ظفر حسن (بھار جا پڇاڙڪا پھر)
“جر تي ڦوٽو جيئن، لھرن لڳي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينھڙو.”
اڄ جڏهن وڻن مان پيلا پن ڇڻي رهيا آهن، جيڪي اداس موسمن جا اکين ڏٺا شاهد ۽ درد ڀريل دلين جا درد خوان هوندا آهن. (ٽڙڻ جا ڏينھن آيا، اسان ڇڻيا آهيون.)
لڳ ڀڳ اڌ صدي پنھنجي اکين ۾ پنھنجي اصولن جي ساڀيان جا سپنا ڏسندڙ سيد گهراڻي جو اهو شھزادو هيءُ روءِ زمين ڇڏي هليو ويو پر پنھنجي آدرشن تان نہ هٽيو. هن درد جو هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو پر نہ ڪٿي ٿڪو ۽ نہ ڪٿي ٽُٽو، جيڪو سچ سمجهائين ان تي بيھي رهيو ۽ پوءِ هڪ پل لاءِ بہ پوئتي نہ هٽيو.
هن جي من ۾ ڇا هو؟ پنھنجي ڪھاڻين جھڙي ڪائنات! جيڪا هن جي اکين، هٿن ۽ دل جيان صاف هجي، جنھن جو ماڻھو سڳنڌ کڻي سگهي. پر ڇا ڪڏهن آکاڻيون بہ حقيقت ٿي سگهيون آهن؟ هر ماڻھو پنھنجي اندر ۾ هڪ درد کڻي زندھہ رهي ٿو. (درد جنھن جي هڪ جدا آکاڻي هوندي آهي.)
“دک جو ناهي ڪو دنگ،
جيون ڄڻ ڪاريھر جو ڏنگ.”
پر هن جي دل ۾ ڪھڙو درد هو، جنھن هن کي زندھہ رهڻ نہ ڏبنو ۽ ڪنڊو بڻجي هن جي هيانءُ ۾ چڀندو رهيو، هو پنھنجي ڇهري ۽ مٿي جي وارن جيان روح ۾ بہ اڇو اجرو هوندو هو. سچ جھڙو Gracefull تڏهن تہ هو هن ڪائنات کي پڻ ايترو ئي خوبصورت، حسين ۽ دلڪش ڏسڻ چاهيندو هو ۽ اها ئي سندس خواهش هُئي، جنھن جي ساڀيان لاءِ هن پنھنجي زندگي جا اصول ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ هو زندگي جي آخري لمحي تائين انھن تي بيٺو رهيو ۽ انھن جي ساڀيان نہ ٿيڻ جو درد اهو درد هو، جيڪو کيس اندر ئي اندر ۾ اڏوهي جيان کائيندو ٿي رهيو ۽ آخر هڪ ڏينھن هن جو انت اچي ويو.
علي قاضي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو تہ، “وڏا ماڻھو اهي آهن جيڪي پنھنجي مرڻ کان پوءِ بہ گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ سالن تائين زندہ رهن” ۽ مان سمجهان ٿو تہ ظفر حسن پنھنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو سالن تائين زندہ رهندو. ڇاڪان جو هو وڏو ماڻھو هو ۽ ياد رهي تہ وڏا ماڻھو مرندا ناهن.
(13 مارچ 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)