شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪھاڻيڪار، شاعر، ڪالم نويس سيد زوار نقوي (مظھر “امر”)

“تون اڪيلو تہ ناهين،
رڃ جي هن سفر ۾،
سڃ جي هن سفر ۾،
ڪيئي جوانيون لڙهي ئي وڃن ٿيون،
هر دور جي بروٽس جو خنجر،
سيزر جھڙو سينو ٿو ڳولھي،
۽ ماڪ جي ڪٽوري ۾ ڪوئي،
زهر جو ڍڪ ڍڪ اوتي پيئي ٿو،
تون اڪيلو تہ ناهين درد جي شام ۾،
ڍڪ ڍڪ جام ۾،
ڪافر دلين کي ڀلا ڪير گهوري،
هرڪو وڃي ٿو فنا جي قبر ۾،
انا جي قبر ۾
تون اڪيلو تہ ناهين گلا جي گهٽين ۾،
تھمتن جي سنگباري،
ائين ئي تہ ٿيندي،
۽ ٿيندي ئي رهندي،
تون اڪيلو تہ ناهين،
تون اڪيلو تہ ناهين.”

اهي سٽون مون سيد زوار نقويءَ لاءِ لکيون آهن، جنھن جي سيني ۾ هڪ معصوم دل ڦٿڪندي رهندي آهي، جنھن کي اسان جي پياري دوست نصير مرزا روم شھر جي گهٽين ۾ وڃائجي ويل شھزادي جي روپ ۾ ڏٺو، روم شھر ۾ هڪڙو سيزر بہ هئو، جنھن سان سندس دوست بروٽس بيوفائي ڪئي، سيد زوار نقويءَ جو پورٽريٽ ڇا آهي؟ هڪ اداس وڻ جي ڇانو. ڪا وڃايل پروڪي سار، هوا ۾ گم ٿي ويل هڪ مرڪ، پنھنجي جهوليءَ ۾ تنھائيءَ کي سانڍيندي هي ڇا سوچيندو آ، دوستي ڇا آهي ؟ اها جنھن جي افلاطون تشريح ڪئي يا منافقين جي لباس ۾ ويڙهيل ڪو خنجر؟ ڪڏهن ڪنھن ماڪ کان پڇيو آ تہ تون گلن جو مک تہ اگهاريندي آهين پر ڪنڊا توکي ڇو وڻندا آهن ؟
اهڙيءَ ريت ڪنھن ڪڏهن زوار نقويءَ کان بہ اهو ڪونہ پڇيو آهي تہ يار توکي خبر هوندي آهي تہ فلاڻو شخص جيڪو تنھنجي دوست هجڻ جي دعويٰ ڪندو آهي سو تہ مھا منافق آهي، تڏهن بہ تون کيس عزت ڇو ڏيندو آهين؟ چنڊ گٽر جي مٿان بہ چمڪندو آهي تہ چشمي جي مٿان بہ، چنڊ کي ڪھڙي خبر تہ مان ڪٿي بيٺو آهيان، زوار نقويءَ جي دوستن جو هڪ وڏو حلقو آهي، پر انھن مان چند اهڙا آهن جن سندس دل ۾ جهاتي پائي، ان معصوم شخص کي سڃاڻي ورتو آهي، جيڪو تنھائيءَ ۾ پنھنجي اداسيءَ تي بہ کلي ويھندو آهي.
