندي ڏني تہ کيس پري کان کجين جا وڻ نظر اچي رهيا آهن ۽ پوءِ پاڻ سڀني کي ان طرف ڏسڻ لاءِ چيائون تہ سڀني چيو خدا جو قسم اسان کي تہ گهوڙن جون ڳچيون نظر اچي رهيون آهن، پوءِ پاڻ اڃان اتي خيما کوڙيائون تہ هڪ هزار جو لشڪر اچي ساڻن مدمقابل ٿيو، حضرت جن جڏهن حر جي لشڪر کي پياسو ڏٺو تہ حڪم ڪيائون تہ هنن کي پاڻي پياريو وڃي، اهڙيءَ طرح فوج ۽ گهوڙن کي پاڻي پياريو ويو ۽ حر، حضرت امام حسين عليہ السلام جي سامھون بيٺو رهيو، ايسيتائين جو ظھر جي نماز جو وقت اچي ويو، پاڻ نماز ادا ڪيائون ۽ تاريخ لکيو تہ حر بہ سندن امامت ۾ نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ پنھنجي جاءِ ڏي هليا ويا، پوءِ پاڻ نماز عصر پڙهي قافلي کي هلڻ لاءِ تياريءَ ڪرڻ جو حڪم ڏنائون تہ حر ورندي ڏني تہ، “مونکي حڪم ڪيو ويو آهي تہ جڏهن آئون اوهان سان ملاقات ڪريان تہ اوهان کان پري نہ ٿيان ۽ اوهان کي ڪوفي وٺي اچان.” ۽ پوءِ امام پاڪ پنھنجي قافلي کي واپس هلڻ لا چيو ۽ وري بہ حر مداخلت ڪئي، جنھن تي پاڻ کيس چيائون تہ، “تون ڇا ٿو چاهين؟” حر چيو تہ، “اوهان کي امير عبيدﷲ وٽ وٺي هلان” پوءِ پاڻ فرمايائون تہ، “خدا جو قسم آءُ ڪڏهن بہ تنھنجي پٺيان نہ هلندس” اهو تڪرار جاري هيو تہ حر ساڻن مخاطب ٿيندي چيو تہ، “مون کي اوهان سان جنگ ڪرڻ جو حڪم نہ مليو آهي، مون کي تہ فقط ايترو حڪم آهي تہ اوهان کان پري نہ رهان ۽ اوهان کي ڪوفي وٺي هلان پر اوهان انڪار ڪيو ٿا تہ پوءِ اهڙو رستو اختيار ڪيو، جيڪو اوهان کي نہ ڪوفي وٺي وڃي ۽ نہ مديني، جيڪو منھنجي ۽ اوهان جي درميان منصفانہ هجي، ايسيتائين جو آئون امير عبيدﷲ کي خط لکان، شايد ڪو خدا اهڙو طريقو ٻڌائي وٺي تہ مون کي عافيت بخشي، جو آءُ اوهان جي معاملي ۾ دخل نہ ڏيان، اوهان عذيب ۽ قادسيہ جي کاٻي طرف هليا وڃو.” اهڙي طرح حضرت امام حسين عليہ السلام هلندا رهيا ۽ حر بہ ساڻن هلندو رهيو، جڏهن پاڻ قصر بني مقاتل تائين پھتا ۽ اتي قيام ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رات جو آخري پھر آيو تہ پاڻ پاڻي ڀري هلڻ لاءِ چيائون ۽ پوءِ جڏهن صبح جو وقت ٿيو تہ پاڻ پنھنجي گهوڙي تان لٿا، نماز پڙهيائون ۽ پوءِ وري سوار ٿي کاٻي طرف هلڻ لڳا، پاڻ چاهيندا هئا تہ جيئن هو حر جي لشڪر کان الڳ ٿي وڃن پر حر آيو ٿي ۽ امام پاڪ جي قافلي کي ڪوفي جي طرف موٽائي ٿي ڇڏيائين، جڏهن هو سختيءَ سان ڪوفي جي طرف هلڻ لاءِ چوندو هو تہ پاڻ انڪار ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انھيءَ کاٻي طرف وڌندا ٿي رهيا جو هڪ اهڙو مقام آيو جو سندن گهوڙي اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ پاڻ گهوڙي تان لٿا ۽ ڪنھن شخص کان پڇيائون تہ، “هن زمين کي ڇا چوندا آهن؟” هن ورندي ڏني تہ “هن علائقي کي نينوا چوندا آهن.” اتي موجود ڪنھن ٻئي شخص چيو تہ، “هن علائقي کي ڪربلا بہ چوندا آهن، هي ڏاڍو مصيبتن وارو علائقو آهي.” اهو ٻڌندي ئي پاڻ پنھنجي قافلي کي اتي ئي خيما کوڙڻ جو حڪم ڏنائون :
“ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،
جهيڙو يزيد سامھون، جنبي جوڙيائون،
منھن نہ موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.”