زوار نقوي پنھنجي ذات ۾ هڪ گهرو سمنڊ آهي پر مون کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ هن جيترو قلمي پورهيو ڪيو آهي، کيس اوتري موٽ نہ ملي آهي، جيئن سياستدان پنھنجي مخلص ڪارڪن سان ڌوڪي بازي ڪندا آهن، تيئن ادب جي دنيا ۾ پڻ اسان جا ڪي اديب اهو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ هن وقت تائين جيڪو اسان جي جهونن اديبن جو ڪردار رهيو آهي، انھيءَ مان نئين ٽھي قطعي طور مطمئن ناهي، ڇاڪان تہ انھن محترمن ادب کي مصلحت پسنديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن جو وڏي ۾ وڏو اثر نئين ٽھيءَ جي ليکڪن تي پيو، جيڪي اشوز هوندي بہ تحريڪ ۾ اچڻ لاءِ تيار نہ ٿيا، نتيجو اهو ٿيو جو پراڻا گسيل رڪارڊ، پراڻن سياستدانن جيان اسان تي مڙهجي ويا، ادبي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، اسان جا محترم جيڪي ڪنھن دور ۾ انقلابي ڳالھيون ڪندا هئا، انھيءَ پسمنظر ۾ نثر توڙي نظم تحرير ڪندا هئا، سي عھدن جي چڪر ۾ مصروف ٿي ويا. اهڙي ريت انھن نہ صرف ادبي بي ايماني ڪئي پر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت نئين ٽھيءَ جي ليکڪن کي پڻ پوئتي ڌڪيو، نتيجي ۾ ادب جي ٻيڙي ٻڏي وئي، پر اسان جا محترم تري ويا، نوجوان ليکڪن جيڪو لکيو، انھن جي ڪنھن بہ همت افزائي نہ ڪئي. جنھن جي ڪري انھن لکڻين جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.
جڏهن تہ محترم پنھنجو قد وڌائڻ لاءِ هر ميڙاڪي، هر فنڪشن ۾ اهو چوندا رهيا تہ ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ ۾ سٺو ادب سرجي نہ سگهيو آهي، تاج جويي کان زوار نقويءَ تائين، زوار نقويءَ کان اياز گل ۽ ادل سومري تائين، ادل سومري کان وسيم سومري، احمد سولنگي ۽ حسن درس تائين، اهي سڀ ليکڪ ۽ شاعر ڪيڏانھن ويا ؟ ڇا انھن ڪجهہ تحرير نہ ڪيو؟ جڏهن تہ مان دعويٰ سان چوان ٿو انھن سڀني جون لکڻيون انھن ڪامورن اديبن کان گهڻيون مضبوط آهن ، جن جا ٻئي پير قبر ۾ ۽ هٿ ڪرسين ۾ آهن، پوءِ ڪي ڪنھن ڪرسيءَ ۾ هٿ وجهيو ويٺا آهن تہ ڪي سنڌي ادب، علم ۽ ٻوليءَ جي واڌاري جا مالڪ ٿيو ويٺا آهن. اهو غلط رواج ڄاڻي واڻي وڌو ويو آهي ۽ حڪومت کي اهو احساس ڏياريو ويو آهي تہ سنڌ ۾ادب جي خدمت ڪندڙ صرف هي آهن. جيڪڏهن هي هتان هليا ويا تہ چرخو هلڻ ڇڏي ڏيندو. نتيجي ۾ رٽائرڊ ماڻھو اعليٰ عملدارن جي درن جا چڪر هڻي ايڪسٽينشن وٺي وري بہ اسان جي مٿان مسلط آهن. جيڪي نہ صرف ادبي حوالي سان کوکلا آهن پر عمر جو ڪافي حصو گهارڻ ڪري انھن مان خوداعتمادي ۽ ڊسيشن پاور پڻ ختم ٿي ويو ، اهڙي حالت ۾ اهي آرام ڪرڻ واري عمر ۾ ڪھڙو ڪم سرانجام ڏيندا ۽ نتيجو سڀني جي سامھون آهي. ٿيڻ ائين گهرجي تہ نوجوان ليکڪن کي اڳيان آندو وڃي. جيڪڏهن سچائيءَ سان اڄ بہ انھيءَ صلاح تي عمل ڪيو وڃي تہ اسان وڃايل وقت جو ڪفارو ادا ڪري سگهون ٿا انھيءَ ڏس ۾ مون ڪجهہ ڏينھن اڳ سنڌ جي سخن شناس وزير اعليٰ سيد عبدﷲ شاھہ کي گذارش ڪئي هئي تہ سنڌ جي بيروزگار ليکڪن کي روزگار ڏنو وڃي تہ انھيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي ٻي ڪائي خدمت نہ ٿيندي ڇوتہ انھيءَ سان نہ صرف سنڌ جو ادب مضبوط ۽ سگهارو ٿيندو بلڪہ نوجوان ليکڪ مالي مشڪلاتن جو حل هجڻ ڪري عالمي ادب پڻ چڱيءَ ريت پڙهي سگهندا، نتيجي ۾ اسان جو ادب پڻ سگهارو ۽ مضبوط ٿيندو، جيڪو ديوارِ چين جو ڪم ڏيندو. انھيءَ تي جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان غور ڪيو وڃي تہ رزلٽ جلدي سامھون اچي ويندي، اسان وٽ نوجوان باصلاحيت ليکڪ موجود آهن پر انھن کي صحيح موٽ ڏني ئي نہ وئي آهي. انعام شيخ کان سيد زوار نقويءَ تائين، ڊاڪٽر محمود مغل کان رشيد راڄڙ تائين ۽ ٻين هڏ ڏوکي ليکڪن کي جيڪڏهن ذميواريون سونپيون وڃن تہ ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ اهي پنھنجي بي پناھہ صلاحيتن سان سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيندا، نتيجي ۾ سٺا ڪتاب، بين الاقوامي ادب جا ترجما ۽ اهڙا ٻيا کوڙ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملندا. هڪ ڳالھہ واضح آهي تہ جيڪڏهن تاج جويو هڪ پروفيشنل اخباري اداري ۾ بڪ ڪلب نالي هڪ پليٽ فارم تان معياري ادب ڏئي سگهي ٿو تہ اسان جا محترم وڏن ادارن ۾ رهندي اهو ڪم سرانجام ڇو نٿا ڏئي سگهن.
ثابت ٿيو تہ صحيح دڳ طئي نہ ٿي رهيو آهي. هڪڙو مخصوص حلقو آهي، جنھن کي گاڏي گهرجي، ٺٺ ٺانگر گهرجن، ادب ٻڏي يا تري، پرواھہ ناهي، ڪرسي بچائڻي آهي تہ جان جي پرواھہ بہ نہ ڪبي، “چمڙي جائي مگر دمڙي نہ جائي” واري ڪاروباري ترقيءَ تي ڀرپور عمل ڪيو.
منھنجو هن وقت اهو سوال آهي تہ ڇا علي بابا ڪنھن اداري جو سيڪريٽري نٿو ٿي سگهي ڇا؟ پر ڇو ٿئي، سچو کرو ماڻھو آ، ڪونہ ٿيندو. يونيورسٽيءَ جو ڪو لائق ماڻھو جيڪڏهن وائيس چانسلر ٿئي تہ سٺو يا ڪو اِبن الوقت سياسي سفارش تي اسان تي مسلط ڪيو وڃي تہ بھتر ٿيندو؟ جيڪو ماڻھن جون حقارتون برداشت ڪندو پر ڪرسي اصل نہ ڇڏيندو! افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان جو سمورو سرشتو ائين ئي هلي رهيو آهي.
جيڪڏهن حڪومت واقعي ڪجهہ سڌارا چاهي ٿي تہ ان کي هنن مسئلن ڏانھن پڻ سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پوندو نہ تہ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ گلا ئي هوندي. جيڪي رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ ايڪسٽينشن وٺي ويٺا آهن، چرخو پيو هلي واري ڪار لڳي پئي آهي.
مان جڏهن علي بابا ۽ انھن رٽائرڊ محترمن کي ڏسندو آهيان، تہ جيون ٻير جي ڊينگهري جيان لڳندو اٿم، هڪڙا ماڻھو جيڪي ڪجهہ بہ ناهن، جيڪي سطحي آهن، سي مالڪ لڳا پيا آهن پر علي بابا کان وٺي نوجوان ليکڪن تائين آدرشِي ماڻھو پنھنجي گناهن جي صليب تي لٽڪي رهيا آهن، خبرناهي جزا ۽ سزا جو ڏينھن ڪھڙو ٿيندو؟ سونھن ڪنھن جي ڪک مان جنم وٺندي؟ خوابن جي نيلامي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڪوئي تہ جواب ڏئي؟ ڪوئي تہ ماڻڪ جي ناول “لڙهندڙ نسل” جو مھاڳ ٿي پوي.؟

(30 ڊسمبر 1995ع روزاني عوامي آواز ڪراچي)