۽ 61 هجري سن جي محرم مھيني جي ان ٽين تاريخ تي ڪربلا جي زمين سٺ هزار درهمن ۾ خريد ڪري. فرات نديءَ جي ڪناري تي خيما نصب ڪيائون پر حر جي مزاحمت تي حضرت عباس علمبردارعه جھڙي بھادر ۽ هم شڪل پيغمبر حضرت علي اڪبر عہ پنھنجي جذبات تي قابو پائيندي پنھنجي قافلي جي سالار جي حڪم تي لبيڪ چوندي لڳل خيما کولي فرات کان پري وڃي نصب ڪيا. هاڻي ڪوفين جا ڪٽڪ ڪربلا پھچڻ شروع ٿي ويا، چوٿين محرم تائين هڪ هزار فوج پھچي چڪي هئي. پنجين محرم تي شبث ابنِ ربعي کي چار هزار، سنان ابنِ انس کي ڏھہ هزار جو لشڪر ڏئي، ڪربلا روانو ڪيو ويو، ڇھين محرم تي خولي ابنِ يزيد اصبھي کي ڏھہ هزار، ڪعب ابنِ المحد کي ٽي هزار، حجاج ابنِ حر کي هڪ هزار جو لشڪر ڏئي ڪربلا روانو ڪيو ويو، ان کان پوءِ ڪيئي ننڍا وڏا لشڪر روانا ڪرڻ کان پوءِ ابنِ زياد، اِبنِ سعد کي لکيو تہ هيسيتائين تہ توکي گهرجي تہ تون بنا ڪنھن وقت وڃائڻ جي امام حسين عہ کي قتل ڪري ڇڏ.
ڪير چوي يا نہ چوي مگر مورخ چون ٿا، انھن ڏينھن تي خولي ابنِ يزيد ابنِ زياد ٻي روايت ۾ شمر بن ذوالجو شن کي هڪ خط لکيو، جنھن ۾ هن عمر ابنِ سعد لاءِ لکيو تہ هو امام حسين عليہ السلام سان لڪي ملندو آهي ۽ ساڻس ڳالھہ ٻولھہ ڪندو آهي. اهو خط ملندي ئي ابنِ زياد عمر ابنِ سعد کي موٽ ۾ لکيو تہ، “مون کي تنھنجي سڀني حرڪتن جي خبر پئجي وئي آهي، تون هن خط ملڻ شرط امام حسين عليہ السلام جو پاڻي بند ڪري ڇڏ ۽ هن لاءِ زندگي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.”
۽ پوءِ ستين محرم تي سيدن جو پاڻي بند ڪيو ويو، سيدن ستين محرم کان فقط پنج ڏينھن پھريان پاڻي بند ڪندڙن جي لشڪر جي نہ صرف فردن مگر جانورن لاءِ پنھنجي مشڪن جون ڳنڍيون کولي ڇڏيون هيون. حضرت عباسعه کي حڪم ڪيو ويو هيو تہ حر جي گهوڙن جي اڳيان ان وقت تائين پاڻي نہ کنيو وڃي، جيسيتائين هو مڪمل سيراب ٿي نٿا وڃن. ان ڳالھہ جو خاص خيال رکيو وڃي تہ گهوڙا ڪجهہ پاڻي پيئڻ کان پوءِ پاڻيءَ مان منھن ڪڍي وٺندا آهن، اوهان اهو نہ سمجهجو تہ انھن پاڻي پي بس ڪيو آهي، وري هنن جي اڳيان پاڻي رکي ڇڏجو ۽ فقط پنج ڏينھن کان پوءِ انھن ئي لشڪرين سيدن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو.
۽ ها هاڻي اوهان هڪڙي لمحي لاءِ تصور ڪريو تہ ڪربلا جي رتيلي زمين جي مٿان سج پنھنجي پوري شباب ۾ چمڪي رهيو آهي، ڌرتي تپي ٽامو ٿي وئي آهي، بقول علامہ اسفائنيءَ جي تہ سيدن جا خيما فرات نديءَ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهن. ٻارڙن، ٻڍڙن ۽ سيدزادين جي هن ننڍڙي مختصر قافلي جي مقابلي ۾ اسي هزار جي فوج ننگين تلوارن سان بيٺي آهي ۽ عمر ابنِ حجاج کي پنج سئو سوارن سان ان نديءَ تي فقط ان لاءِ بيھاريو ويو آهي تہ جيئن اتان سيدن جي خيمن طرف پاڻيءَ جو هڪ قطرو بہ نہ وڃي سگهي ۽ پوءِ تاريخ جا ڪتاب شاهد آهن تہ حجر کي چئن هزارن جو لشڪر ڏئي ۽ شبث ابنِ ربعي کي هڪ هزار جو لشڪر ڏئي، پاڻيءَ تي بيٺل پھريدارن جي مدد لاءِ موڪليو ويو ۽ ها! ان ڪري مون کي ھميشہ ستين محرم جو ڏينھن ڏاڍو عجيب لڳندو آهي تہ جڏهن اڄ کان تيرنھن سئو ايڪونجاھہ ورهيه اڳ فرات تان ڪِوِلين کان وٺي پکين پرندن تائين سڀني کي سيراب ٿيڻ جي اجازت هئي، مگر جي ڪير اهو پاڻي نہ پئي پي سگهيو تہ اهو فقط آلِ محمد صہ جو گهراڻو هيو ۽ ها، ان ڏينھن تي انھن خيمن ۾ ڇھن مھينن جو هڪڙو ننڍڙو کيرپياڪ ٻارڙو بہ هيو، تاريخ جنھن کي علي اصغرعه جي نالي سان ياد ڪري ٿي، پاڻيءَ بنا ان جي ڪھڙي ڪيفيت هوندي! اهو فقط ڪا دردمند ماءُ ئي ٻڌائي سگهي ٿي، جنھن جي سيني ۾ ماءُ جي دل ڌڙڪندي هجي، جو سج جيئن جيئن پنھنجي تيز رفتاري سان ڊڪڻ شروع ڪري ٿو تيئن تيئن خيمن مان پاڻي ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن سج اولھہ تي پنھنجا ڳاڙها عڪس ۽ اولڙا ڇڏي لھي ٿو تہ سيدن جي خيمن مان العطش العطش جون صدائون بلند ٿين ٿيون ۽ ان ڪري مان چوان ٿو تہ ستين محرم جو ڏينھن تاريخ جو ڏاڍو عجيب غمزدہ ۽ اداس ڏينھن هوندو آهي.
(15 مئي 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)